شهدادڪوٽ

ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي کي صاف ڪرڻ واريون هزارين گوريون ورهايون ويون

shahdadkot samaji tanzimROSE k rehnama pani ko saaf karne wali golian taqseem krte21.7.2012شهدادڪوٽ (رپورٽ : ضميرکرل)سماجي تنظيم پاران ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي کي صاف ڪرڻ واريون هزارين گوريون ورهايون ويون، قبي سعيد خان تعلقي جي ٻوڏ متاثر ڳوٺن ڳوٺ حاجي محمد کوسي، عبدالقادر کوسي، نياز احمد کوسي، درياء خان مستوئي سميت ٻين ڳوٺن ۾ رورل آرگنائيزيشن فار سوشل امپاورمينٽ (روز)پاران چيئرپرسن زوبيده چانڊيو۽ سجاد علي جي اڳوڻيءَ ۾ 150 خاندانن ۾ پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ واريون هزارين گوريون ورهايون ويون ،ان موقعي تي سماجي تنظيم(روز) جي چيئرپرسن زوبيده چانڊيوميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته متاثر علائقن ۾ صاف ۽ مٺي پاڻيءَ جي سهوليت نه هئڻ سبب هزارين علائقي واسي ڪاري ڪامڻ ، پيٽ سميت مختلف موذي مرضن ۾ ورتل آهن، جنهنڪري هڪ تنظيم جي سهڪار سان پاڻي کي صاف ڪري پيئڻ لاءِ (اقوا ٽيب) گوريون ورهايون آهن ته جيئن متاثر علائقن جا رهواسي صاف پاڻي واپرائي موذي مرضن کان بچي سگهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button