ٺٽو

ڊاڪٽر واسديو لوهاڻو ٺٽي کان پنهنجي گهر ويندي گلشن حديد واري علائقي مان اغوا

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي جي مشهور چيسٽ اسپيشلسٽ ۽ ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر واسديو لوهاڻو ٺٽي کان پنهنجي گهر ويندي گلشن حديد واري علائقي مان اغوا، هندو برادري سميت ڊاڪٽرن ۾ ڳڻتي ڇانيل صحت کاتي جي مرڪزن ۾ ٽوڪن هڙتال جو سڏ. رپورٽ. موجب ٺٽي ضلعي جي مشهور چيسٽ اپيشلسٽ ۽ صحت کاتي ٺٽو جي ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر واسديو جي لوهاڻا گذريل رات پنهنجي ٺٽي ۾ ڪلينڪ بند ڪري بس ذريعي گلشن حديد ۾ پنهنجي گهر روانو ٿيو جيڪو گلشن حديد جي مين اسٽاپ تي لهڻ کان پوءِ گهر نه پهتو، ۽ سجي رات گهر وارن پاران انتظار ڪرڻ کان پوءِ ڪالهه صبح جو سندس موبائيل فون ذريعي اغوا ڪندڙن سندس گهر فون ڪري ڊاڪٽر کي اغوا ڪرڻ جو اطلاع ڏنو، جنهن کان پوءِ سندس گهرڀاتين توڙي ڊاڪٽر برادري ۾ سخت ڳڻتي ۽ پريشاني ڦهلجي ويئي آهي ، ان سلسلي ۾ اغوا ٿيل ڊاڪٽر واسديو جو سئوٽ مادو داس ٻڌايو ته ڊاڪٽر واسديو گذريل رات گهروارن کي فون ڪري اطلاع ڪيو هو ته هو ٿوري دير ۾ گهر پهچڻ وارو آهي جنهن کان پوءِ سندس موبائل فون بند ٿي ويو ۽ رابطو ڪٽجي ويو هن ٻڌايو ته ڪالهه صبح جو سندس گهر فون ذريعي ڪجهه نامعلوم ماڻهن اطلاع ڏنو ته ڊاڪٽر سندن تحويل ۾ آهي جنهن کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو ۽ پوليس کي اطلاع نه ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته واقعي جو اطلاع ملنديئي چوهڙجمالي ، سجاول۽ ٺٽي مان سندس مائٽن توڙي ۽ ڊاڪٽرن سندس گلشن حديد واري رهائش گاهه تي پهچي ويا جتي صلاح مشهوري بعد گلشن حديد واري ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ وارث ويا پر آخري اطلاعن تائين سند س اغوا جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو،

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button