آرٽيڪل

معمر قذافي لبيا کي ڇا ڏنو ڇا ورتو

مقصوديٰ سولنگي
معمر قذافيءَ جهڙي شخصيت جي بي درداڻي قتل جتي دنيا ۾ ان حوالي سان بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي؛ اتي معمر قذافي جي ڪمن ۽ بين اقوامي سياسي منظر نامي ۾ سندس قوم لاءِ ڪيل ڪجه بنيادي مسئلن ۽ سندس انهن لاءَ ڪيل فيصلن تي بحث ۽ مباحثا پڻ ڇيڙي ڇڏيا آهن Qazafiجيڪي اهي سوال اٿارين ٿا ته ڇا هو واقعي لبيا لاءِ هڪ خطرناڪ سياسي اڳواڻ هيو يا عالمي سرمائيدارن لاءِ اڳتي هلي هڪ للڪار پيدا ڪري ها ان لاءِ کيس منظر تان هٽايو ويو. اچو ته سندس ملڪ ۽ عوام لاءِ ڪيل اهم فيصلن تي هڪ نظر وجهون
.1 معمر قذافيءَ جي ڪيل اهم فيصلن مان هڪ اهو آهي ته لبيا ۾ ڪو به بجليءَ جي بل جو تصور ناهي. اتي بجلي عوام لاءِ مفت آهي.
2. ملڪ جون سڀ بينڪون حڪومت جي ملڪيت آهن. عوام کا ڪو به قرض وياج نه تو وٺي يعني سڀ قرض (0 سيڪڙو) وياج تي قرض ڏين ٿا.
3. لبيا ۾ گهر هر شهريءَ جو بنيادي حق آهي. معمر قضافي قسم کنيو هيو ته هن جا ماءُ پيءٌ تيستايئين گهر نه وٺندا جيستائين لبيا جي هر شهري ءَ کي گهر نه ٿو ملي وڃي معمر قذافي جو پيءُ ان دئوران وفات ڪري ويو. سندس والده ۽ گهر واري اڄ به ٽينٽ ۾ رهن ٿا.
4. لبيا ۾ هر نئين شادي شده جوڙي کي 50.000 امريڪي ڊالر ان لاءِ ڏنا وڃن ٿا ته هو نئون گهر وٺي پنهنجي ڪٽنب کي تحفظ فراهم ڪن.
5.لبيا ۾ تعليم ۽ علاج بلڪل مفت آهي. قذافيءَ جي حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ ۾ تعليم جي شرع 25 سيڪڙو هئي جيڪا هن وقت 83 سيڪڙو آهي.
6. لبيا ۾ جيڪڏهن ڪير به هارپو ڪرڻ چاهي ته ان کي حڪومت زرعي زمين، اوزار، ٻج، چوپايو مال ۽ ٻيون ضروري شيون بلڪل مفت فراهم ڪري ٿي.
7. جيڪڏهن ڪي به لبناني علاج معالجي جي سهولت ۽ تعليم لبيا ۾ نه ٿا حاصل ڪري سگهن ته حڪومت نه فقط انهن کي ٻاهرين ملڪ موڪلڻ جي ذميوار آهي پر هر مهيني2300 آمريڪي ڊالر فراهم ڪري ٿي نه رڳو اهو پر انهن کي ان ملڪ ۾ رهڻ دوران ڪار ۽ گهر به فراهم ڪري ٿي.
8.لبيا جو شهري جيڪڏهن ڪار خريد ڪري ٿو ته حڪومت ان جو 50 سيڪڙو پاڻ ادا ڪري ٿي.
9.لبيا ۾ پيٽرول جي قيمت 0.14 آمريڪي ڊالر آهي.
10.لبيا تي ڪو به ٻاهريون قرض ناهي . ان جو جمع ڪيل ناڻو 150 بلين آمريڪن ڊالر آهي.
11.لبيا ۾ جيڪڏهن ڪنهن شهري ءَ کي گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ نوڪري نه ٿي ملي ته حڪومت ان کي تيستايئين پئي پگهار ڏيندي جيستائين ان لاءِ نوڪريءَ جو بندو بست نه ٿو ٿئي.
12.لبيا جي تيل جي وڪري جو هڪ حصو هر شهري جي بينڪ اڪائينٽ ۾ برابريءَ جي بنياد تي ورهايو وڃي ٿو.
13.هڪ ماءٌ کي ٻار جي پيدائش تي 5000 آمريڪي ڊالر الائونس ڏنو ويندو آهي.
14.لبيا ۾ دبل روٽيءَ جا 40 پيڪ 0.15 امريڪي ڊالرن ۾ ملن ٿا.
15.لبيا جي 25 سيڪڙو ماڻهن وٽ يونيورسٽيءَ جي ڊگري آهي.
16.قذافيءَ دنيا جو وڏي ۾ وڏي آبپاشي نظام متعارف ڪرايو. جنهن جونالو هٿرادو درياه وارو منصوبو آهي. جنهن جو مقصد هڪ وارسي ملڪ ۾ پاڻي جي ترت رسائيءَ کي ممڪن بنائڻ هيو.اهو اڄ به دنيا جو پهريون ڪامياب آبپاشي منصوبو آهي.
اسين پاڪستان جهڙي ملڪ سان اگر لبيا جي ڀيٽ ڪيون ٿا ته خبر پوي ٿي ته اهي سڀ اهي شيون آهن جن جي حصول لاءِ عوام يا ته ٻچا وڪڻڻ تي مجبور آهي يا راجا خان رند وانگر پاڻ ساڙي زندگي وڃائڻ کانپوءِ زندگيءَ جي بنيادي ضرورت ايئن ڏني ٿي وڃي ڄڻ اهو سندن حق نه پر ڀيڪ هجي يا خيرات هجي.
اسان جا حڪمران سچ پچ جيڪڏهن معمر قذافيءَ جي قدمن جهڙا هڪ يا به قدم کڻن ته عوام اهڙن حڪمرانن کي جيءَ ۾ جايون ڏين، پر سچ چيو اٿن ته ڪٿي ڍور سڃان ڪٿي مور سڃان.ان جي باوجود اسان جي ذهنن ۾ ڪئي اهڙا سوال اڀرن ٿا ته آخر معمر قذافيءَ کي مارڻ ڪنهن جي سياسي مفاد ۾ آهي. ان جو جواب هر پاڪستاني ڄاڻي ٿو. ڇو ته اسان ان سياسي ويڙه ۽ انهن حقن جي حاصلات لاءِ اسان ڪونڌر ڪهايا آهن.پر لبيا جي ماڻهن جون شايد ترجيهون مٽجي ويون هيون جو هنن پنهنجي حڪمران ۽ هم وطن کي تذليل سان مارايو.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو