مختصر خبرون

ضلعي خيرپور جي اٺن تعلقن جا مسئلا آخر ڪڏهن حل ٿيندا ؟

محمد اقبال سومرو
khairpur-mapسنڌ حڪومت عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي ، حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ ڪامورن جي ڪميشن ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ، ناڻو لٽيندڙن کي حساب ڏيڻو پوندو ، چونڊيل نمائيندا ۽ ڪامورا تاريخي ضلعي خيرپور جي تباهي جا ذميوار آهن ، سنڌ ۾ هٿ سان بدحالي ، بيروزگاري ۽ بدامني جي ور چڙهايو ويو آهي ، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ تي خاموش نه ويهنداسين وسيلا بچائڻ لاءِ سنڌ جا ڌڻي ، نوجوان ميدان تي اچن ، سنڌ صوفين ۽ درويشن جي زمين آهي ، اها ڪڏهن به تقسيم نه ٿي ٿي سگهي ، سنڌ ڌرتي تي صوفي درويش پيدا ٿيا آهن ، مهاجر صوبو ٽوڙڻ جو خواب ڏسي رهيا آهن اهو ڪڏهن به پورو نه ٿيندو ، خيرپور ۾ وڌندڙ بدامني سبب هتان جي عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي ، ۽ سج لهندي ئي روڊ ڏوهارين جي حوالي ٿي وڃن ٿا ۽ سرعام ڏوهاري ڦرون ڪن ٿا ، هن وڌيڪ چيو ته ضلع خيرپور جا اڃان ڏهه ڄڻا ڌاڙيلن وٽ قيد آهن ، خيرپور پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا آهن ۽ ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي آهي ، خيرپور جي شهر ڪنب جي نياڻي ثمينه سولنگي سان لڄالٽ واري واقعي جا مک جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا آهن ، جڏهن ته نياڻي جي وارثن کي جوابدارن پاران ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ملي رهيون آهن ، جڏهن ته ٺري ميرواهه جي چئن سالن جي نينگري رخسار خاصخيلي سان لڄالٽ ڪندڙ جي ٺري ميرواهه پوليس جاچ مڪمل نه ڪئي آهي ، چنيسر آريسر وڌيڪ چيو ته خيرپور ضلعي اندر ايريگيشن جي ويسٽ جي انجنيئر ۽ ايسٽ جي انجنيئر پاران آبادگارن سان زيادتيون جاري آهن ، ۽ انجنيئرن پاران پڇڙي ۾ پاڻي نه ٿو پهچايو وڃي جڏهن ته رشوت نه ملڻ سبب ضلع خيرپور جا ننڍا واهه ۽ شاخون بنا سبب جي بند ڪيون ويون آهن جنهن سبب ووڻئن جو فصل ڪاهجي نه سگهيو آهي ، هن وڌيڪ چيو ته ايريگيشن ويسٽ ڊويزن جي انجنيئر پاران واهن جي پچنگ ۽ کاٽي ڪرائڻ لاءِ ٻه ڪروڙ جا ٽينڊر ڪرايا آهن ، جيڪي هن پنهنجي مٽن ۽ من پسند ٺيڪيدارن جي نالن تي 50 سيڪڙو ڪميشن عيوض ڏئي ڇڏيا آهن ، جڏهن ته ٽينڊر ن بابت سرڪاري طور تي پيپرا کي به ڪابه ڄاڻ نه ڏني وئي آهي ، هن وڌيڪ چيو ته ايريگيشن ايسٽ ڊويزن جي انجنيئر ۽ ويسٽ ڊويزن جي انجنيئر ايس ڊي اوز ، سب انجنيئرن ۽ داروغن سان ملي ڀڳت ڪري واهن ۽ شاخن جي ڪپرن تان ڪروڙين روپين جا وڻ وڍرائي وڪرو ڪرائي ڇڏيا آهن ، جڏهن ته ايريگيشن جي ويسٽ ڊويزن جي انجنيئر ڇهن مهينن جي اندر اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي ، جڏهن واهن جي کاٽي پڻ نه ٿي سگهي آهي ، چنيسر آريسر وڌيڪ چيو ته پبلڪ هيلٿ خيرپور