آرٽيڪل

پاڻي جي ڪھاڻي

مقصوديٰ سولنگي، ڪراچي

چوندا آھن ته پاڻٰي زندگي آھي اڄ دنياڀلي ترقيءَ جي اوچاين کي ڇھندي ھجي، عام ماڻھو جي زندگيءَ کي سک ۽ سھنج ڏيڻ لاءِ ڪيترين ئي شين جا متبادل پيدا ڪياويا آھن، پرپاڻٰي جي اھميت اڄ به اھا آھي. جيڪا ارتقا جي ازل کان ھئي. اڄ به پاڻي زندگي آھي.مطلب اھا ھڪ اھڙي شيءِ آھي جيڪا ھر ماڻھو ھر جيوت جي بنيادي ضرورت ئي نه پر ماحوليات، رھڻي Indus Riverڪھڻي، تھذيب، حياتياتي ماحول، انساني سماجي ۽تھذيبي ارتقاءَ۽زميني۽ قدرتي نظام جي قدرتي چڪر۾ بنيادي حيثيت رکي ٿي. تھذيبن جو ارتقاءُبه دريائن تي چاھي اھا نيل ندي ھجي يا سنڌو ندي انساني تھذيب جي اوسر ڪندڙ به درياءَ ۽ پاڻٰين جا ذريعا آھن. ان ئي جي ڪري پاڻٰي کي فطرت جي ماءُ سمجھو وڃي ٿو. پاڻٰي جي ان ئي حقيقت جي ڪري ئي "ھومر” جھڙن فلسين پاڻٰيءَ کي سڀني خدائن جو پيءُ قرار ڏنو. پاڻي ڇو ته ھر جيوت جي بنيادي ضرورت آھي ان ڪري بنيادي انساني حق آھي، تنھن ڪري اھا نه ته ڪنھن رياست جي ملڪيت ھوندي آھي نه ئي ڪنھن اڪيلي ماڻھو جي اڪيلي سر ان تي مالڪي ممڪن آھي.ڪير به پاڻٰ کي وڪڻڻ جا حق نه ٿو رکي. ڇو جو اھا ڪا جنس ناھي پر قدرتي تحفوآھي. جھڙي ريت ھوا ڪنھن جي ڪا ذاتي ملڪيت ناھي بلڪه قدرتي تحفو آھي.ايئن ئي ڪير پاڻي کي به وڪڻٰي نه ٿو سگھي. ان ريت پاڻي کي جنس وانگر وڪڻڻ نه فقط انساني بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آھي بلڪه قدرتي ڏوھ پڻ آھي . انساني حقن جي عالمي ادارن موجب پاڻيءَ جي قدرتي ذريعن تي سڀني کان پھريون حق ان پاڻٰي جي پڇڙي تي آباد انسانن جو آھي. ان ڪري پاڻي بابت فيصلن يا انھن تي ڪنھن قسم جي منصوبا بندي ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي فيصلي جا ڌڻي به اھي ماڻھون آھن جن جي روزگار، رھڻي ڪھڻي، سماجي ناتا، ۽ اقتصادي ناتا ان پاڻي تي دارو مدار رکندڙ ھجن.

پاڻي ھر جيوت جي بنيادي ضرورت آھي ان ڪري بنيادي انساني حق آھي، تنھن ڪري اھا نه ته ڪنھن رياست جي ملڪيت ھوندي آھي نه ئي ڪنھن اڪيلي ماڻھو جي اڪيلي سر ان تي مالڪي ممڪن آھي

