ٺٽو

ٺٽي ۾ هڪ شخص پئٽرول هاري نوجوان کي باهه ڏيئي ڇڏي

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) جهمپير لڳ هڪ ڳوٺ ۾ هڪ شخص پئٽرول هاري نوجوان کي باهه ڏيئي ڇڏي، نازڪ حالت ۾ حيدرآباد اسپتال داخل، جهمپير لڳ ڪوهستاني ڳوٺ خميسو شورو ۾ گذريل رات شراب جي نشي ۾ دت هڪ شخص امين شورو 20 ورهين جي نوجوان لقمان شورو تي پئٽرول هاري کيس باهه ڏيئي ڇڏي جنهن سبب سندس جسم جو 60 سيڪڙو حصو سڙي ويو ، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد داخل ڪرايو ويو آهي جڏهن ته واقعي جو ڪيس جهمپير ٿاڻي تي درج ڪرايو آهي پر جوابدار فرار ٿي ويو باهه سبب سڙي زخمي ٿيل نوجوان جي مائٽ اڳوڻي يوسي ناظم غلام رسول شورو ٻڌايو ته ٺري (ڪچو شراب) جي نشي ۾ دت جوابدار امين شورو کي ڇيڙڇار کان منع ڪرڻ تي جوابدار سندس نوجوان لقمان شورو تي پئٽرول هاري کيس باهه ڏيئي ساڙي مارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن بابت مقامي پوليس وٽ رپورٽ درج ڪرائي ويئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button