آرٽيڪل

کاڌي خوراڪ جي کوٽ۽ اسان جو سماج

گل هنڱورجو
food crisis 2• کاڌي خوراڪ جي کوٽ دنيا جووڏو مسئلو ٿي ويو آهي ،جنهن ۾ سمورو سنسار ان دلدل ۾ ڦاسندو وڃي پيو . خوراڪ جي کوٽ کي مدنظير رکندي ڀارت،وٽنام ۽ مصر ۾ چانورن جي برآمد تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي جنهن سان بنگالدش ،افغانستان ،۾ وڌيڪ صورتحال خراب ٿيندي. دنيا جا سڌريل ملڪ ان دلدل مان نڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهن. پر هن ڪائنات ۾ غريب ملڪ بک ،بيروزگاري،منگائي جي ڄار ۾ جھڪڙجي رهيا آهن. انهن ملڪن ۾ پاڪستان بـ شامل آهي . هڪ رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ 22 ملن ٽن ڪنڪ ساليانو استعمال ڪا ضرورت آهي جڏهن تـ اسان جي ملڪ ۾ صرف 30 مٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي لڳ ڀڳ پيداوار لهي ٿي ،جيڪا ضرورت کان تمام گھٽ آهي . ورلڊ بنئڪ جي رپورٽ مطابق گذريل 3 سالن ۾ غذائي کوٽ منگائي جي ڪري 10ڪروڙ ماڻهون متاثر ٿيا آهن.خوراڪ ۽ زراعات وارين تنطيمن جي رپورٽ مطابق آفريڪا جي 36 ملڪن مان 21 ملڪن کي خوراڪ جي کوٽجي ڪري پنهنجي تحفظ جو مسئلو ٿي ويو آهي.عالمي بنئڪ جي رپورٽ مطابق غذائي شين جي اگهن ۾ گھٽتائي ۾ ڪوبـ امڪان نظر نٿو اچي. ان ڪري ايندڙ ڪجه سالن ۾ 10 ڪروڙ ماڻهو غربت جي غارم غرق ٿي وينداـ
پاڪستان زرعي ملڪ هئڻ جي باوجود 2010.11 خوراڪ جي درآمد وڌيڪ 50 سيڪڙو ٿي آهي .جنهن ۾ هڪ ارب 89ڪرڙوڊالر جو کاڄر تيل، 68ڪروڙڊالر کنڊ جي درآمد ڪئي.کير جي پيداور جا لحاظ کان پاڪستان 5 نمبر وڏو ملڪ آهي.ان جي باوجود 90 سيڪڙو اضافي درآمد ڏٺو ويو. جڏهن تـ ڪڻڪ، چانو،ر تيل، کنڊ،ڄڻ ته حڪومت جي گرفت مان نڪري رشوت خورن،سمگلرن،ڪنهن معافيا جي ور چڙهي ويون آهي
هڪ رپورٽ مطابق سنڌ 70 سيڪڙو زراعات تي مشتمل آهي.سنڌ ۾ 3 بيراجن مان 70 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهي ٿي.پر هن وقت لڳ پڳ 32کان 35 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي رهي آهي،جڏهن تـ خوراڪ زراعات تي ڪم ڪندڙن ادارن جي رپورٽ مطابق آباد ٿيندڙ زمين مان 50 سيڪڙو زمينون سم ڪلر جي موذي مرض ۾ مبتلا آهن. جڏهن تـ گذريل 20 سالن کان آباد ٿنيدڙ زمين جي پيداور آپت ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. 1980 کان تائين 2009 پنجاب جي مجموعي زرعي زمين ۾ 9.83سيڪڙو واڌ ائي.سرحد،بلوچستان 5.1کان7سيڪڙو واڌ ائي.پر سنڌ جي زرعي زمين 2.31 سيڪڙو گٽتائي آئي.
جڏهن تـ 80 سيڪڙو هاري سيٺ، زميدارن جا قرَضي آهن. 2003 ۾ سنڌ گورمينٽ جي رپورٽ مطابق 85 سيڪڙو( پسٽي سائيڊ) زرعي زهريلي دوائون اسعمال ٿين ٿيون.1998 ۾ هڪ ڪرنل انڪشاف ڪيو هو ،سنڌ ۾ هر ماڻهو زراعات جي حوالي سان ساليانو 50 ڪلو ڀاڻ کائي ٿو.جڏهن تـ هڪ رپورٽ مطابق 2010.11 ۾ 120 ڪلو في ماڻهو زرعي ڀاڻ(پسٽي سايئڊ) کائي رهيو آهي.
