آرٽيڪل

گهاتو يا ميڊيا!؟

مقصوديٰ سولنگي
ڪراچي ۾ اسپتالن مان هن دنيا ۾ پهريون ڀيرو اک کوليندڙن جي شرم ناڪ چوري۽ تازن ڄاول ٻارڙن جي غائب ٿيڻ جا واقعا ڪا نئين ڳاله ناهن، اهڙو ئي هڪ واقعو عيد کان ڪجه ڏينهن اڳ ڪراچي جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائيلڊ هيلٿ(ان آئي سي ايڇ) اسپتال ۾ پيش آيو، جنهن ۾ هڪ نئين زندگيءَ کي جنهن اڃان امڙ جي هنج به نه پاتي هوندي ان ٻار ڪي هڪ تربيت حاصل ڪندڙ نرس وارڊ مان کڻي وڪڻي ڇڏيو. پورن ڏهن ڏينهن کان پوءِ اهو ٻار پوليس بازياب ڪرائي ورتو. ان خبر اليڪٽرانڪ ميڊيا تي وڏي ڌم مچائي ڇڏي.انصاف ٿيوMedia، جنهن ۾ هڪ ماءُ جا اکيون آليون ڪندڙجذباتي منظر ڏيکاريا ويا. ان سنجيده مسئلي جي ڪري الائي ڪيترا ٻاراڃان تائين گم آهن؛ جن جواڄ تائين ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي.اهي منظر ڏسي اهڙين مائن جي اکين مان حسرتن جا بند ڀڃي پيا هوندا. الائي ڪيترا مجرماڻا هٿ آهن ان ڪاروبار ۾ جيڪي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ ناهن اچي سگهيا.
اڄ ڪله ميڊيا 7/24 ڪلاڪ مصروف عمل رهي ٿي.ان ڪري هر چرپر تي ڪانون واري اک رڪندڙ ميڊيا ان خبر کي تمام گهڻو وقت ڏنو، خبر جي بک ۾ ۽ وقت جي گذاري لاءِ ميڊيا هر خبر تي نظر رکي ٿي ان وٺ وٺان ۾ ضابطه اخلاق جي ڪمي حد تي پهچي وڃي ٿي ۽ ان جي ڪري ڪيترا گهر برباد ٿيا هوندا شايد ئي ميڊيا ڪڏهن انهن واقعن تان پردو کڻي سگهي، ڇو ته پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ ميڊيا جي وس جي ڳاله ناهي، ان ڳاله جي شاهد پاڻ ميڊيا آهي، هڪ وڏي نيوز چينل جي اهڙي پروگرام ڪي ڄاڻي واڻي بند ڪرايوويو هيو. اصل ۾ ان سڄي ڪوريج دئوران ميڊيا رڳو ٻن ڌرين تي تمام گهڻي مهربان رهي. هڪ اهو جوڙو ۽ ٻار، ٻي اها ماءُ جنهن ٻار نرس کان مبينا طور تي خريد ڪيو هيو.ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اهو ٻار ان عورت جي گهر مان هٿ آيو پر ان جي پڪ اڃان ٿيڻ باقي هئي ته ان عمل جي پويا ڪارڻ ڪهڙا هيا. ڇا اها عورت عادي مجرم هئي؟ جنهن جي گهران ٻار بازياب ڪرايو ويو؟اڃان ڪيس کي عدالت ۾ هلڻو هيو.
ان لائيو ڪوريج ۾ پوليس عور ت اهلڪار ان عورت جيڪا هر هر پنهنجو منهن پوتي ۾ لڪايو پئي لڪائي جي منهن تان پوتي لاهي ان جو منهن ڪيمرا ڏانهن زوري ڪندي رهي. ڪيمرا مين ڪنهن ماهرشڪاري جيان ان عورت جي منهن کي ڏيکارڻ جا موقعا حاصل مندي رهي. جڏهن ته اها عورت ٽي وي ڪيمرامين کي ايلاز ڪندي رهي ڀلائي ڪري توهان منهنجي وڊيو نه ٺاهيو ۽ اهو ته اسان کي نرس اهو چيو ته ٻار لاوارث آهي ان ڪري اسان هنج ورتو، اها عورت آخر ڪار واسطن ۽ قسمن تي اچي وئي ، ڪيمرا مين جي پيرن تي ڪري پئي، ته توهان ڪيمرا بند ڪري پوءِ مون کان سوال ڪيوان دئوران پوليس واري عورت ان کي ڌڪا ۽ ٿا ٻا ڏيندي رهي ۽ انتهائي بي عزتي سان پيش ايندي رهي. پران عورت تي نه ميڊيا کي رحم آيو ۽ نه ئي پوليس واري عورت کي. سوال اهو آهي ته ڇا دنيا جو ڪو به قانون ان ڳاله جي اجازت ڏئي ٿو ته ڪنهن مجرم سان تذليل وارو اهڙو رويو رکيو وڃي؟ هر ڪنهن کي پنهنجي عزت نفس آهي.حقيقت ۾ٿيڻ ايئن کپندو هيو ته ان پوليس واري عورت جي رويي تي ميڊيا کي سوال اٿارڻ کپي ها؛ جنهن ان عورت سان اهڙي تزليل واري رويو رکيو. اهڙن ڪيسن ۾ تماشو ۽ ميڊيا جو ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ ڪنهن جي به عزت سان ۽ نفس سان جيئن جنهن کي وڻي تيئن پيو ڪري. ٻئي طرف اصلي مجرم انسانيت جا ليڪالتاڙيندڙ ۽ پنهجي پاڪ ۽ نيڪ پيشي کي لڄائيندڙ اها نرس ميڊيا تي سامهون نه آندي وئي!. مطلب ته ميڊيا اهڙو بکيو شينهن آهي جنهن ۾ اها شناس ناهي ته ڪير اڳيان آهي؟ ڇا آهي؟ ڇا پيو ٿئي؟ جيڪو اڳيان آيو سو ويو!ان بکئي شينهن جي شڪار ٿيڻ کان رب بچائي. پوءِ ميڊيا ڪهڙي ريت عوام جي خدمتگار جي دعويدارآهي؟ اصل ۾ ته عام ماڻهو ميڊيا کان خوف ٿو کائي. جيڪڏهن ميڊيا ۾ ويٺل ماڻهوسمجهي ٿو ته انسان کي وڪڻڻ ۽ خريد ڪرڻ دنيا ۾ انتهائي ڪريل عمل آهي ۽ ان جي نندا جيتري ڪجي اوتري گهٽ آهي ته پوءِ انسانيت جي تذليل تي ڇو چپ آهي؟ ميڊيا ته هڪ تماشو ۽ شوشو ٿيو نه جنهن جي ور چڙهڻ کان عزت وارو ماڻهو پناه گهري ٿو. اسان جي ميڊياکي ان ڳاله کي واضع ڪرڻو پوندو ته اهڙن ڪيسن تي سندن حڪمت عملي ڇا آهي؟ نه ته تاريخ شاهد آهي ته اهڙي شئي جنهن کي عوام پنهنجو نه ڪيو هجي اها تاريخ جي پنن مان پنهنجو بقاءُ وڃائي ويهي ٿي.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو