مختصر خبرون

پيراميڊيڪل ۽ نرسنگ اسٽاف پاران سول سرجن خلاف مظاھرو

خيرپور(ڊر) خيرپور جي پيراميڊيڪل ۽ نرسنگ اسٽاف پاران ٻئي ڏينهن به سول سرجن ڊاڪٽر اعجاز گاجاڻي خلاف پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو. تفصيل موجب خيرپور جي پيراميڊيڪل ۽ نرسنگ اسٽاف پاران ٻئي ڏينهن به سول سرجن ڊاڪٽر اعجاز گاجاڻي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي الله ڏنو سولنگي، علي حسن ڪٽوهر، جاويد سولنگي، مٺل ڳنڀير، محمد عثمان موريجو، امتياز ابڙو، عبدالجليل ڪٽوهر ڪري رهيا هئا. مظاهرين چيوته ڊاڪٽر اعجاز گاجاڻي اسپتال ۾ ناجائز ڀرتيون ڪري رهيو آهي ۽ هن جو اسپتال جي ملازمن سان رويو تمام خراب آهي. هنن چيوته جيڪڏهن ڊاڪٽر اعجاز گاجاڻي کي نه هٽايو ويو ته سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button