ٺٽو

ايم ڪيو ايم هڪ دفعو ٻيهر سنڌ کي لسانيت ڏانهن ڌڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي: عاجز ڌامراه

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ايم ڪيو ايم هڪ دفعو ٻيهر سنڌ کي لسانيت ڏانهن ڌڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن کي منهن توڙ جواب ڏنو ويندو، ايم ڪيو ايم سنڌ کي ورهائڻ جي سازش جا الزام پ پ تي هڻي پنهنجي سياسي نابالغي جو ثبوت ڏيئي ڇڏيو آهي ، پيپلز يوٿ ونگ پاڪستان جي ڪوآرڊينيٽر ۽ سنڌ جي صدر عاجز ڌامراه ٺٽو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پ پ حڪومت ڪو به غلط ڪم نه ڪيو آهي پ پ پنهنجي چونڊ منشورتي عمل ڪندي آمر دور جي غلط فيصلن کي رد ڪري نام نهاد ناظمي سرشتي کي ختم ڪري ڪمشنري نظام کي سنڌ ۾ بحال ڪيو آهي هن چيو ته نائن زيرو تي ايم ڪيو ايم جي رابطه ڪميٽي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ۾ نه رڳو پنهنجي اصليت ظاهر ڪئي آهي پر سنڌ جي باشعور ڌرين جي ساڃاهه وند ڌرين کي سندن اختيارڪيل نازيبا ٻولي ۽ لهجي تي سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي ،هن چيوته سنڌ جي عوام جي مفادن وٽان ٿيل حڪومتي فيصلي تي ايم ڪيو ايم ايئن بوکلائجي ويئي آهي جڻ ته سندن خلاف ڪو ڪريڪ ڊائون ٿيو آهي ، هن چيو ته متحده ساڍا 3 سال پ پ سان گڏ رهي پر متحده ڪشمير چونڊ جيڪو نان اشو آهي جواز بڻائي ڌار ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ امن امان جو مسئلو پيدا ڪري صرف چئن ڏينهن اندر 100 کان مٿي انساني جانيون ضايع ٿيون آهن ، هن چيو ته سنڌ ۾ لسانيت جو ٻج پوکڻ جي هر صورت ۾ ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي ۽ پ پ سنڌ جي عوام کي ڪڏهن به حڪومتي سطح تي مايوس نه ڪندي ،ان موقعي تي ساڻس گڏ سنڌ پيپلز يوٿ ونگ جا صوبائي ۽ ضلعي اڳواڻ تنوير آرائين ،زاهد ميراڻي، منظور سرڪي، جاويد احمد خانزاده ، سيد اڪرم شاهه ۽ ٻيا شامل هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button