رانديون

ملهه ۽ ملاکڙو سنڌ جي قديم ثقافتي راند آهي جيڪا سرڪاري طور تي نوٽيفائيڊ پڻ ٿيل آهي: صوبائي وزير

Full Size Photo Malakhiraحيدرآباد: صوبائي وزير قانون محمد اياز سومرو چيو آهي ته ملهه ۽ ملاکڙو سنڌ جي قديم ثقافتي راند آهي جيڪا سرڪاري طور تي نوٽيفائيڊ پڻ ٿيل آهي جڏهن ته موجوده حڪومت سنڌ جي قومي راندين کي هٿي وٺرائڻ ۽ انهن کي ملڪي توڙي عالمي سطح تي روشناس ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي . اهڙو اظهار هن حضرت لعل شهباز قلندر جي 759هين سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي ٽن ڏينهن واري ملاکڙي جي افتتاحي تقريب دوران ڳالهائيندي ڪيو _ساڻس گڏ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ۽ چيئرمين ميلا ڪميٽي ناصر عباس سومرو ۽ ٻيا عملدار پڻ گڏ هئا _ صوبائي وزير چيو ته ان مقصد لاءِ صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير طرفان واضح هدايتون پڻ جاري ٿيل آهن ۽ ملهه پهلوانن کي معاشي طور تي مستحڪم بنائڻ لاءِ کين ميرٽ جي بنيادن تي مختلف ادارن ۾ ملازمتون پڻ فراهم ڪيون وينديونAyaz Soomro ته جيئن سندن مان احساس محرومي جو خاتمو آڻي سگهجي _ ان کان اڳ خاص مهمان باقائده ملاکڙي جو افتتاح ڪيو ۽ بعد ۾ هن ملاکڙي ۾ پهرين ، ٻئي ۽ ٽئين جوڙ جي ملهه پهلوانن وچ ۾ ملهه جا مقابلا ڏٺا جنهن ۾ مشهور پهلوانن صفدر عالماڻي، محرم جمالي ، حاڪم برحماڻي ،سجاد ملاح ، سليم جمالي ، منٺار مگسي ، زاهد ڪوري ، ارباب راهو ، نور محمد بروهي ، نور احمد فراش ، غلام حسين کوسو،جمن چنا ۽ ٻين پڻ حصو ورتو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button