مختصر خبرون

سبزي منڊي جو واپاري قتل

ملير: ملير ۾ سپر هاءِ وي تي قائم نئين سبزي منڊي ۾ هٿياربندن هڪ واپاري شمائل خان تي اوچتو حملو ڪري کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، کيس امن ايمبولينس ذريعي بقائي اسپتال نيو ويو جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. سبزي منڊي جي واپارين جو چوڻ آهي ته هتي ڪو به قانون ناهي جيڪو به هٿياربند سبزي منڊي اچي ٿو زبردستي ڀتو اوڳاڙي ٿو ۽ انڪار تي گوليون هڻي واپارين کي قتل ڪري ٿو. هنن چيو ته اڻڄاتل هٿياربندن ڪالهه ان وقت اوچتو فائرنگ شروع ڪري ڏني جڏهن ته 43 ورهين جو شمائل خان سبزي آڻيندڙن سان ڏيتي ليتي ڪري رهيو هو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button