آرٽيڪل

ھينئڙو مون لوڻ ٿئي

مقصوده سولنگي
Damدنيا ۾ شايد ئي ڪو ملڪ پاڪستان جھڙو ھجي. ڇو ته ھي ھڪ اھڙو ملڪ آھي جتي ھر شيءِ ۾ تضاد يا فرق ايترو وڌيڪ آھي جو انسان سوچي ته چئجي ته ھي الائي ڪھڙا ماڻھو آھن جيڪي ھن ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ بڻيا ويٺا آھن! اھي ماڻھو الائي ڪھڙا آھن جيڪي ملڪ جااصلي وارث آھن؟ اھي ڪٿي آھن؟ ڪاش انھن کي سڱ ھجن ھا. ته جيئن مون جھڙي سڌي سئين سوچ واراماڻھون انھن کي ڏسي سگھن ھا! سڃاڻي سگھن ھا.
پر ان ۾ پاڪستان جوڪھڙو ڏوھ ؟ ڏوھ ته انھن جو آھي جن ھڪ فارمي ملڪ ٺاھيو. ان ڳالھ تي غور ڪرڻ جي ضرورت ڪنھن به محسوس نه ڪئي ته قومون ايجاد نه ٿينديون آھن. قومن کي تاريخ اڏيندي آھي، قوم جي فردن جا مفاد مجموعي ۽ ساڳيا ھوندا آھن. قوم کي جيستائين ڌرتي جي مٽيءَ مان ماءُ جي ٿڃ جھڙي خوشبو اچڻ لڳي تيستائين صديون گذري وينديون آھن. ھڪ انساني پيڙھيءَ جي نسلن جا نسل جڏھن ڌرتيءَ ۾ پوربا آھن، تڏھن خميرجي ڌرتي اھڙي محبت ارپيندي آھي جنھن کي حب الوطني چوندا آھن. ان مان ئي قومون ٺھنديون آھن. اھي ماڻھو ڌرتيءَ تي سر ڏئي سگھندا آھن. ائي ئي چئي سگھندا آھن ته مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون، وطن يا ڪفن آزادي يا موت. اھا ڌرتي ماءُ پنھنجن سپوتن کي بلڪل ايئن پاليندي آھي جيئن ڪا ماءُ پنھنجي ڄاول ٻار ڪي آڍي، دڪا،کير، ماکيون کارائي ان جو جسم مضبوط ڪندي آھي، سندس زھني نشونماءَ لاءِ جتن ڪندي آھي ته جيئن ھو زماني جي ڏاڍاين کان پاڻ به بچائي ۽ مجموئي ڪردار به ادا ڪري.اھڙا سپوت۽ سورميون ڌرتيءَ جي انگ انگ جي عزت ڪندا آھن ان جي انگ انگ تي سر ڏيندا به آھن ته سر وٺندا به آھن. انھن لاءِ درياھ ماءُ جي ٿڃ ۽ ٻيلا ،ٻنيون، لڪ، لنگھ، گھر، تڙ، بازارون ۽ گھٽيون لوئي ۽ لڄ ھونديون آھن. انھن تي سوديبازي معنيٰ ماءُ تي سوديبازي. اھڙو ڪو ورلي ھوندو جيڪوجيجل جي جيءَ سان جاڙ ڪري. اھا ھوندي آھي قوم. پر پاڪستان جي ته ڳالھ ٻي آھي. گڏين جي راند به ڪي اصول ھوندا آھن. ھتي ڪو اصول ان ڪري به ناھي جو مفاد مجموعي ناھن. ڪنھن جي ڪا ٻانھن آھي ڪنھن جي ڳچي ته ڪنھن جو ڌڙ. ان ڪري ھرڪو پنھنجومفاد ٿو سوچي ڀلي ان سان عام ماڻھو يا غريب چاچي علي محمد شاھ جھڙن جو الھ تلھ لوڻ ٿئي. ڀلي ڌرتي نه رھي انھن لاءِ ئي سھي سمنڊ وڃي دنگ ڪري، زمين سڪي بڻاٺ ٿئي 23 لک ايڪڙ زرعي زمين سمنڊ پائي وڃي. پر ڪبواھو جيڪي ڀوتار جي مرضي ھوندي. اڳ جن ڏکايلن جي پيڙا کي سمجھي انھن جي مڇي مانيءَ سان مھماني ڪئي ۽ انھن کي عزت ڏني، مان ڏئي ڦاسجي ويل اٻوجھ اڄ اڻڀيون به کائڻ کان ويا. ان سڄي سڃ مچائڻ ۾ جنھن جو شڪار اڄ اصلوڪا ماڻھو آھن. انھن ماڻھن جو وڏو ھٿ آھي جيڪي ان نظريي جا ھئا ته ڏکڻ ايشيا جا مسلمان پنھنجي ثقافتي،قوميتون،پنھنجي اصليت پنھنجا وسيلا، پنھجون ملڪيتون، پنھنجا درياھ وساري ڇڏيندا. ڌرتيءَ سان رشتو وساري ھڪ نئين ملڪ جي نظام کي قبول ڪري ويھي رھندا جيڪو ڀلي ڪھڙا به خطرناڪ منصوبا آڻي ماڻھن کي تباھيءَ جا تحفا ڏئي انھن جي قومي ملڪيتن جا فارمي وارث گھڙي ويھاربا ۽ پاڪستان جي ڪري اھي چُپڙي ڪري ويھي رھندا. پاڪستان جي ٺھڻ کان وٺي ھسيتائين جيڪڏھن ڪنھن جو تمام گھڻو استحصال ٿيو آھي ته اھي اصلوڪا ماڻھو آھن جن جو وطن ورھاڱي ۾ پاڪستان جي حصي ۾ آيو، اھ.