ٺري ميرواھ

امداد ڏيڻ سرسو جي حوالي ڪرڻ وڏي غلطي آهي سرسو اڳ ۾ آيل ٻوڏ ۾ رڪارڊ ڪرپشن ڪئي: فقير غلام رسول شر

ٺري ميرواهه (محمد اقبال سومرو): فنڪشنل مسلم ليگ ليبر ونگ ضلع خيرپور جي ڊپٽي جوائنٽ سيڪريٽري انجنيئر فقير غلام رسول شر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته تعلقه ٺري ميرواهه اندر برسات سبب تمام گهڻي تباهي آئي آهي ۽ 90 سيڪڙو فصل تباهه ٿي ويا آهن تعلقه ميرواهه کي آفت سٽيل قرار ڏنو وڃي، انجنيئر فقير غلام رسول شر وڌيڪ چيو ته تعلقه ٺري ميرواهه انتظاميا من پسند ماڻهن کي جنريٽر ڏئي انهن جي ڳوٺن مان پاڻي ڪڍرائي رهي آهي جڏهن ته ڳوٺن ۾ پاڻي سبب مليريا پکڙجي وئي آهي پر ڦوهارو به سفارش تحت ٿي رهيو آهي هن وڌيڪ چيو ته امداد ڏيڻ سرسو جي حوالي ڪرڻ وڏي غلطي آهي سرسو اڳ ۾ آيل ٻوڏ ۾ رڪارڊ ڪرپشن ڪئي ان کان اهو ڪم ڪيو وڃي ڪنهن ايماندار اين جي او کي ڏنو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته اڳئين ٻوڏ دوران ڀرتي ڪيل عملو غير تجربيڪار هيو ۽ صرف من پسند ماڻهو نوازڻ ۾ پورا آهن

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button