شاعري

آزاد نظم

ظھور احمد سولنگي
pied_cuckooآمد بھار ۽ چمن ۾ اداسي
ڪوئل جي ڪو ڪو خاموش
نه شادابي نه شگفتي
بھار معني نويد سحر
ڪاري رات کان پوءِ
مرجھايل چھرن تي مرڪ
موٽائڻ لئه
پر ھي ڇا چوڏس خاموشي
آشيانا اجڙيل ۽ ويران
ڪنول جي لالي غائب
لڳي ٿو چيٽ ڪوئل
جو جنازو آندو آھي
ھاءِ ويچاري معصوم
روشن راھن تي
تاريڪي جي ور چڙھي وئي
[social-bio id=4]

نوٽ ھي آزاد نظم مون 12 مارچ 1998 ع تي لکيو ھئو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button