خيرپور

ڳوٺاڻن جو ڪوٽڏجي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو

خيرپور(ڊر) ڪوٽڏجي تعلقي جي ڳوٺ ابل خان ۽ ڳوٺ اڀن شاهه جي رهواسين جو ڪوٽڏجي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو. تفصيل موجب ڪوٽڏجي تعلقي جي ڳوٺ ابل خان ۽ ڳوٺ اڀن شاهه جي رهواسين پريس ڪلب خيرپور ۽ ايس ايس پي خيرپور آفيس اڳيان ڪوٽڏجي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري جي اڳواڻي بخت علي ڪانڌڙو، فيض محمد، عاشق حسين، محمد اسحاق ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. مظاهرين چيوته ڪوٽڏجي پوليس جي ايس ايڇ او خميسو جانوري، وڏو منشي الهرکيو رند، اي ايس آءِ الهرکيو ناريجو نشي ۾ ڌت ٿي ڳوٺ جي معزز شخصيتن استاد ضمير حسين ڪانڌڙو ۽ عبدالحميد ڪانڌڙو کي بيگناهه گرفتار ڪري مٿس ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي. هنن چيوته جيڪڏهن واقعي جي انڪوائري ڪري معزز ماڻهن مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري ۽ ملوث پوليس اهلڪارن کي نه هٽايو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button