بدين

بدين جي ٻن نوجوانن شيراز شاهه ڪاظمي ۽ نجيل شاهه جي بازياب لاءِ موٽر سائيڪل ڊيلر ايسوسيئيشن بدين پاران احتجاجي بک هڙتال.

Badin Protestبدين (اسلم نهڙيو) 24 نومبر 2011 تي بدين شهر ۾ موٽر سائيڪل جو ڪاروبار ڪندڙ شيراز شاهه ۽ سندس ڀائيٽو نجيل شاهه ڪراچي ويندي رستي مان اغوا ٿي ويا جن جي ڪار سجاول شهر ڀرسان پوليس کي هٿ آئي آهي. ڪيترائي ڏينهن گذرڻ جي باوجود شيراز شاهه ڪاظمي ۽ نجيل شاهه ڪاظمي جي بازياب نه ٿيڻ جي ڪري سندس وارثن ۽ موٽر سائيڪل ڊيلر ايسوسيئيشن بدين پاران احتجاجي بک هڙتال ڪئي. موٽر سائيڪل ڊيلر ايسوسيئيشن جي صدر طارق عزيز ميمڻ، جنرل سيڪريٽري شجاعت حسين خواجه، انيس ميمڻ، ممتاز پنهور اغوا ٿيندڙ ٻنهي نوجوانن جي بازيابي لاءِ بدين ۽ ٺٽي ضلع جي پوليس جي رويي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پوليس جي اهڙي عمل کانپوءِ بدين جا هزارين واپاري ۽ شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهن ٿا. شيراز شاهه ڪاظمي ۽ نجيل شاهه جي وارث ۽ واپارين وزيراعليٰ سنڌ، آئي جي سنڌ، ايس پي بدين ۽ ٺٽو کان مطالبو ڪيو آهي ته نوجوانن کي جلد از جلد بازياب ڪرائي وارث ۽ واپارين مان بي چيني ختم ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button