سکر

انعام الله خان ڌاريجوسکرجي ٽيڪس فري بجيٽ 2012-2011 پنهنجي آفيس جي ڪميٽي پيش ڪري ڇڏي

DCO Sukkurسکر ِ: ايڊمسنٽريٽر / ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر، ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ سکر انعام الله خان ڌاريجو بچت واري ٽيڪس فري بجيٽ 2012-2011 پنهنجي آفيس جي ڪميٽي روم ۾ پيش ڪئي. تفصيل مطابق ضلعي جي ڪل بجيٽ 4759.495 ملين روپيه ڏيکاري ويئي. جڏهن ته متوقع خرچ 4757.665 ملين روپيه آهي ۽ ڪل بچت 1.82 ملين روپيه ڏيکاري ويئي. صوبائي حڪومت طرفان 2012-2011 لاءِ حصو سنگل لائين ٽرانسفر ( ايس ايل ٽي) لاءِ 4091.798 ملين روپيه آهي. جڏهن ته ( او زيڊ ٽي) حصو 57.218 ملين روپيه آهي. خرچ جي مد ۾ ضلعي حڪومت 2487.100 ملين روپيه سيلري جي ڪامپوننٽ ۾ جڏهن ته نان سيلري ڪامپوننٽ 394.139 ملين روپيه آهي. سالانه ترقياتي پروگرام ( اي ڊي پي ) لاءِ 1119.530 ملين روپيه رکيا ويا آهن. جنهن مان 519.530 ملين روپيه هلندڙ 416 اسڪيمن لاءِ رکيا ويا آهن. اهڙيءَ طرح سان 400.00 ملين روپيه نين اسڪيمن لاءِ رکيا ويا آهن. ڳوٺن کي گئس جي فراهميءَ لاءِ 110.00 ملين روپيه ۽ ( سي سي بي ) اسڪيمن لاءِ 100 ملين روپيه رکيا ويا آهن. سرڪاري ملازمن جون پگهارون گورنمينٽ پاليسيءَ تحت وڌايون ويون آهن. ضلعي جي اسڪول مخصوص نان سيلري ڪمپوننٽ کي 7 ملين مان 48.415 ملين تائين ڇهوڻ تي وڌايو ويو آهي. 11 ملين روپيه ضلعي جي لائبريرين لاءِ ڪتابن، آرٽيڪلس ۽ ڪمپيوٽرس جي خريداريءَ لاءِ رکيا ويا آهن. جڏهن ته آءِ بي اي سکر لاءِ گرانٽ اين ايڊ 1.500 ملين کان وڌائي 5.00 ملين ڪئي ويئي آهي. 7 لک 20 هزار روپيه ميرٽ ڪم پاورٽي تحت 5 شاگردن جي اسڪالر شپ لاءِ رکيا ويا آهن. صحت جي شعبي ۾ 259 نيون پوسٽون پيدا ڪيون ويون آهن. ساڳئي طرح دوائن جي خريداريءَ لاءِ 13.980 ملين روپيه مان وڌائي 15.338 ملين روپيه رکيا ويا آهن. صحت جي کاتي ۾ 02 ايمبولينس جي خريداري لاءِ 1.6 ملين روپيه رکيا ويا آهن. ( پي پي ايڇ آئي) تحت هلندڙ بنيادي صحت مرڪزن لاءِ الٽرا سائونڊ ۽ ٻي مشينري خريد ڪرڻ لاءِ 5.00 ملين روپيه رکيا ويا آهن. 2.5 ملين روپيه ثقافتي پروگرامن ۽ فيسٽولس لاءِ رکيا ويا آهن. ڪنهن به هنگامي حالت کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊزاسٽر مينيجمينٽ لاءِ 13.00 ملين روپين کان وڌائي 15.00 ملين روپيه تائين فنڊ رکيو ويو آهي. ضلعي سکر جي زيرتعمير پارڪن، باغيچن جي سار سنڀال لاءِ 5.0 ملين روپيه کان رقم وڌائي 10.0 ملين روپيه تائين وڌائي ويئي آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button