ضلعي اندر سرڪاري کاتن توڙي غير سرڪاري تنظيمن پاران برسات متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي پئي وڃي: محمد عباس بلوچ
خيرپور: ضلعي ايڊمنسٽريٽر ڊي سي او محمد عباس بلوچ جي صدارت ۾ برسات متاثرن جي بحالي لاءِ ڊي سي او هائوس ڪاميٽي روم ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ اِي ڊي او فنانس اينڊ پلاننگ احمد علي قريشي، اِي ڊ او هليٿ ڊاڪٽر احسان الله سيال، ڊي او روينيو ڪئپٽن انوار ، نيشنل بئنڪ سکر جي ريجنل هيڊ محمد زمان ، نيشنل بئنڪ جي مختلف جنرل مئينجرس آغا بشير احمد پٺاڻ، معشوق علي خواجه، محمد رمضان بلوچ، بشير احمد سنگهڙ ، خيرپور نيشنل بئنڪ جي ايريا مئنيجر ممتاز علي ڀُٽو ۽ مختلف سماجي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ ڊي سي او محمد عباس بلوچ ٻُڌايو ته ضلعي اندر سرڪاري کاتن توڙي غير سرڪاري تنظيمن پاران برسات متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ان سلسلي ۾ ڪيترين ئي سماجي تنظيمن سان گڏجاڻيون پڻ ٿيون آهن ته جيئن برسات متاثرن جي وڌ ۾ وڌ خدمت ٿي سگهي. هن چيو ته ضلعي حڪومت گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ضلعي جي برسات متاثرن علائقن ۾ مختلف سماجي تنظيمن سان گڏجي هڪ ٽيم جي صورت ۾ ڪم ڪري رهي آهي ۽ هِن ٻُڌايو ته سندن پهريون ڪم ٻوڏ متاثرن جي بحالي سان گڏو گڏ برسات متاثرن جي گهرن کي بچائڻ لاءِ انهن جي گهرن مان پاڻي جي ڪڍڻ آهي جڏهن ته ٻئي مرحلي برسات متاثر علائقن جي فصلن ماڻ پاڻي جي نيڪال ڪرڻ آهي. ڊي سي او وڌيڪ آگاهي ڏيندي ٻُڌايو ته ضلعي انتظاميا پاران برسات متاثرن جي بحالي واري ڪم جي خصوصي نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ انهي سلسلي ۾ روزانو صبح جو 10 وڳين ۽ رات جو 8 وڳين گڏجاڻي ڪري برسات متاثرن علائقن جي تازي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو آهي ۽ ان کانپوءِ امدادي ڪارواين جو پلان جوڙيو ويندو آهي. ان موقعي تي ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ نيشنل بئنڪ، گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (گمز)، سنڌ رورل سپورٽ پروگرام (سرسو)، انڊس ريسورس سينٽر (آءِ آر سي) ، نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ (اين سي ايڇ ڊي) انٽرنيشنل ريڊڪراس ۽ ٻين ملڪ، علائقائي ۽ عالمي غير سماجي تنظيمن (اين جي اوز اينڊ آءِ اين جي اوز) جو ٻوڏ متاثرن جي وڌ ۾ وڌ خدمت ڪرڻ تي شُڪريو ادا ڪيو. گڏجاڻي ۾ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان سکر جي ريجنل هيڊ محمد زمان ٻُڌايو ته جئين گذريل سال ٻوڏ متاثرن جي نيشنل بئنڪ پاران مدد ڪئي وئي هئي ساڳي ريت نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي صدر قمر حُسين ۽ گروپ چيف ڊاڪٽر آصف اي بروهي جي زاتي دلچسپي ۽ خاص هدايتن تي ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ صوبي اندر برسات متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي پئي وڃي. هن ٻُڌايو ته برسات متاثرن جي بحالي، کاڌ خوراڪ، صحت جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ نيشنل بئنڪ پاران وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون پيون وڃن جڏهن ته خيرپور ضلعي جي برسات متاثرن لاءِ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان پاران 7 لک روپين جي ماليت جون دوائون ضلعي حڪومت حوالي ڪيون ويون آهن ان سان گڏو گڏ ضلعي اندر برسات متاثر علائقن م 04 عدد ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون ويون آهن ۽ جڏهن کاڌي پيتي جو سامان پڻ تقسيم ڪيو پيو وڃي. گڏجاڻي ۾ برسات متاثرن جي لاءِ صحت جي سهولتن جي فراهمي جي سلسلي ۾ اِ ي ڊي او صحت ڊاڪٽر احسان الله سيال ٻُڌايو ته ضلعي اندر مختلف برسات متاثر علائقن ۾ 12 موبائل ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن جن ۾ روزانو تقريبن 3 کان 4 هزار برسات متاثر مريضن جي مفت طبي چڪاس ڪري کين مفت دوائون پڻ ڏنيون پيون وڃن.