خيرپور

موجوده سنڌ حڪومت عوام جي سماجي ۽ ڀلائي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪري رهي آهي: سيد قائم علي شاهه

خيرپور: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته موجوده سنڌ حڪومت عوام جي سماجي ۽ ڀلائي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪري رهي آهي جڏهن ته بچاءُ بندن جي مرمتي ڪم 30 جون تائين مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته بندن جي مرمتي ڪم جي معيار بهتر ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي حُڪم جاري ڪيا ويا آهن. وڏي وزير اهڙو اظهار آچر ڏينهن سکر ايئرپورٽ ۽ سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ مختلف ماڻهن جي وفدن سان ملاقات ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي عوام جي معاشي بهتري لاءِ جاکوڙي رهي آهي ان سلسلي صوبي اندر ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويوآهي جڏهن ته تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ بهتري آڻي عوام جي خدمت ڪئي پئي وڃي. وڏي وزير خيرپور جي دوري دوران سول اسپتال خيرپو ۾ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ((GMMC ٽيچنگ اسپتال جي هلندڙ ترقياتي ڪم جو معائنو ڪيو ۽ واسطيدار اختيارين کي اسپتال جي ترقياتي ڪم جي معيار کي بهتر بڻائن ۽ ڪم جي رفتار کي تيز ڪن. ان موقعي تي وڏي وزير کي ٻُڌايو ويو ته اسپتال جي مختلف بلاڪن جو ڪم جاري آهي جڏهن ته ڪجهه بلاڪن جو اسٽرڪچرل ورڪ مڪمل ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي وڏي وزير خيرپور شهر اندر هلندڙ مختلف ترقياتي اسڪيمن جن ۾ اوور هيڊ برج، بلاول ڀٽو زرداري پارڪ، سول اسپتال خيرپور ۽ ٻين اسڪيمن جي هلندڙ ڪمن جو جائزو ورتو. جڏهن ته ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي خيرپور اندر هلندڙ مختلف ترقياتي ڪمن جي حوالي سان تفصيل ٻُڌايا. بعد ۾ وڏي وزير سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ معزز شهرين، انجمنِ تاجران جي نمائندن، پارٽي ورڪرن ۽ ٻين سان ملاقات ڪري سندن مسئلا معلوم ڪيا ۽ واسطيدار اختيارين کي سندن مسئلن جي حل لاءِ هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي وڏي وزير سان آر پي او سکر سيد ذوالفقار علي شاهه، ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ، ڊي پي او عرفان بلوچ ۽ ٻيا عملدار ساڻس گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button