سنڌ جي غريب ترين علائقن مان مان بدين ضعلي جي يونسف آداري پاران هڪ رپورٽ 2004 ۾ جاري ڪئي تـ 30مهينن جي ٻارڙن ۾ 73 سيڪڙو غذائي کوٽ آهي.انٽرنشنل ماپي مطابق اهيو سلسلو هر سال وڌي رهيو آهي.زرعي کاتي بدين جي پاران 2010 ۾ هڪ رپورٽ ظاهر ٿي هئي تـ ضعلي بدين ۾ ٽوٽل زمين 1850000ايڪڙ آهي،سم ڪلر جي هيٺ 625000ايڪڙ نيٽ آباد لا1000000ايڪڙ آهي،بقايا زمين ڪلر،شاخن،واٽرن، سم نالن وغيره لا آهي. لائيواسٽاڪ کاتي بدين 2011جي رپورٽ مطابق ٽوٽل جانور 160000 آهن جنهن مان 600000پولٽيري آهن. جڏهن تـ بدين ضلي ۾ خوارڪ جي کوٽ جنهن پوء تنهن تيزي ٿي رهي آهي.انهي جو وڏو سبب 2010کان اڳ۾ پاڻي جي کوٽ هئي. جڏهن اسان جي ملڪ ۾ کاڌي ۽خوراڪ جي پورائي لاء کوڙ سارا سرڪاري ادارا۽ غيرسرڪاري آدارا ڪم ڪن پيا.ان سلسلي ۾ لاڙ هيومنٽيرين ائنڊ ڊولپمنٽ پروگرام (ايل ايڇ.ڊي.پي) آڪسفم ،يورپن ڪمشن جي سهڪار سان بدين ۾ کاڌي خوراڪ جي اڻپوري کي ڪٿي وڌايڻ ٿورو ڪم ڪري رهي آهي.انهي لا 3 يونين ڪائونسلن نندو.عبدللا شاه،ڪڍن ۾ ننڍن آبادگارن (هارين ) لاء بنجر بنيل زمينن جي بحالي 1500 ايڪڙ آبادي جي لائق بنائي ڏني آهي. گهرولي سبزي باغچين جي پوکائي لاء450 عورتن کي سيکا ڏين سان گڏو گڏ پوکائي جو مڪمل سامان بـ ڏنو ويو آهي. 320 نوجوانن کي پسٽ ڪنٽرولز ،وٽنري ورڪرز، جون تربتيون پڻ ڏي رهي آهي. اناج جي وڌيڪ آپت حاصل ڪرڻ 38 نماشي پلاٽ لڳرائي رهي آهي. ۽هائبرڊ ٻجن،فصلن کي زهريلي ڦوران جي بچاء لا ننڍن آبادگارن(هارين) ۾ سجاگي لاء ڪم ڪري رهي آهي.
جڏهن تـ کاڌي خوراڪ جو مسئلو پوري ڪانئات جو مئسلو آهي. پر اسان جي ملڪ ۾ جيڪي بـ سرڪاري يا غيرسرڪاري آدارا کاڌي خورڪ تي ڪم ڪن ٿا انهن سڀني ۾ اڃان بـ ڪم جي تمام گھڻي ضرورت آهي.هاڻ ٿيڻ تـ ائين گهرجي تـ سرڪاري سطح تي غير آباد زمينن جي بحالي ٿي. اهڙا ٻج ،گاه معارف ڪرائيا وڃن جيڪي علاقئي ماحولياتي دوست هجن. کير جي واڌيڻ لاء ڀلي نسلن جا جانور ڳوٺاڻي(ننڍآبادگارهاري) سطح تائين معارف ڪرائيا وڃن. زراعات تي ڪم ڪندڙ بئنڪون ڪو آسان طريقو ڳوٺاڻي سطح تي ڪم ڪرڻ گهرجن.زراعات تي ڪم ڪندڙسرڪاري ادارن کي سنجدگي ۽ ڳوٺاڻي سطح تي ننڍن آبادگارن (هارين ) مختلف جديد طريقن سان پوکائي جون تربتيون ڏنيو وڃن.۽ جيڪي بـ سرڪار ،غيرسرڪاري آدار زراعات تي ڪم ڪن ٿا .انهن جو هڪ ٻي سان گهيرو رابطو هجي.۽انهن سمورن ادارن تي سختي سان جانچ پڙتال بـ هجي.
تـ پوء ڪٿي نـ ڪٿي اسان کاڌي خوراڪ جي اڻپواري کي ٿورو گهڻو سنڀالي سگهو ٿا. جيڪڏهن اسان هن وقت تائين ڪا منضوبابندي نـ ڪئي تـ اسان وٽ آفريڪا جي ملڪن جهڙي صورتحال ٿي ويندي
گل هنڱورجو بدين 03332533970
gul.lhdp@gmail.com

.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button