خيرپور

پيار جي پرڻي بعد بااثر وساڻ برادري جي هٿياربندن هٿان قتل ٿيل جوڙي جا جوابدار گرفتار نه ٿي

Yousif Jiskani Ihtjajخيرپور(ڊر) ڪنب ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير گڊو ۾ پيار جي پرڻي بعد بااثر وساڻ برادري جي هٿياربندن هٿان قتل ٿيل جوڙي جا جوابدار گرفتار نه ٿيا. قتل ٿيل نوجوان خشڪ علي جسڪاڻي جو مامون گرفتار. گرفتار ٿيل مقتول جي مامي جي آزادي لاءِ ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاج، آزادي جي گهر. تفصيل موجب ڪنب ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير گڊو ۾ پيار جي پرڻي بعد بااثر وساڻ برادري جي هٿياربندن هٿان قتل ٿيل خشڪ علي عرف جاويد پٽ حمز علي جسڪاڻي ۽ بابرا ڌيءُ غلام اصغر وساڻ جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ باوجود ڪوبه جوابدار گرفتار نه ٿيو. جڏهن ته ڪنب پوليس خشڪ علي جي مامي يوسف جسڪاڻي کي گرفتار ڪري ڪنب ٿاڻي تي کڻي آئي آهي. جنهن خلاف مظهر جسڪاڻي، قاصد جسڪاڻي، شوڪت جسڪاڻي، بادل جسڪاڻي، ممتاز جسڪاڻي، سليم خاتون، ياسمين خاتون، ضميران خاتون ايس ايس پي خيرپور آفيس پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين چيوته ڪنب پوليس بيگناهه محمد يوسف جسڪاڻي کي گرفتار ڪيو آهي. جڏهن ته جن جوابدارن تي ايف آءِ آر داخل آهي پوليس انهن کي گرفتار نه ٿي ڪري. ياد رهي ته ڏيڍ مهينو اڳ خشڪ علي عرف جاويد جسڪاڻي ۽ بابرا وساڻ پيار جي پرڻي ڪرڻ بعد ناري تعلقي ۾ زميندار بخش علي آرادين جي ڳوٺ ۾ پنهنجي مامي محمد يوسف وٽ پناهه ورتي هئي جنهن بعد زميندار بخش علي آرادين جوڙي کي بااثر وساڻ برادري جي ماڻهن جي حوالي ڪيو هو. جن جوڙي کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو هو. واقعي جون خبرون اخبارن ۾ اچڻ بعد پوليس بااثر وساڻ ماڻهن کي بچائي باقي وساڻ برادري جي ڪجهه ماڻهن مٿان ڪنب ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪئي هئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button