پاڊڪاسٽ

اڙدو ۾ ايس ايم ايس مسئلو ڇا؟ آخري قسط

[display_podcast]
Mobileانڊس نيوز طرفان اڙدو ايس ايم ايس جي حوالي سان شروع ڪيل پاڊڪاسٽ جي ٽين ۽ آخري قسط حاضر آھي. ھن دفعي اسان ڪنڊيارو ڪاليج جي ڪجھ استادن ۽ شاگردن جا انٽرويو ڪيا، انٽرويو ريڪارڊ ڪرڻ ۾ جناب ريحان ميمڻ صاحب جن جي مدد رھي، اسان انڊس نيوز طرفان ميمڻ صاحب جن جا ٿورائتا آھيون.
سوال اھو آھي ته اسان سنڌي کي ڇڏي ڪري اڙدو ۾ ايس ايم ايس ڇوٿا ڪريون. اڙدو ايس ايم ايس مان مراد رومن اڙدو آھي جڏھن يونيڪوڊ ۾ لکيل اڙدو اسان جو موضوع ناھي، پھرين ڪڙي اڙدو ڳالھائيندڙ دوستن کي غلط فھمي ٿي ته اسان اڙدو جي خلاف آھيون پر حقيقت ان جي ابتڙ آھي، اسان اڙدو ٻولي جي خلاف ھرگز ناھيون پر اسان اھو ڄاڻڻ چاھيون ٿا ته اسان جا سنڌي دوست پنھنجي سنڌي دوستن کي ئي اڙدو ۾ ايس ايم ايس ڇو ٿا ڪن. ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿاجن ۾ ڪجھ جو ذڪر اسان پوئين ٻن ڪڙين ۾ ڪري چڪا آھيون.
ھڪ ته اسان وٽ اڙدو ۾ ايس ايم ايس رواج ٿي ويو آھي، پنھنجي ٻولي ڄي ڇڏي ڪري ڌاري ٻوليءِ ۾ لکڻ کي اسان پنھنجو اعزاز ٿا سمجھون. ٻيو ته سنڌي ۾ لکڻ جي اسان جي مشق ناھي. اسان ان دليل سان ڪنھن حد تائين سھمت آھيون ته موبائل ۾ سنڌي جي سپورٽ نه ھجڻ ڪري ائين ٿئي ٿو پر اسان اڪثر ڏٺوآھي ته اسان جا ڪافي دوست ياھو، ايم ايس اين، گوگل يا ٻئي ڪنھن چيٽ سافٽ ويئر ۾ به اڙدو ۾ لکن ٿا، ان سان سنڌي ٻوليءَ کي وڏو خطرو آھي جڏھن ته ڪمپيوٽر ۾ سنڌي جي مڪمل سپورٽ به آھي.
[social-bio id=4]

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button