سکر

ميرپور ماٿيلو جي نرس ڊاڪٽر جي مبينه غفلت ڪري اسپتال ۾ فوت

سکر(بيورو رپورٽ) سکر سول اسپتال ۾ ميرپور ماٿيلو جي نرس ڊاڪٽر جي مبينه غفلت ڪري اسپتال ۾ فوت، اسٽاف نرسن پاران سول اسپتال جي گيٽ آڏو مظاهرو ۽ ڌرڻو، احتجاج طور او پي ڊي ۾ نرسن پاران ڪم ڇڏيو ويو. خبر موجب سکر سول اسپتال ۾ پنج ڏينهن اڳ بخار سبب داخل ٿيل ميرپور ماٿيلو جي نرس زاهد ه کي ڊاڪٽرن پاران صحيح علاج نه ٿيڻ ڪري رات جو فوت ٿي وئي . جنهن کان پوءِ هاسٽل ۾ رهندڙ ۽ اسٽاف نرسن پاران علاج صحيح نه ٿيڻ ۽ نرس جي فوت ٿي وڃڻ تي سول اسپتال سکر جي گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو ۽ سول اسپتال انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ۽ احتجاج ڪندڙ نرسن ٻڌايو ته سول اسپتال ۾ ڪي به سهولتون موجو د ناهن ، اسپتال اندر ٿڌي پاڻي، صفائي سميت ٻيون سهولتون اڻهوند آهن ۽ سول اسپتال انتظاميه پاران نرسن جا مسئلا حل ڪو نه پئي ڪري سگهي. جنهن ڪري نرسن کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. جڏهن ته ايم ايس پاران نرسن جا مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو جنهن کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو. جڏهن ته فوت ٿيندڙ ميرپورماٿيلو جي نرس کي هڪ ڏينهن اڳ سندس ڀاءُ اسپتال مان وٺڻ آيو هو مگر ايم ايس پاران موڪلڻ نه ڏيڻ تي واپس ميرپور ماٿيلو ويندي حادثي ۾ شديد زخمي ٿي ويو آهي. جنهن کي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.نرسن جي احتجاج سبب ڪالهه سکر سول اسپتال ۾ رٿيل آپريشن نه ٿيڻ ڪري مريض پريشان رهيا. نرسن اعلي اختيارين کان واقعي جو نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button