سياسي بصيرت

ليکڪ: موسيٰ رضا
جنھن سياسي بصيرت، تحمل ۽ برداشت جو مظاھرو گذريل ساڍن ٽن سالن کان ڪيو پيو وڃي، ائين پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ڪڏھن ناھي ٿيو. ملڪ اڄ جنھن بحران جو شڪار آھي، اھڙو بحران بھ ڪڏھن پيدا ناھي ٿيو، پاڪستان جي سياسي قيادت اڄ جنھن ڪردار جو مظاھرو ڪري رھي آھي، ان جي واکاڻ تھ مستقبل جو سياسي مورخ ڪندو پر سياسي قيادت جي بالغ نظري سبب پاڪستان نھ صرف دھشتگردي ۽ انتھاپسندي جي خلاف جنگ ۾ پنھنجي پوري قد سان بيٺو آھي پر توانائي جي گھرج ۽ پھچ ۾ شديد عدم توازن ۽ ملڪي معيشت جي شديد بحران جي باوجود سياسي قيادت عوام کي متحد ڪري رکيو آھي ۽ رياست تي عوام جو اعتماد متزلزل نھ ٿيڻ ڏنو. پاڪستان کي مسئلن جي جنھن طوفان جو منھن آھي ان ۾ سياسي پارٽيون بي پناھھ فائدو وٺي سگھن پيون، حڪومت جي ڪمزوري مان جيڪڏھن فائدو وٺڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وڃي ھا تھ ملڪ ۾ جمھوريت ڪمزور ٿئي ھا، عوام جو اعتماد مجروح ٿئي ھا ۽ قومي اتحاد ۾ فرق پوي ھا، ھاڻي ماضي ۾ جڏھن نون ليگ پنجاب ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي کي صوبي جي مليل جليل حڪومت کان الڳ ڪري ڇڏيو. اھا صورتحال سياسي مخالفن جي لاءِ تمام آئيڊيل تصور ڪئي وڃي ٿي، نون ليگ کي پنجاب ۾ اڪثريت حاصل نھ آھي، پاڪستان پيپلزپارٽي قاف ليگ کي گڏ ملائي ۽ رياستي وسيلا استعمال ڪري پنجاب ۾ حڪومت بڻائي سگھي ٿي، پر پاڪستان جي سياسي قيادت جيڪو فيصلو ڪيو اھو ان جي بصيرت جو ثبوت آھي. وفاقي حڪومت جي طرفان وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پيپلزپارٽي کي پنجاب جي مليل جليل حڪومت کان الڳ ڪرڻ وقت اھو واضح ڪري ڇڏيو ھو تھ پنجاب حڪومت کي ڪمزور نھ ڪيو ويندو. اھو ئي ٿيو پنجاب جو وڏو وزير ميان شھباز شريف پيپلزپارٽي ۽ قاف ليگ جي اتحاد جي باوجود پنجاب ۾ ھم خيالن کي صوبائي حڪومت ۾ حصو ڏيڻ بغير پنجاب حڪومت ھلائي رھيو آھي ۽ کيس ڪو اھڙو خدشو بھ ناھي تھ رياستي وسيلا استعمال ڪري پنجاب ۾ سندس حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. سنڌ ھڪ ڪلاسيڪل مسئلو آھي، جتي ايم ڪيو ايم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ھڪٻئي جون فطري حريف آھن، ايم ڪيو ايم ڪئين ڀيرا صوبائي حڪومت کان الڳ ٿي، ڪيترائي ڀيرا ائين محسوس ٿيو جو معاملا پوائنٽ آف نو ريٽرن تائين پھچي چڪا آھن پر سياسي قيادت جي بالغ نظري ھميشھ معاملن کي سھڻي طريقي سان سنڀالي ورتو، سنڌ ۾ ڪمشنري نظام جو نفاذ ۽ ان جو خاتمو انھي* بصيرت جو نتيجو آھي، جنھن ۾ سياسي قوتون پنھنجا فيصلا عوام جي مفاد ۾ ڪن ٿيون ۽ جمھوريت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪن ٿيون، ان کان پھريان مرڪز ۾ ھڪ وقت اھڙو بھ ھو جڏھن ايم ڪيو ايم، جمعيت علماءِ اسلام حڪومت کان الڳ ٿي چڪيون ھيون، نون ليگ پھرين کان حڪومت جي مخالف ھئي، بظاھر اھو نظر اچي رھيو ھو تھ وزيراعظم گيلاني ايوان ۾ اڪثريت وڃائي چڪو آھي، ان وقت ڪنھن ايڊوينچر جا امڪان نظرانداز نھ ڪري سگھيا پئي پر ان وقت بھ پاڪستان جي سياسي قيادت بالغ نظري جو مظاھرو ڪيو ۽ سياسي رھنما* پنھنجي ان واعدي تي قائم رھيا تھ عوام جيڪڏھن حڪومت کي پنجن سالن جو مينڊيٽ ڏنو آھي تھ ان کي پنھنجا پنج سال پورا ڪرڻ کپن، ڪا تحريڪ عدم اعتماد نھ آئي، اميدن ۽ خدشن جي ابتڙ وفاقي حڪومت آساني سان آئيندھھ مالي سال جي بجيٽ منظور ڪري ورتي ۽ ھاڻي تھ ايم ڪيو ايم ٻيھر وفاقي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جون ڳالھيون ٿي رھيون آھن. ساڍا ٽي سال گذري چڪا آھن، محض 81 مھينا باقي آھن، جنھن کان پوءِ ملڪي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ڪا