خيرپور

ڪافي حد تائين ٽارگيٽ ڪلنز ۾ گهٽتائي آئي آهي ڪيترائي ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا آهن

خيرپور ( رپورٽ : اعجاز جکڙ ) صوبائي صلاحڪار ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳواڻ امتياز حسين شيخ چيو آهي ته ذوالفقار مرزا طرفان فاش ڪيل راض پيپلز پارٽي جو اندورني معاملو آهي پر جيڪي راز ان کوليا آهن انهن جو ازالو ضرورو ٿيڻ گهرجي ڇو ته ان ۾ ڪراچي سميت سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو فائدو ٿيندو. اهڙي ڳالهه هن اڳوڻي صوبائي وزير ۽ فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ ظفر اقبال ٻلال جي خيرپور واري رهائش گاهه تي آيل ڪارڪنن ۽ صحافن سان ڳالهائيندي ڪئي هن چيو ته ڪافي حد تائين ٽارگيٽ ڪلنز ۾ گهٽتائي آئي آهي ڪيترائي ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا آهن هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي عيد جي ڏينهن به پير صاحب پاڳاري جي حڪم تي بدين ۽ ٺٽي پهچي متاثر ماڻهن جي مدد ڪئي ۽ انهن سان عيد گڏ ڪئي هن چيو ته خيرپور ضلع جي ٻن تعلقن ڪنگري ۽ نارو تعلقه ۾ برسات ۾ جيڪي نقصان ٿيو آهي ۽ جيڪي ماڻهو متاثر ٿيا آهن انهن جي ضلع انتظاميه ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ يا ڪنهن ٻئي سياستدان سار نه لڌي آهي تنهنڪري آءُ پير صاحب جي حڪم تي ڪراچيءَ کان خيرپور پهچي سندن مدد ڪرڻ جي لاءِ پهتو آهيان ان موقعي تي سينيٽر چوڌري ساجد ايم ايس ايف جا ڪارڪن ساڻس گڏ هئا .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button