ٽنڊومستي ۾ ساهرن پنهنجي نياڻي کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
خيرپور (اعجاز جکڙ) ساهرن پنهنجي نياڻي کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو احتجاجي مظاهرو، خبرموجب خميس جي ڏينهن ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ لالومنگي ۾ زليخان منگي پنهنجي ماء حياتان منگي ۽ ٻين جوابدارن انور منگي، ڪشمير منگي، شهمير منگي ۽ درمحمد ٻرڙو جي مدد سان پنهنجي مڙس سينگار پٽ علي بخش منگي کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو بعد ۾ فوتي نوجوان کي ٽنڊومستي پوليس کڻائي سول اسپتال خيرپور مان لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو فوتي نوجوان سينگار منگي جي وارثن سول اسپتال ٻاهران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهري جي اڳواڻي عبدالرزاق منگي، زوار حسين منگي، محمد سليم منگي، عبدالرشيد منگي ڪري رهيا هئا هنن چيوته سينگار منگي کي گذريل ڏينهن سندس گهرواري زليخان پنهنجي پيءُ ماءُ جي گهر وٺي وئي جتي کيس زهر ڏئي ماري ڇڏيو آهي هنن جوابدارن جي گرفتاري جي گهر ڪئي آخري اطلاعن تائين ٽنڊومستي پوليس واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ڪيو آهي.