ٺٽو

ڪريم آباد جو نوجوان موٽرسائيڪل جي حادثي ۾ اجل جو شڪار

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي لڳ مڪلي تي ٻن مختلف واقعن ۾ ٻه جڻا فوت. مڪلي ورڪشاپ تي ٽائر پنڪچر جي دڪان تي ڪم ڪندڙ مڪلي جي شاهه لطيف ڪالوني جي رهواسي پورهيت جمع خان پٺاڻ ٽرڪ جي ٽائر ۾ هوا ڀريندي ٽائر ڦاٽي پوڻ جي نتيجي ۾مٿي ۾ دڪ لڳڻ ڪري موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته مڪلي لڳ نيشنل هاءِ وي تي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ ڪري ڪراچي جي ڪريم آباد جو رهواسي 25 سالا نوجوان دانش فوت ٿي ويو جيڪو مڪلي جي درگاهه عبدالله شاهه اصحابي جي ميلي ۾ شرڪت لاءِ اچي رهيو هو ٻنهي فوتين جا لاش سول اسپتال ٺٽو پهچايا ويا جتان ضروري ڪارروائي بعد سندن لاش وارث گهرن ڏانهن کڻائي روانا ٿي ويا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button