بدين

بدين ۾ ايس ايم سي جي فند ۾ 52000 هزار روپين جِي فراڊ جو انڪشاف

Badin Newsبدين (اسلم نهڙيو) ايس ايم سي جي فند ۾ 52000 هزار روپين جِي فراڊ جو انڪشاف . لاشاري برداري پاران بدين شهر ۾ احتجاج ۽ ڌرڻو. تعليم کاتو بدين ۽ بينڪ انتظاميه به ملوث قرار. اينٽي ڪرپشن بدين کان جاچ جو مطالبو. خبر موجب ڳوٺ خوشحال سولنگي يونين ڪائونسل ڀڳڙاميمڻ جي ڳوٺاڻن مولابخش لاشاري ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته اسان جي ڳوٺ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول خوشحال سولنگي جي هيڊ ماستر دلدار ٽالپور 52000 هزار روپيه ايس ايم سي جي فند مان لڪ چورئ ۾ ڪڍي هڙپ ڪري ويو آهي. ڳوٺاڻن پريس ڪلب بدين اڳيان داهيندي چيو ته اسان هيڊ ماستر جي ٺڳئ جي عدالت سڳوري ۾ شڪايت به ڪئي، جنهن تي سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن بدين پاران انڪوائري به هلي رهي آهي پر جيئن ته هن کي بااثر ماڻهو جي پٺڀرائي حاصل آهي تنهن ڪري هو مختلف حربا هلائي ڪيس تي اثر اندازٿي رهيو آهي جنهن ۾ هن کي سياسي پارٽين ۽ استادن جي يونين جو ساٿ مليل آهي .هو ميڊيا وسيلي به معاملي جو رخ بدلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.هنن چيو ته ماستر ديدار ۽ سندس ساٿي اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.. احتجاج ڪندڙن اعلي آفيسرن ۽ آپا فهميده مرزا کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ گورنمينٽ پرائمري اسڪول خوشحال سولنگي جي ايس ايم سي جا پئسا کائيندڙ هيڊماستر کان پڇاڻو ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button