ٺٽو

ذوالفقار آباد شهر هتان جي لکين مقامي ماڻهن کي پنهنجي اباڻي ماڳن، وسندين ۽ زمينن تان بيدخل ڪري ڌارين ۽ شاهوڪار ترين ماڻهن کي آباد ڪرڻ جو شهر آهي: چيئرمين فشرفوڪ فورم

Muhammad Ali Shahٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ضلعي جي سامونڊي پٽي ۾ تعمير ٿيندڙ جديد شهر ذوالفقار آباد سبب 223 ڪلوميٽر سامونڊي پٽي 6 تاريخي بندرگاهه 480 قديم وسنديون، 2 لک 35 هزار مقامي انساني آبادي ، 17 ڪريڪس به روينيو کاتي سرڪاري ملڪيت ڄاڻائي ڇڏيا آهن، ان ڏس ۾ فشرفوڪ فورم جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ جي 250 ڪلوميٽرن جي ايراضي ضلي ٺٽي جي حدن ۾ اچي ٿي جنهن ۾ 480 مقامي ماڻهن جا قديم ڳوٺ آباد آهن جن ۾ 2 لک 35 هزار انساني آبادي رهندڙ آهي جنهن ۾ تعلقو ميرپورساڪرو جي شهر ٻوهارا کان پورٽ قاسم تائين 50 ڪلوميٽر ان ۾ 80 ڳوٺ 90 هزار انساني آدمشماري ، تعلقي گهوڙاٻاري جي جوهو کان ٻوهارا شهر تائين 37 ڪلوميٽر ۾ 60 ڳوٺ 40 هزار انساني آبادي، تعلقي ڪيٽي بندر جي ڀوري تڙ کان ڇاڻ جوهو 24 ڪلوميٽر 45 ڳوٺ 35 هزار انساني آبادي، تعلقو کاروڇاڻ جي ٽوڙهي کان ڦاٽ دريا تائين 25 ڪلوميٽر 30 ڳوٺ 25 هزار انساني آدمشماري، تعلقو شاهبندر جي ڇڇجهان خان کان ٺوڙهي تائين 30 ڪلوميٽر 65 ڳوٺ 20 هزار انساني آبادي ۽ جاتي تعلقي جي زيرو گونگڙو کان ڇڇجهان خان تائين 57 ڪلوميٽر زميني ايراضي ۾ 200 ڳوٺ 30 هزار انساني آبادي صدين کان وٺي آباد آهن ان کان سواءِ سنڌ جا قديم ۽ تاريخي بندرگاهه ڪيٽي بندر، سوکي بندر ، کاروڇاڻ، ڏانڍي جو بندر، شيرازي بندر، شاهبندر، 17 ڪريڪس ، مشهور درگاهه ابراهيم شاهه واڙي وارو سميت مقامي ماڻهن جا اباڻا قبرستان ، ماڳ ۽ مقان پڻ ذوالفقار آباد رٿا ۾ آندا ويا آهن هوڏانهن فشرفوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه ذوالفقار آباد رٿا کي عالمي سطح جي سازش قرار ڏيندي چيو آهي ته ذوالفقار آباد شهر هتان جي لکين مقامي ماڻهن کي پنهنجي اباڻي ماڳن، وسندين ۽ زمينن تان بيدخل ڪري ڌارين ۽ شاهوڪار ترين ماڻهن کي آباد ڪرڻ جو شهر آهي جيڪڏهن حڪمرانن کي مقامي رهواسين سان ايتري همدردي آهي ته برسات ۽ ٻوڏ سبب تباه ٿي ويل شهرن ۽ وسندين تي اها رقم خرچ ڪري باقي ترقي جي آڙ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ جي ڪنهن به سازش کي قبول نه ڪيو ويندو ۽ ڀرپور جدوجهد هلائي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button