ھن سڄي ڌرتي تي سڪي زمين 30 سيڪڙو جڏھن پاڻي 70 سيڪڙو آھي. جنھن کي حياتياتي واڌاري جي بنيادي ضرورتن ۾ استعمال نه ٿو ڪري سگھجي. ان مان مٺو پاڻي صرف 1 کان 2 سيڪڙو آھي جيڪو آبادي جي واڌاري سبب، آبادي جي واڌاري جي ٻيڻ تي گھٽبو پيو وڃي. ھن وقت ڌرتي جي گولي تي تقريبن 1400 ملين ڪيوبڪ ڪلوميٽر پاڻي موجود آھي. جنھن مان 35 ملين ڪيوبڪ پاڻي مٺو آھي. اھڙي ريت ڌرتي تي استعمال لائق پاڻي صرف200000 ڪيوبڪ ڪلوميٽر آھي. ڳڻتي جي ڳالھ اھا آھي ته پاڻي جي عالمي کپت ۾ ھر20 سالن ۾ اڳ کان ٻيڻو واڌارو پيو اچي. ترقي پذير ملڪن ۾ ھر ماڻھو جي روزاني پاڻي جي گھرج 20 ليٽر آھيڏھن ته ترقي ڪيل ملڪن ۾ ان جو تعداد 200 ليٽر رهزانو آھي. جنھن مان 50 سيڪڙوپاڻي زيان ٿئي ٿو. ان جو ڀرڻوترقي ھيٺ ملڪن جي ٻراڙي جون عورتون 2 کان 3 ڪلاڪ پاڻي ڀرڻ جي صورت ۾ ادا ڪن ٿيون.مٺو پاڻي اسان کي قدتي وسيلن مان حاصل ٿيندو آھي. جيڪو برف جي وڏين ڇپن جي ڳرڻ۽ برساتن مان حاصل ٿئي ٿو. ان پاڻٰي جو پنھنجو قدرتي نظام ۽ توازن ٺھيل آھي. جنھن تي پنھنجي مرضي سان بند ٻڌي ڪٽ لڳائي پاڻي جي رخ کي نئون موڙ ڏين سان ان قرتي چڪر ۾ بگاڙ اچي ويندو آھي جيڪو قدرتي طريقي سان وھندي انسانن، حيوانن ۽ زمين کي جيون ارپيندي خوشين ۽ خوشحالي جا تحفا ڏيندڙدرياءَ بادشاھ لکين ماڻھن جي بک بدحالي، مايوسي سوڪھڙي ۽ کاراڻ ۽ انيڪ قدرتي آفتن جو سبب بڻجيو وڃي. جنھن ڪري اڄ سنڌو درياءَ جو پيٽ ته سڪي ويو، پر اھو "درياھ بادشاھ” جنھن جي ويڪر جي ايراضي ڏھن کان ويھ ڪلوميٽر ھوندي ھئي. اڄ دُٻو يا سنھو واھ وڃي بچو آھي. اڄ ان جي ڪري ڌرتي تي زندگي ڀيانڪ۽ ڊپائتي صورت اختيار ڪري وئي آھي. جتي ساوڪ ۽ سرھاڻ ھئي، سوين ايڪڙ تي ٻڌل ڏاڙھون ۽ زيتونن جا باغ ھيا ، سرھائي ۽ خوشحالي ھئي، اتي زمين زرخيز ته نه رھي پر سمنڊ منھن ڪڍيو آھي. جنھن ڪري تحقيق ڪارن موجب 40 کان 80 ملين ماڻھون لڏپلاڻ جو شڪار آھن.جڏھن ته ڊيمن جي منفي اثرن جو شڪار ماڻھن جوڪاٿو472 ملين آھي. ايف اي او جي ھڪ رپورٽ موجب پاڪستان 2035 تائين پاڻي جي کوٽ جو شڪار ٿي ويندو. اٽڪل 40کان 55 ملين پاڪستاني ماڻھو پيئڻ جي صاف پاڻي جي سھولت کا محروم آھن. ان ڪري روزانو 360 ٻارڙا گندي پاڻي جي واپرائڻ ڪري بيمار ٿين ٿا بدحالي جو شڪار آھن. جيڪي خوشحال زميندار ھيا اھي ڪاٺيون ڪري ۽ نانگ پڪڙي گذران ڪرڻ تي مجبور آھن.
سوال اھو آھي ته ايئن ڇو ٿيو ۽ ڪنھن ڪيو؟ ھڪ سبب اھوآھي ته آبي وسيلن تي ڪاروبار ڪرڻ، درياءَ تي ڪٽ ڏئي ڊيم ٺاھڻ ۽ آبي قدرتي نظام کي آب پاشي جي لاءِ تمام گھڻو استعمال ڪرڻ، ڊيلٽا جي پاڻي تي توانائي جي پيداوار جي نالي ۾ ڊيمن جي تعمير سڄي دنيا تي واضع ڪري ڇڏيو آھي ته ان جا فائدا گھٽ جڏھن ته نقصان وڌيڪ ھاڃيڪار ۽ تباھ ڪندڙآھن. ڊيم جي سطح ۽ پاڻٰ جمع ڪرڻ جي صلاحيت ۾ گھٽتائي ٿيندي رھي ٿي ان ڪري پاڻين جي زخيرن کي سندس قدرتي نظام تي واپس آندو وڃي.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو