شهدادڪوٽ

ٽانوري شاخ جي آر ڊي 90 جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

shahdadkot sukall shakh jo manzar922.7.2012شهدادڪوٽ (رپورٽ : ضميرکرل) شهدادڪوٽ ۾ ٽانوري شاخ جي آر ڊي 90 جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، احتجاج ڪندڙ آبادگارن مير منظور مگسي ، سهيل مگسي، امداد ريٽي ، مظهر مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽانوري شاخ جي آر ڊي 90 وٽ احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو۽ آبپاشي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي آبادگارن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي دانهيو ته علائقي جي ٽانوري شاخ سميت ٻين شاخن ۾ آبپاشي عملدارن جي هٿرادو پاڻي جي کوٽ سبب آبادگار سخت پريشان آهن ، هنن چيو ته پاڻي جي بد ترين کوٽ سبب اڃان تائين آبادگار ٻيجارو به پوکي ناهن سگهيا جنهن سبب علائقي ۾ قحط واري صورتحال آهي، فصل ته ٺهيو پر ماڻهون ۽ جانور پڻ اُڃ وگهي مري رهيا آهن ، هنن الزام هڻندي وڌيڪ چيو ته آبپاشي عملدار آبادگارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ بجاءِ آفيسن بدران بنگلن تي ويهي مال ميڙڻ ۾ پورا آهن۽ آبادگارن جي مسئلن تي ڪوبه ڌيان ڪو نه ٿا ڏين هنن گهر ڪئي ته هٿرادو پاڻيءَ جي کوٽ ختم ڪري آبادگارن کي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button