خيبر پختون خوا

خيبر ايجنسي ۾ جمعي نماز دوران آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو،57 نمازي شهيد،127 زخمي

peshawar blast twoخيبر ايجنسي : خيبر ايجنسي جي تعلقي جمرود ۾ جمعي جي نماز جي موقعي تي جامع مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 57 نمازي شهيد ۽ 127 ڄڻا زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب خيبر ايجنسي جي تعلقي جمرود جي علائقي غنڊئي ۾ المدينه جامع مسجد ۾ ان وقت زوردار ڌماڪو ٿيو جڏهن ماڻهون جمعي جي نماز ادا ڪري رهيا هئا. جنهن دوران هڪ آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ڌماڪي سبب جامع مسجد شهيد ٿي وئي ۽ ڪيترائي نمازي ملبي هيٺان دٻجي ويا، بم ڌماڪي وقت مسجد ۾ 500 کان وڌيڪ نمازي موجود هئا. جامع مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪي سبب مسجد جو وڏو حصو شهيد ٿي ويو، ڇت ۽ ديوارون ڪري پيون، اکين ڏٺن شاهدن موجب ڌماڪو آپگهاتي بمبار پاران ڪيو ويو، ڌماڪو ايترو شديد زوردار هو جيڪو پري پري تائين ٻڌو ويو، جنهن سبب ڀرپاسي جون عمارتون به ڌڏي ويون ۽ عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا، هڪ اکين ڏٺي شاهد موجب ڏينهن جو هڪ لڳي 40 منٽن تي پيش امام جيئن ئي الله اڪبر چيو ته ان وقت 16 سالن جي هڪ نوجوان پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن سبب سڄي مسجد دونهين سان ڀرجي وئي، ڌماڪي بعد مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت لاش ۽ زخمين کي خيبر ٽيچنگ ۽ حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ منتقل ڪيو ۽ مسجد کي صاف ڪري سموريون شاهديون مٽائي ڇڏيون، جڏهن ته امدادي ٽيمون ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ 2 ڪلاڪ گذرڻ باوجود واقعي واري هنڌ نه پهتو، ڌماڪي بعد پشاور جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. اسپتال جي ذريعن موجب خيبر ٽيچنگ اسپتال ۾ 15 لاش ۽ 40 زخمي، جڏهن ته حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ 15 لاش ۽ 33 زخمين کي آندو ويو، پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ به ڪيترن ئي زخمين کي آندو ويو، جن مان ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي، جنهن سبب ڌماڪي ۾ وڌيڪ ماڻهو مارجي وڃڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، سيڪيورٽي ذريعن موجب ڌماڪو آپگهاتي هو، بمبار نمازين جي صفن ۾ موجود هو، ڌماڪي بعد خاصه دار فورس جي هڪ اهلڪار نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ 57 نمازي شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. خيبر پختونخواهه جي سڌ سماءَ واري وزير ميان افتخار حسين چيو آهي ته حملي وقت مسجد ۾ 500 نمازي موجود هئا، جن مان 50 ڄڻا شهيد ٿيا آهن، دهشتگردن جو ڪنهن به مخصوص علائقي يا مذهب سان تعلق ناهي، هو عالمي ايجنڊا وقت ڪم ڪري رهيا آهن ۽ عام ماڻهو سندن هٿن ۾ کيڏي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان، آمريڪا ۽ افغانستان کي اعتماد بحال ڪري اثرائتي ڪارروائي ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن سهڪار جو فقدان هوندو ته دهشتگرد مضبوط ٿيندا، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي جهاد ڪرڻو پوندو، هوڏانهن جمرود ۾ ڌماڪي بعد ڊاڪٽرن طرفان ماڻهن کي رت جا عطيا ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي، بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي عملدار موجب جمرود جي مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي. صدر آصف زرداري جمرود ۾ مسجد ۾ ٿيل ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيدن جي وارثن سان ڏک ۽ زخمين سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو آهي، صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته دهشتگرد پنهنجي بزدلاڻين ڪارروائين سان اسان جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن. هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ ۽ دهشتگردي جا منصوبا ٺاهيندڙن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم يوسف رضا گيلاني پڻ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته مسجدن ۾ ڌماڪا ڪندڙ اسلام جا دشمن آهن، انهن جو اسلام سان ڪو به تعلق ناهي، بيگناهه ماڻهن جو خون وهائيندڙ انسانيت جا دشمن آهن، هن شهيدن جي وارثن ۽ زخمين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي ۽ آءِ جي خيبر پختونخواهه کي فوري طور تي جاچ جو حڪم ڏنو آهي، وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ حملي جي سخت مذمت ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا، سينيٽ چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ، مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف، متحده جي سربراهه الطاف حسين، اي اين پي جي سربراهه اسفند يار ولي، چوڌري شجاعت حسين، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سميت چئني صوبن جي وڏن وزيرن، گورنرن ۽ وفاقي وزيرن خيبر ايجنسي ۾ ٿيل آپگهاتي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي.آ
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button