شهدادڪوٽ

سوناري نذير بروهي جي بازيابي لاء ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو

ضمير کرل،شهدادڪوٽ
shahdadkot1شهدادڪوٽ ۾ مظلوم جدوجھد ڪاميٽي پاران سوناري نذير بروهي جي بازيابي لاء ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي ، شهر مختلف سياسي ، سماجي ، تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين مير مظفر بروهي ، سردار بروهي ، مراد پندراڻي ، سيٺ حق نواز شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪوٽوموٽو چوڪ تي ٻئي ڏينهن به بک هڙتال جاري رکي ، بک هڙتالي ڪئمپ تي ويٺل اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس جي نااهلي ، ناڪامي ،سستي ۽ لاپرواهي جو اهو چٽو ثبوت آهي جو (10) ڏينهن گذري وڃڻ باوجود پوليس اغوا ٿي ويل سوناري کي بازياب ناهي ڪرائي سگھي ، سندن چوڻ هو ته مغوي جي گھر ۾ ماتم متل آهي پر پوليس جي ڪن تي جون به نه ٿي چُري هنن چيو ته ايس ايس پي سوڌو من پسند پوليس عملدارن جي مقرري سبب شهر بدامني جي ور چڙهي ويو آهي هنن مطالبو ڪيو ته فرض ۾ ڪوتاهي ڪندڙ عملدارن کي هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪري ، بدامني تي ضابطو آڻي فوري طور مغوي سوناري نذير بروهي کي بازياب ڪرايو وڃي ، جدوجھد ڪاميٽي جي اڳواڻن تدارڪ نه ٿيڻ جي صورت ۾ سخت احتجاج جو چتاء ڏنو آهي ، بک هڙتال ۾ مهراج راجينڌرڪمار ، حبدار ميرجت ، حسن ٻٻر سميت شهرين وڏي انگ ۾ حصو ورتو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button