ڊويزن ون ۽ ڊويزن ٽو جون واٽر سپلاءِ جي اسڪيمن جو ڪم صرف 50 سيڪڙو ٿي سگهيو آهي ، باقي اسڪيمون رولهڙي جو شڪار ٿي ويون آهن ، جڏهن ته اهي اسڪيمون هڪ سال ۾ پوريون ڪرڻيون هيون جيڪي چئن سالن ۾ به پوريون نه ڪيون ويون آهن ، جڏهن ته پبلڪ هيلٿ خيرپور پاران ٺيڪيداران کي مڪمل پئمنٽ حصي پتي تحت ڪئي وئي آهي ، هن وڌيڪ چيو ته ضلع خيرپور اندر تعلقه ميونسپل ۾ هر مهيني ايندڙ ڏيڍ ڪروڙ روپين جي بجيٽ پراڻن ناظمن جي دور جا ٺهيل ترقياتي ڪم ڏيکاري هڙپ ڪيا پيا وڃن ، جڏهن ته گذريل چئن سالن دوران تعلقه ميونسپل جي ايندڙ بجيٽ مان ضلعي خيرپور جي اٺن ئي تعلقن ۾ هڪ سر به نه هنئي وئي آهي ، ۽ هڪ روپيه جو به ڪم نه ڪرايو ويو آهي ، چنيسر آريسر وڌيڪ چيو ته ضلع خيرپور اندر صحت جون سهولتون عوام کي ملڻ مشڪل بڻجي ويون آهن جڏهن ته ضلع خيرپور جي اٺن ئي تعلقن جي سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون اڻلڀ آهن ، جڏهن ته ضلعي جي ڪنهن به سرڪاري اسپتال ۾ نانگ جي ڏنگ ۽ ڇتي ڪتي جي چڪ جي ويڪسين موجود نه آهي ، جڏهن ته عوام اها ويڪسين هزارين روپيه ڀري اسٽورن تان خريد ڪري رهيا آهن ، جڏهن ته ڊي ايڇ او خيرپور پاران نانگ جي ڏنگ ۽ ڇتي ڪتي جي چڪ جي ايندڙ ويڪسين ۽ ٻيون دوائون اسٽورن تي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون ، هن وڌيڪ چيو ته ضلع خيرپو اندر هيپاٽائٽس جا سينٽر غير فعال بڻيل آهن ، جڏهن ته اتي ڪابه ٽيسٽ نه ڪئي پئي وڃي نه ئي دوائون ملي رهيون آهن ، چنيسر آريسر وڌيڪ چيو ته ضلع خيرپور اندر سون جي تعداد ۾ اسڪول وڏيرن جون اوطاقون بڻيل آهن ۽ استاد سياسي سفارش تي مقرر ڪيا ٿا وڃن ، جنهن سبب استاد نه هجڻ ڪري ڪيترائي اسڪول بند پيا آهن جنهن سبب هزارين ٻارن جو مسقبل داءُ تي لڳل آهي ، هن وڌيڪ چيو ته هندن جي نياڻين جو اغوا شرمناڪ عمل آهي ۽ هندن کان سنڌ ڇڏائڻ جي اها سازش آهي ، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو وزير اعلي صرف ٺلهيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ هيئنر به ٽارگيٽ ڪلنگ جاري آهي ، سيد قائم علي شاهه لاهور تائين لانگ مارچ جون ڳالهيون پيو ڪري پر پنهنجي ئي اباڻي شهر ۾ خيرپور ۾ ئي امن نه ٿو ڪرائي سگهي ، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ واچ فورم ڪرپشن خلاف مهم شروع ڪري ڇڏي آهي ، سنڌ جي هر ٻرندڙ مسئلي تي سنڌ واچ فورم جي پليٽ فارم تان آواز اٿاريندا رهنداسين ، هاڻي جتي به ڪرپشن ٿيندي اتي سڀ کان پهرين سنڌ واچ فورم پهچندي ، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ واچ فورم سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ تائين پهچي چڪي آهي ۽ سنڌ واچ فورم ڪرپشن ۽ رشوت خوري جون پاڙون پٽي غريبن کي انصاف ڏياريندي سنڌ واچ فورم جيڪو تبديلي جو جهنڊو کنيو آهي اهو بلندين تائين پهچي چڪو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button