امڪاني برسات ۽ ٻوڏ جي حوالي سان خيرپور ضلعي جي ڪچي واري علائقن ۾ انتظاميه جو دورو
خيرپور: ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ، ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ، رينجرز جي ميجر شهباز، آبپاشي کاتي جي ايگزيڪيٽوِ انجنيئر بهادر خان اڄڻ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن سانوڻي جي امڪاني برسات ۽ ٻوڏ جي حوالي سان خيرپور ضلعي جي ڪچي واري علائقن ۾ مختلف بچاءُ بندن جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي اُلرا بند تي ڊي سي خيرپور آبپاشي کاتي جي لاڳاپيل عملدارن سان هڪ گڏجاڻي ڪئي ۽ کين هدايت ڪندي چيو ته بندن جي ڀرسان رهندڙ ڳوٺن، صحت جي بنيادي مرڪزن، اسڪولن، روڊن رستن جا تفصيل گڏ ڪري هڪ جامعي بريفنگ تيار ڪن ته جيئن سانوڻي جي برسات ۽ امڪاني ٻوڏي جي خطري کي منهن ڏئي سگهجي. هن چيو ته بندن تي مرمتي ڪم ڪافي حد تائين مڪمل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پاڻي جي تيز وهڪري کي منهن ڏيڻ لاءِ اسٽون اپران ۽ اسٽڊ قائم ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي ڊي سي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خيرپور ضلعي انتظاميه 2010 جي ٻوڏ توڙي 2011 جي مون سون بارشن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل مشڪلاتن کي بهادري سان منهن ڏيندي متاثرن لاءِ رهائش، کاڌي پيتي ۽ صحت توڙي تعليم جي فراهمي لاءِ جوڳو بندو بست ڪيو ويو هو. جڏهن هن سال ايڏو وڏو خطرو ڪونهي پر تنهن هوندي به ضلعي انتظاميه مختلف انتظامن جي جائزي وٺڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي ان سلسلي ۾ بچاءُ بندن جي ويجهو آبادي کي وارننگ سسٽم تحت اڳواٽ اطلاع ڏنو ويندو. جڏهن ته ڊي سي آبپاشي کاتي جي انجنيئر بهادر خان اڄڻ ۽ ايس ڊي او بند محڪم الدين بلوچ کي اُلرا بند تي پڪي لانڍي قائم ڪرڻ ۽ ٽيلفون لڳائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ ٻُڌايو ته امڪاني ٻوڏ يا برساتن جي حوالي سان خيرپور ضلعي پوليس جي 400 پوليس اهلڪارن کي بچاءُ بندن تي گشت لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا آهن ۽ کين ريسڪيو جي ڪم جي حوالي سان پڻ ضروري تربيت ڏني وئي آهي. جڏهن ته مختلف بچاءُ بندن سان ويجهو لڳاپيل پوليس اسٽيشنن جي ايس ايڇ اوز کي پڻ بندن جي ڀرسان آباد ڳوٺن جي تفصيل گڏ ڪرڻ لاءِ پڻ هدايتون ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي ڊي سي خيرپور ۽ ايس ايس پي خيرپور سان رينجرز جي ميجر شهباز، انجنيئر بهادر خان اڄڻ، محڪم الدين بلوچ، ايس ڊي او آبپاشي مختيار احمد ڌاريجو ۽ ٻيا عملدار ساڻن زيرو پوائنٽ، ڳڙهي بچاءُ بند، ايل پي جي ۽ اُلرا بچاءُ بند جي دوري دوران ساڻن گڏ هئا.