ٿرپارڪر

ننگرپارڪر ۾ لوڻ کاڻ ڪمپني مقامي ماڻهن کي ڪڍي ڌاريا ڀرتي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا

Salt moundsاسلام ڪوٽ: ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ننگرپارڪر جي رڻ واري ڳوٺ موکئي ۾ لوڻ کاڻ مان لوڻ کڻندڙ ڪمپني انتظاميه طرفان ڳوٺاڻن سان زيادتين جي حد ڪري ڇڏي آهي، اسلام ڪوٽ ۽ مٺي جي صحافين جي هڪ ٽيم جاچ لاءِ ڄڻايل ڳوٺ پهچي کاڻ واري هنڌ جو معائنو ڪيو. حڪومت طرفان صرف 612 ايڪڙ زمين ليز تي ڏني آهي، پر هنن 1200 ايڪڙن تي زبردستي قبضو ڪري لوڻ کنيو پيو وڃي ۽ اسان جي سروي زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي. شروع ۾ ڪمپني معاهدو ڪيو ته زمين جو معاضو ڏنو ويندو. پر ڪمپني ڦري وئي، ان کانسواءِ هتي جيڪي به مزدور ڪم ڪن پيا، اهي مقامي بجاءِ ڪراچي ۽ پنجاب جا رهاڪو ڪم ڪري رهيا آهن. مقامي ڳوٺاڻن کي گهٽ مزدوري جو چئي روزگار ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ڪمپني طرفان شروع ۾ مزدورن کي في ريڙهي 15 روپيا ڏني ويندي ۽ هن وقت 6 کان 8 رپيا في ريڙهي ڏني وڃي ٿي. جڏهن ته مقامي ڳوٺن ۾ ٽريڪٽر موجود هجڻ باوجود ٺيڪيدار ڪراچي کان ٽريڪٽر ۽ ڊرائيور گهرائي ورتا آهن. ڳوٺاڻن پاران ٺيڪيدار کي ناانصافين بابت ڪيل شڪايتن باوجود الزالو ٿيڻ بجاءِ ٺيڪيدار پاران ڳوٺاڻن کي پنهنجي حقن تان هٿ کڻائڻ لاءِ مختلف قسمن جون ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڳوٺاڻن پاران حقن لاءِ احتجاجي مظاهرو، ڪمپني خلاف سخت نعريبازي، لوڻ کاڻ واري هنڌ جي دوري دوران مقامي ڳوٺ موکئي ۽ آسپاس ڳوٺن جي 200 کان مٿي ڳوٺاڻن پاران غلام مرتضيٰ ٿيٻو، اسحاق ٿيٻو، انڙ خان ٿيٻو، اسماعيل راڄڙ جي اڳواڻي ۾ صحافين آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي ڪمپني ۽ ٺيڪيدار خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ڳوٺاڻن موجب ته مٺي پاڻي واري کوهه ۾ لوڻ وارو پاڻي ڇڏڻ ڪري کوهه جو سمورو پاڻي کارو زهر ٿي ويو.ظ
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button