مختصر خبرون

ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ پوليو مھم جي صدارت ڪئي

خيرپور: ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ڊي سي هائوس تي پوليو مهم جي حوالي سان ضلعي پوليو ڪاميٽي ڊيپيڪ جي گڏجاڻي جي صدارت ڪئي جنهن ۾ صحت ، روينيو، پي پي ايڇ آءِ، پوليس، يونيسيف، ڊبليو ايڇ او، روٽري انٽرنيشنل ۽ ٻين لڳاپيل کاتن جي عملدارن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي گڏجاڻي کي ضلعي اندر پوليو جي خاتمي حوالي سان مختلف کاتن پاران ورتل ڪوششن جي حوالي سان تفصيلف بريفنگ ڏني وئي. گڏجاڻي۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ٻُڌايو ته ايندڙ پوليومهم دوران هر لاڳاپيل تعلقي جي ٽي ايم اي پاران پوليو ٽيمن کي ٽرانسپورٽ ۽ جڏهن ته لاڳاپيل تعلقي اسسٽنٽ ڪمشنرن پاران پنهنجن تعلقن جي بي ايڇ يو تي پوليو مهم دوران ٽن ڏينهن لاءِ برف مهيا ڪندا. هن وڌيڪ يونين ڪائونسل ۽ تعلقي سطح جي ٿيندڙ پوليو مهم جي حوالي سان گڏجاڻين ۾ غير حاضر رهندڙ ايريا انچارجن، يو سي سيڪريٽرين کي شوڪاز نوٽيس ۽ ليڊي هيلٿ سُپروائيزرس کي نوڪري مان برطرف ڪرڻ جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو خيرپور ڪئپٽن انوار الحق خان ۽ نيشنل پروگرام جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر نجف علي شاهه کي هدايتون جاري ڪيون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button