گھوٽڪي

سنڌ پوليس جي پگهار پنجاب برابر ڪئي ويندي: : آءِ جي سنڌ

IG Sindhگهوٽڪي : آءِ جي سنڌ پوليس واجد علي دراني پوليس لائين ميرپور ماٿيلو جي ميس هال ۾ ضلعي جي پوليس آفيسرن سان گڏجاڻي ڪئي. ان موقعي تي ايس ايس پي گهوٽڪي پير محمد شاهه آءِ جي کي ضلعي بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گهوٽڪي پوليس عملدارن پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ضلعي ۾ امن و امان قائم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ بدنامه زمانه 13 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن تي لکين روپيا انعام رکيل هو جڏهن ته 9 پوليس سان مقابلي دوران مارجي ويا آهن. هن ٻڌايو ته مونکي پهريان ضلعي اندر 29 ماڻهو اغوا ٿيل هئا جن کي بهتر حڪمت عملي بغير ڪنهن ڀنگ جي واپس ڪرايو ويو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ضلعي ۾ 4 پوليس سب ڊويزن آهن ۽ 17 ٿاڻا آهن جڏهن ته ضلعي ۾ 86 ڪلوميٽر هائي وي آهي جنهن تي اسان جو مڪمل ڪنٽرول آهي ان کان علاوه ايس ايس پي، آءِ جي سنڌ کي ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ بابت پنهنجي حڪمت عملي ٻڌائي ۽ هن گهر ڪئي ته پوليس لائين ۾ موجود 25 ڪوارٽر جي مرمت ڪرائي وڃي جڏهن ته ايس پي هائوس پڻ تعمير ڪرايو وڃي ۽ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليس عملدارن کي انعام ڏنا وڃن ان کان علاوه پوليس کي جديد اسلحو فراهم ڪيو وڃي ته جيئن ڏوهارين جو سختي سان مقابلو ڪري سگهجي. ان موقعي تي آئي جي سنڌ پوليس واجد علي دراني خطاب ڪندي چيو ته گهوٽڪي پوليس جي ڪارڪردگي واکاڻ جوڳي آهي ۽ اسان جو فرض آهي ته اسان عوام جي خدمت ڪريون هن چيو ته اوهان ماڻهن سان اهڙو رويو رکو ته جيئن هو اوهان کي پنهنجو همدرد سمجهن انڪري منهنجو جيڪو فرض آهي اهو مان پورو ڪري رهيو آهيان انڪري اوهان کي به گهرجي ته اوهان پنهنجو فرض نڀاهيندي عوام جي جان و مال جي حفاظت ڪريو. ان موقعي تي هن اعلان ڪندي چيو ته جلد از جلد 25 ڪوارٽرن جي مرمت لاءِ فنڊ جاري ڪيو ويندو آهي ايس پي هائوس پڻ ٺهرايو ويندو. هن ٻڌايو ته اسان پوليس فائونڊيشن قائم ڪري رهيا آهيون جنهن لاءِ سنڌ حڪومت کان زمين ورتي ويندي ۽ اها پوليس عملدارن کي پلاٽن جي صورت سهولتن سان ڏني ويندي ته جيئن هو گهر ٺهرائي سگهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري کي گذارش ڪئي هئي جنهن اسان کي 5 ارب روپيا ڏنا آهن اسان ان جا ٿورائتا آهيون ۽ انهن پئسن مان جديد اسلحو ۽ 10 عدد چين اي پي سي خريد ڪري پوليس کي فراهم ڪيون وينديون ته جيئن ڏوهارين جو ڀرپور مقابلو ڪري ڏوهن تي ضابطو آڻي سگهجي ان کان علاوه سنڌ پوليس جي پگهار پنجاب برابر ڪئي ويندي. بعد ۾ هن شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن ۾ تحفا وراهيا ۽ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليس عملدارن کي سي سي ون ايوارڊ ڏنا ۽ آخر ايس ايس پي گهوٽڪي پير محمد شاهه آئي جي سنڌ واجد علي دراني کي سنڌ پوليس سووينئر شيلڊ پيش ڪئي. هن دوري ۾ آئي جي سنڌ سان گڏ ايڊيشنل آئي جي پوليس سکر ذوالفقار علي شاهه، ڊي آئي جي سکر سيد ظفر عباسي بخاري ۽ پوليس جا اعلى عملدار گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button