انٽرويو

پي پي ڪومت جڏھن بھ اقتدار ۾ ايندي آھي ته لاڙڪاڻي جي عوام جي خدمت ڪندي آھي

لاڙڪاڻي مان بشير سيال
lrk irshad ali dasti interwio picsلاڙڪاڻو(ڳالھھ ٻولھھ: بشير سيال) پپيپلز پارٽي جي حڪومت جڏھن بھ اقتدار ۾ ايندي آھي تھ ھتان جي عوام جي خدمت ڪئي ويندي آھي ۽ ملڪ مان غربت کي ختم ڪرڻ جو نعرو ھڻندي آھي ۽ حقدارن کي حق ڏنا ويندا آھن. اھڙن خيالن جو اظھارسنڌ فرينڊس ويلفيئر آرگنائيزيشن سنڌ جي صوبائي چيئرمين ارشاد علي دستي ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو. ھن چيو تھ صدر پاڪستان آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ڪوششن سان لاڙڪاڻي ضلعي کي ھڪ ماڊل سٽي بڻايو پيو وڃي ۽ ترقياتي ڪمن جا ڄار وڇايو ويو آھي جلد ترقياتي ڪم مڪمل ٿي ويندا جنھن سان لاڙڪاڻو خوبصورت نظر ايندو. ھن چيو تھ صدر آصف علي زرداري جي ڪوشش آھي تھ ھتان جي غريب ماڻھن کي اٽو، لٽو ۽ اجھو ڏنو ويندو ۽ ضلعي مان بيروزگاري ختم ڪئي ويندي جلد بيروزگار نوجوانن کي وڌيڪ روزگار بھ مھيا ڪيو ويندو. فريال ٽالپر جي ڪوشش آھي تھ لاڙڪاڻي ضلعي کي بدامني کان پاڪ ڪيو ويندو ۽ ھتي ايماندار آفيسر مقرر ڪيا ويا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي ۾ ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ اتحادين سان گڏجي وڏي ۾ وڏي سوڀ ماڻيندي. ھن چيو تھ محترمھ شھيد راڻي جي قربانين کي اسان نھ وساري سگھنداسين ۽ ھن جي ڏنل واٽ کي اڳتي ھلائينداسين ۽ عوام جي ڀرپور خدمت ڪندا رھنداسين.ارشاد دستي وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تھ حاجي الطاف حسين انڙ جو پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪرڻ سان پارٽيءَ ۾ نئون ساھھ وڌو ويو آھي جنھن سان پيپلز پارٽي اڃان بھ وڌيڪ مظبوط ٿي آھي جنھن سان پيپلز پارٽي اليڪشن ۾ لاڙڪاڻو ضلعو اڪثريت سان کٽي سوڀاري ٿيندي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button