بدين

نئون نظام! بدين جون سرڪاري آفيسون ويران ۽ عوام پريشان

badinبدين( سانوڻ خاصخيلي): نئون نظام! بدين جون سرڪاري آفيسون ويران ۽ عوام پريشان. تفصيل موجب حڪومت سنڌ طرفان صوبي ۾ ڪمشنري، پوليس ۽ بلديات جي پراڻي نظام جي بحالي واري آڊينينس جاري ڪري اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ ڪان پوءِ 10جولاءِ ڪان بدين جي سمورين صوبائي ۽ ضلع گورمينٽ جي آفيسن ۾ گذريل 8 ڏينهن ڪان سرڪاري ڪم ڪار ٺپ ٿي ويو آهي. ضلع مان 12 اي ڊي اوز۽ ڊي اوزجون پوسٽون ختم ٿيڻ سبب آفيسن ۾ ويراني ڇانيل آهي. بدين جو ڊي سي او آغا واصف عباس جيڪو گذريل 4 مهينن ڪان ٽريننگ تي ويل آهي ذريعن موجب سندس موڪل 16 جولاءِ 2011 تي ختم ٿيڻي هئي پر اڃا تائين ڊي سي جي چارج سنڀالي نـه سگهيو آهي. جڏهن تي ضلع مان ختم ڪيل پوسٽن تي مقرر ڪامورا نئين سيٽ اپ ۾ جڳھ ٺاهڻ لاءِ پهنجين آفيسن مان غائب هئڻ سبب عوام سخت پريشان آهي. روزانا ڪيترائي ماڻهون سرڪاري آفيسن جا ڌڪا ڪائي موٽي ٿا وڃن جڏهن ته هيٺيون عملو به سڄو ڏينهن ڪچهريون ڪري ۽ اوٻاسيون ڏئي آفيس ٽائم ڪان اڳ ۾ ئي غائب ٿيو وڃي. آفيسن ۾ ڪم ڪار ٺپ ٿيڻ سان پورهيت طبقو وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي. جڏهن ته ختم ڪيل پوسٽن جي ڪامورن جي زيردس ڪم ڪندڙ سرڪاري ملازم جولاءِ جي پگهار لاءِ هينئر سان ئي پريشان آهن ۽ نئين نظام تحت آفيسرن جي جلد مقرري لاءِ دعائون گهري رهيا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button