ٺٽو

برسات ۽ ٻوڏ سبب 9 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن جن جي روزگار جا وسيلا ختم ٿي چڪا آهن: شيري رحمان

Sheri Rehman Red Crescent Thattaٺٽو(سجاد علي ميمڻ)اڳوڻي وفاقي وزير اطلاعات ۽ هلال اهمر پاڪستان جي چيئرمين شيري رحمان چيو آهي ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺٽي ۾ مستقل جي بنيادن تي ريسڪيو سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن ته جيئن عوام کي فوري طور تي امداد فراهم ٿي سگهي،اهڙو اظهار هن ٺٽي جي تعلقي سجاول جي ڳوٺ محمد عمر ڪنڀر ۾ متاثرين ۾ امدادي سامان ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب 9 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن جن جي روزگار جا وسيلا ختم ٿي چڪا آهن، جنهن لاءِ هلال احمر متاثرين جي بحالي لاءِ جوڳا اپاءُ وٺي رهي آهي، هن چيو ته هلال احمر جا پيوريفڪيشن پلانٽ ڪم ڪري رهيا آهن جنهن سان عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ٿي رهي آهي ، جڏهن ته سنڌ ۾ هيلٿ موبائيل يونٽ به ڪم ڪري رهيا آهن ، جنهن تحت هڪ موبائيل يونٽ ٽيم جيڪا روزانو 400 کان 500 مريضن جي چڪاس ڪري کين مفت دوائون فراهم ڪيون پيون وڃن، هن چيو سياري جي مند اچي ويئي آهي اسان جي ڪوشش آهي ته متاثرين جي بحالي کي جلد کان جلد يقيني بنايو وڃي جنهن لاءِ سمورا وسيلا قطب آندا پيا وڃن، ان کان اڳ هلال احمر سنڌ جي سيڪريٽري ڪنور وسيم، مرڪزي سيڪريٽري ڊاڪٽر رضوان ، ضلعي سيڪريٽري حاجي محمد حنيف ميمڻ، ڊاڪٽر ممتاز عقيلي پڻ خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button