سياسي حڪومت پنھنجي پنج سالا آئيني مدت پوري ڪرڻ ويندي. اھو يقينن معجزو ھوندو ۽ ان جو سمورو ڪريڊٽ سياسي قيادت ڏانھن ويندو. سياسي بصيرت ۽ بالغ نظري جو ھڪ مظاھرو نون ليگ جي سربراھھ ميان نواز شريف جي لانگ مارچ جي دوران ڏسڻ ۾ آيو ھو، لٿل ججن جي بحالي کي ناممڪن سمجھو پيو وڃي پر حڪومت ان کي پنھنجي انا جو مسئلو نھ بڻايو ۽ عدليا کي بحال ڪيو ويو، اھو بھ سياسي بصيرت جو ھڪ خوشگوار نمونو ھو ٻي صورت ۾ لانگ مارچ ٿئي ھا، گرفتاريون ٿين ھا معزول عدليا بحال نھ ٿئي ھا ۽ ملڪ سياسي افراتفري جو شڪار رھي ھا. 8..2ع جي عام چونڊن کان پوءِ پاڪستان کي جن چئلينجن جو منھن ھو اھي تمام وڏا ھئا، پاڪستان دھشتگردي جي خلاف جنگ ۾ بي پناھھ نقصان سھي رھيو ھو، محترمھ بينظير ڀٽو ان جنگ جو نشانو بڻجي چڪي ھئي، ملڪي ۽ غير ملڪي سرمائيداري بري ريت متاثر ٿي ھئي، توانائي جي گھرج ۽ پھچ ۾ عدم توازن ملڪي معيشت کي پنھنجي نشاني تي رکي ڇڏيو ھو، ساڍن ٽن سالن جي دوران انھن سمورن معاملن تي بتدريج ضابطو آندو ويو، ٻئي پاسي قومي مالياتي ايوارڊ ۾ صوبن جي وسيلن ۾ واڌ ڪئي وئي ۽ ھڪ متفقھ فارمولي تي اتفاق راءِ ڪيو ويو. ان کان پوءِ 81ھين آئيني ترميم پنھنجي جاءِ تي پاڻ ھڪ وڏو ڪارنامو ھو، سياسي قيادت پنھنجي اندروني تضادن ۽ سياسي اختلافن کي نظرانداز ڪندي جيڪو نئون سوشل ڪنٽريڪٽ جوڙيو ان سان صوبن جي اختيارن ۾ واڌ ٿي، وفاق کان صوبن کي اختيارن جي منتقلي ھڪ اھڙو حيرت انگيز ڪارنامو آھي، جنھن جي متعلق پاڪستان جھڙي ملڪ ۾ سوچي بھ نٿو سگھجي پر بحرانن جي شڪار پاڪستان جي سياسي قيادت اتفاق راءِ سان 81ھين ترميم جي ذريعي وفاق کي مستحڪم ڪيو. ايبٽ آباد جي واقعي ۾ جڏھن اساما بن لادن جي مارجڻ ۽ مھران ايئربيس تي دھشتگردن جي حملي ۾ پي ٿري سي ۽ ين جھازن جي تباھي کان پوءِ پاڪستان جي ھٿياربند فوج کي بين الاقوامي پروپئگنڊا جو نشانو بڻايو پئي ويو ان وقت پاڪستان جي سياسي قيادت پنھنجي ھٿياربند فوج جي پويان بيھي رھي ۽ ان سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.
7491ع کان وٺي اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي حڪومت تائين ملڪ ۾ جيترا بھ حڪمران آيا انھن ۾ ڪا نھ ڪا خامي ڪٿي نھ ڪٿي موجود رھي ھئي خاص ڪري سياسي حوالن سان مخالفن کي رياستي وسيلن جي ذريعي نقصان پھچائڻ ھڪ روايت بڻجي چڪي ھئي، اسان کي گھڻو پري نھ وڃڻ گھرجي، جنرل ضيا/ الحق پاڪستان پيپلزپارٽي کي پنھنجو بدترين مخالف سمجھندو ھو ۽ پارٽي ڪارڪنن ۽ رھنمائن کي رياستي وسيلا استعمال ڪري جھڙي ريت ڪُچليو ويو گھٽ ۾ گھٽ ڏکڻ ايشيا جي تاريخ ۾ ان جو مثال نٿو ملي. شھيد محترمھ بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف .991ع جي ڏھاڪي ۾ ٻھ ٻھ ڀيرا حڪومتون ڪيون جن ۾ سياسي مخالفن جي خلاف قدم کنيا ويندا ھئا، ڪوڙا ۽ بي بنياد ڪيس قائم ڪرڻ جي ڪري آصف علي زرداري کي ڊگھي عرصي تائين جيل ڪاٽڻو پيو. محترمھ بينظير ڀٽو کي جلاوطني اختيار ڪرڻي پئي. جن نيب ڪيسن جو ذڪر ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي کي الزام ڏنا وڃن ٿا اھي ڪيس ميان نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ قائم ڪيا ويا ھئا، ميان نواز شريف کي بھ سياسي مخالفت جو منھن ڪرڻو پيو ھو.
اڄ پاڪستان جي سياسي تاريخ بدلجي چڪي آھي، مخالفن جي خلاف ڪوڙا ڪيس قائم نٿا ڪيا وڃن، جوڙ ٽوڙ جي ذريعي حڪومتون نٿيون ڪيرايون وڃن ۽ نھ ئي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد پيش ٿئي ٿي. پاڪستان جي سياسي تاريخ تبديل ٿي رھي آھي، ان جو ڪريڊٽ ملڪ جي سياسي قيادت کي ڏيڻ گھرجي…

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

پڻ چيڪ ڪريو
Close
Back to top button
Close