و وطن جنھن جي تھذيب 5000 سالن کان پراڻي آھي. اھي ماڻھون جيڪي درياءَ بادشاھ جا سانڍيل ھئا،جن ان جو کير پيتو جن جون دليون مھراڻ جي موجن سان گڏ ڌڙڪنديون ھيون. اڄ ڀڙڀانگ تباھ ڪارين جو کاڄ ٿي ويا آھن. ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان پوءِ اھي جتي ٻين زريعن تي آباديءَ جوڳاٽو ڀڃندڙ بوج اچي سنڌ تي پيو اتي اھو ساڳو بوج ۽ ڪجھ ٻين سياسي حڪمت عملين ۽ سسٽم کي قدرتي طريقي کان ھٽائي، نئين مملڪت جي نئين ۽ وڌيل آباديءَکي پالڻ لاءِ ھٿرادو طريقن سان زوريءَ مٽائڻ ڪري سنڌو درياھ کي تباھ ڪيو ويو. وڏن صوبي جي نالي ۾ ۽ مھاڙي ۾ موجودگيءَ جي ڪري اندروني صوبن جي ويڙھ اھڙي شدد اختيار ڪئي جو توانائي جي ڪمي پوري ڪرڻ لاءِبه جيڪي طريقا اختيار ڪيا ويا اھ.ي سنڌوءَ جي سينڌ ۾ واري اڏائڻ جا ٺاھيل ٺوڪيل سياسي منصوبا ثابت ٿيا. ڊيم انھن جو وڏو مثال آھي. اڄ تائين ڊيمن جي ٺاھڻ تي انيڪ دفعا لکيو ويو آھي. انيڪ دليل ڏنا ويا ھوندا پر دليل ڏيندڙ اڄ به ايئن ئي دليل پيا ڏين مطلب اڄ تائين اسان جي وڏڙن کي ڳالھ سمجھ ۾ آئي ئي ناھي. اڄ به ڪيترن بين الاقوامي ادارن کان ڊيم ٺاھڻ لاءِ قرضن جي گھر ڪئي پئي وڃي. رڍن اڳيان رباب وڃائيندي ورھ ٿيا.
ڳالھ اھا ته اسين ڊيمن جي مخالفت ڇو پيا ڪيون؟ جيڪڏھن دنيا ۾ ڏسجي ته خبر
پوندي ته اڄ دنيا ۾ ڊيم مخالف تحريڪون زور وٺي چڪيون آھن. پري وڃڻ جي ضرورت ناھي انڊيا اسان جو پاڙيسري ملڪ آھي. ڪجھ سال اڳ سموري انڊيا ۾ نرمادا بچائو اندولن ڊيمن جي مخالفت جي وڏي تحريڪ سڄي دنيا ۾ ڄاتي سڄاتي وڃي ٿي، سڄي دنيا ۾ انٽرنيشنل رورس نيٽ ورڪ ڪم ڪري پيو آخر انھن سڀني کي ڪھڙي تڪليف آھي ڊيمن مان؟ ڊيمن جي تباھي جو شڪارانڊس ڊيلٽا ۽ ڪوٽري ڊائون اسٽريم پڇڙيءَ وارا سمورا علائقا اسان جي سامھون آھن. ڊيمن مان نقصان اھو آھي ته سڀني کان اڳ انھن جي ٺھراڻيءَ تي جيڪو ناڻو خرچ اچي ٿو سو ڪروڙين ڊالرن ۾ آھي، جيڪو اسان جھڙي اٻوجھ ملڪ جي پھچ کان ڪوھين ڏور آھي.ان لاءِ حڪمران قرض کڻي ڊيمون ٺاھرائيندا آھن. اھي قرض عوام جي رت ست مان صديون پيا اوڳاڙبا آھن. ڊيمن ۾
ھزارين ڪيوسڪ مٺو قيد ڪيو ٿو وڃي. اھو پاڻي جيڪو دريائي مٽي کڻي سمنڊ ۾ اچي ڇوڙ ڪندو ھيو جنھن سان انيڪ قسم جون مڇيون،گاھ، تمر جا ٻيلا،پيدا ٿيندا ھيا نه فقط ايترو پر پاڻي جو قدرتي چڪر قائم ھيو اھو پاڻي جڏھن ھڪ جاءِ تي قيد ڪيو وڃي ٿو ته ان سان گڏ ھزارين ٽن مٽي پڻ انھن ڊيمن جي تري ۾ بيھيو وڃي، ان سان گڏوگڏ اھي مڇيون گاھ جيڪي انڊس ڊيلٽا جا تحفا ھيا اھي اڻ لڀ ٿي ويا. سنڌ جو پلو جيڪو ملڪان ملڪ مشھور ھيو سو ھاڻي ڳوليو نه لڀندو. اھو