خيرپور

پبلڪ هيلٿ خيرپور جو ايس ڊي او کان رشوت وٺي انجنيئر بڻايو ويو، ٺيڪيدار جو الزام

خيرپور ( رپورٽ اعجاز جکڙ ) پبلڪ هيلٿ جي انجنيئر احمد خان ابڙي خلاف ٺيڪيدار جي پريس ڪانفرنس خبر موجب خميس جي ڏينهن ناليواري ٺيڪيدار محمد ٻڍل جلباڻي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته احمد خان ابڙو جيڪو پبلڪ هيلٿ خيرپور جو ايس ڊي او آهي ان کي وڏي رشوت وٺي ان کي انجنيئر مقرر ڪيو ويو آهي جنهن ڪريپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏياآهن جنهن به ٺيڪيدار کي ڪم ڏئي ٿو انهن کان سترنهن پرسنٽيج ورڪ آرڊر وٺي ٿو ۽ انهن ٺيڪيدارن کي اهو چوي ٿو ته پبلڪ هيلٿ جو وزير ايم ڪيو ايم جو آهي ان کي پنج پرسنٽيج ۽ جيارن کي پنج پرسنٽيج چيف انجنيئر ۽ سپريڊنٽ انجنيئر کي پنج پرسنٽيج ڏيڻي پوي ٿي ان کانسواءِ جيڪي ڪم ٿيا آهن انهن جون جيڪي به ايم بي يون ٺاهيون ويون آهن انهن ۾ ڊيگهه ۽ ويڪر جي ماپ وڌايل آهي ۽ جيڪي به موٽرون ۽ ٻيو سامان لڳائڻ جي لاءِ ٽينڊر ڪيا وڃن ٿا انهن کي رسيو ڪري پئسا ڪجهه ٺيڪيدار انجنيئر ملي ڀڳت ڪري کائن ٿا ان کان سواءِ شهر ۾ جيڪي به فٽ پاٿ ۽ پيور لڳايا ويا آهن انهن جي هيٺان بجري ۽ سيمنٽ لڳائڻ بجاءِ مٽيءَ جو استعمال ڪيو ويو آهي جيڪي هاڻي ئي پيور هيٺ ويهجي ويا آهن. هن چيو ته پبلڪ هيلٿ انجنيئر مونکي ڪم ڏيڻ جي بهاني نون لک ويهه هزار ورتا آهن هاڻي ڪم به نٿو ڏئي ۽ ورتل پئسان به واپس نٿو ڪري ۽ ڪال ڊپازٽون منهنجون گم ڪيو ويون آهن ۽ مان پئسن گهرڻ جي لاءِ هن وٽ ويس ته مونکي ٻڌرائڻ جا دڙڪا ڏئي واپس ڪري ڇڏيو هن وڌيڪ چيو ته احمد خان ابڙي جي ڪريپشن جو اڇو چٺو جلد ظاهر ڪيو ويندو هن چيو ته احمد خان ابڙي خلاف عدالت ۾ ڪيس به داخل ڪرائيندس جيستائين انصاف نه مليو تيستائين چپ ڪري نه ويهندس.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button