مٺو پاڻي جيڪو ڊيمن ۾ قيد ڪيو وڃي ٿو سو جڏھن اچي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو ھيو ڳري پاڻيءَ ھئڻ ڪري سمنڊ کي اڳتي وڌڻ نه ڏيندو ھيو. جنھن جو سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ سمنڊ ڏينھون ڏينھن تيزيءَ سان زرعي زمين ڳڙڪائندو راڪاس وانگر تباھيون ڪندو شھرن تائين اچي پھتو آھي. اڄ ڪيٽي بندر (جيڪو ان نالي جو ٽيون شھرآھي ان کان اڳ وارا ڪيٽي بندر سمنڊ جي پيٽ جي نظرٿي چڪا آھ.ن) کان وٺي سجاول تائين سمنڊ منھن ڪڍي چڪو آھي. ان جي رفتار روزاني جي حساب سان80 ايڪڙ زمين ڳڙڪائڻ آھ.ي.اڄ تائين 23 لک ايڪڙ زرعي زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آھي، اھا رفتار رھي ته 20 سالن جي اندر اندر بدين، ٺٽو،سجاول، ڳاڙھو، ٻھارا، ڪيٽي بندر زمين تان مٽجي ويندا ۽ سمند وڃي ملتان پھچندو. پاڻي نه ڇڏڻ ڪري انڊس ڊيلٽا تباھ ٿي ويو.حيدرآباد، بدين، ڪوٽري، سميت ڪئين وڏن شھرن ۾ زمينون لوڻ ٿي ويون آھن. پيئڻ جي پاڻي جي اڻاٺ جي ڪري شھرن ۽ ٻھراڙين ۾ گندي پاڻيءَ جي پيئڻ واريون بيماريون خطرناڪ حد کان ٽپي چڪيون آھن. ٺٽي کان وٺي ڪشمور تائين ماڻھون ھيپاٽائيٽس بي ۽ سي، ڊائريا ۽ چمڙي جي خطرناڪ بيمارين ۾ ورتل آھن. ھزارين ملاح خاندان جن جو پيت گذر مڇي تي ھوندوھيو بدترين معاشي بدحاليءَ جو شڪار آھن. اھي ماڻھون جيڪي زميندار ھيا بکون ٿا مرن. ھزارين گھر لڏپلاڻ ڪرڻ ڪري بدحاليءَ جو شڪار آھن.ھڪ وڏيون ٻوڏون ماحولياتي تبديليءَجي ڪري پيون اچن ته ٻيون ۽ ھٿرادو طرين سان. ھڪ پاسي ايتري تباھي آھي ۽ ٻئي پاسي انھن ڊيم ٺاھڻ جوڪارڻ آھي بجلي جي پيداوار. سوال اھو آھي ته ڇا بجلي پيدا ڪرڻ جو ٻيو ڪو ذريعو ناھي بچيوجو ايتري تباھي جي باوجود اسان زور پيا ڏيون! ته ايئن بلڪل ناھي اڄ پاڪستان وٽ ايٽمي توانائي آھي، جنھن سان ننڍا ننڍا پاور پلانٽ لڳائي سگھجن ٿا. پاڪستان وٽ ڪئين قدرتي وسيلا اھن جن سان بجلي پيدا ڪري سگھجي ٿي جنھن ۾ قدرتي ھوا جي ذريعي پلانٽ لڳائي ۽ سج جي روشني مان بجلي پيدا ڪرڻ جا سستا زريعا موجود آھن. ان کان علاوه پاڪستان جا حڪمران چاھين ته ٿر جي ڪوئلي مان ايتري بجلي پيدا ٿي سگھي ٿي جو نه فقط پاڪستان جي کپت کان گھڻي جو ھڪ منٽ جي لوڊ شيڊنگ کان سواءِ بجلي پوري ملڪ ۾ ھلي پر پاڪستان ان کي وڪڻي ناڻو به ڪمائي سگھي ٿو. ڳالھ اتي ئي ختم نٿي ٿئي پر جيڪڏ ھن چوري واري بجلي تي پابندي لڳائي وڃي ته پاڪستان مان لوڊشيدنگ 90سيڪڙو رھي ئي نه. پر حقيقت اھاآھي ته ھتي عوام دشمن پلان جلد ۽ ترت شروع ٿيندا آھن. ھن مٽي ءَ سان ۽ ماٽيءَ سان ڪنھن جي ڪھڙي پئي آھي؟ جتي باغ ھيا اتي رڻ پٽ ۽ لوڻ جا راڱان انھن دلين ۾ پوندا جن جو انھن سان ناتو رھيو ھوندو.ڀٽائيءَ الائي ھي ڏينھن ڏسي ڇڏيا ھيا الائي ڇا جو فرمايائن.
نه سي ووڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتاريون
پسي بازارون ھيئڙو مون لوڻ ٿئي

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو