آرٽيڪل

ملائيشيا جو سفر قسط پھرين

الطاف شيخ
ملائيشيا هڪ گهڻ قومو، گهڻ مذهبو ۽ گهڻ زبانو ملڪ آهي. ملڪ جو سرڪاري طرح مذهب اسلام آهي ۽ ملڪ جي 60 سيڪڙو ملئي آدمشماري مسلمان آهي. ان کان علاوه باقي چينين ۽ انڊين ۾ به گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سيڪڙو مسلمان آهن پر تنهن هوندي به ٻين مذهبن جي ماڻهن ۽ انهن جي عبادت گهرن کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ صحيح معنى ۾ هر هڪ کي پنهنجي مذهب جي پوئيواري ڪرڻ جي آزادي آهي. توهان کي هر شهر ۾ مسجدن کان علاوه چينين ۽ هندن جا مندر، ٻڌن جا پگوڊا، سکن جا ٽڪاڻا (گوردوارا) ۽ عيسائين جا گرجا گهر نظر ايندا. اهي به پروٽيسٽنٽ عيسائين جا الڳ ته ڪئٿولڪ عيسائين جا الڳ. ملاڪا ۾ ته ”جانڪر اسٽريٽ“ وٽ انهن ٻن گرجا گهرن کان علاوه انڊيا جي تامل عيسائين جو چرچ الڳ آهي جنهن جو نالو ئي ”تامل ڪرسچن چرچ“ آهي. ان چرچ جي ئي ڀرسان منهنجي ميزبان ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر (جنهن وٽ هن دفعي ملاڪا ۾ رهيس) جو ”ملاڪا ڪامپليمينٽري ميڊيسن“ جو ڪاليج آهي جنهن ۾ هو ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر آهي. بهرحال ملائيشيا ۾ نه فقط مختلف مذهبن جا ماڻهو رهن ٿا ۽ انهن جا پنهنجا پنهجا عبادت گهر آهن پر دنيا جي مختلف ملڪن مان انهن مذهبن جا عالم هتي واعظ/ ليڪچر لاءِ ايندا رهن ٿا. PEACE ٽي وي تي ايندڙ ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ جو ليڪچر به پهريون دفعو مون هتي ٻڌو.هن کان اڳ 1993ع ۾ مون هن کي ڪوپن هيگن جي مسجد ۾ ڏکڻ آفريڪا جي گجراتي عالم احمد ديدات سان گڏ ڏٺو هو. انڊيا جي عالمن کان علاوه پاڪستان جا به ڪيترائي مفتي مولوي هتي واعظ/ تبليغ لاءِ ايندا رهن ٿا جن مان ڊاڪٽر طاهر القادري پڻ هڪ آهي. ڊاڪٽر محمد طاهر القادري هتي وڏي قدر جي نگاهن سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ سندس انگريزي جا ليڪچر هتي جا ملئي توڙي ملائييا ۾ رهندڙ فارينر غور سان ٻڌن ٿا. هو اسلام جي ڄاڻ تي وڏي اٿارٽي سمجهيو وڃي ٿو ۽ دين جا اسڪالر هن کي ’شيخ الاسلام‘ سڏين ٿا.
طاهر القادري صاحب کي ٻيو ڪو ڇا به سمجهي پر ڪوالالمپور ۾ اسان جو ميزبان ”روهڙي شريف“ جو حاجي غلام علي سولنگي هن جي تمام گهڻي عزت ڪري ٿو. سندس ڊرائنگ روم ۾ جيڪا فقط هڪڙي فريم ٿيل تصوير لڳل آهي اها ڊاڪٽر طاهر القادري جي آهي. هن جي لاءِ اها فخر ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته طاهر القادري صاحب سندس هن گهر ۾ رهي ويو آهي ۽ جيئن هو اڄ ڪلهه مون کي پنهنجي گاڏي ۾ وٺي ڪوالالمپور ۽ اوسي پاسي جا سير ڪرائيندو وتي تيئن هڪ سڄو ڏينهن طاهر القادري صاحب هن جي ڀرسان هن جي ڪار ۾ ويٺو رهيو ۽ علي سولنگي کي ههڙي مذهبي شخصيت کي ڪوالالمپور گهمائڻ جو شرف حاصل ٿيو.
هن کان اڳ مون کي طاهرالقادري جي ايتري ڄاڻ نه هئي مون هن کي پاڪستان ۾ ٽي وي تي سياسي بيانن جي حوالي سان ڏٺو ۽ ٻڌو هو ته پاڪستان عوامي تحريڪ (PAT) سياسي پارٽي جو سرپرست (Founder) آهي پر هتي ڪوالالمپور ۾ علي سولنگي جي گهر ۾ طاهر القادري جي رکيل ڪتابن مان ڪجهه حصا پڙهي بيحد متاثر ٿيس ۽ علي سولنگي ۽ سندس ڀر واري گهر ۾ رهندڙ پاڪستان جي پنجابي فئملي کان طاهر القادري جي اسلامي خدمتن ۽ تعليمي قابليتن جي ڄاڻ ٿي.
طاهر القادري صاحب 19 فيبروري 1951ع تي هنگ شهر ۾دين اسلام جي عالم فريد الدين قادري جي گهر ۾ ڄائو. هن جي وڏن جو تعلق پنجاب جي سيال فئملي سان آهي. پاڻ شروع جي تعليم جهنگ شهر جي ڪرسچن مشنري اسڪول Sacred Heart School ۾ ورتي جتي هن نه فقط انگريزي جي ڄاڻ حاصل ڪئي پر عيسائين جي مذهب ۽ سوچ سان به واسطو پيو. پوءِ ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ هن جي والد اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مديني پاڪ جي ”مدرسته العلوم الشريعته“ ۾ داخل ڪرايو. هي مدرسو سيدنا ايوب الانصاري جي گهر ۾ آهي، جتي حضور صلي الله عليه وسلم جن مديني پهچڻ تي، شروع وارن ڏينهن ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. مديني ۾ طاهر القادري صاحب ان مدرسي جي مولانا ضياءَ الدين مدني ۽ سيد علوي الملڪ جهڙن عالمن وٽ تعليم حاصل ڪئي. ان بعد هن پنهنجي پيءُ ۽ ٻين اسڪالرن وٽ ديني تعليم ورتي ۽ درسِ نظامي ۽ درس حديث مڪمل ڪيو. ان بعد قانون Law پڙهڻ لاءِ پنجاب يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي. 1974ع ۾ LL.B ڊگري حاصل ڪئي ۽ اعلى رزلٽ ڪري هن کي گولڊ ميڊل مليو. ان بعد وڪالت دوران 1978ع کان 1983ع تائين هن پنجاب يونيورسٽي ۾ لا (قانون) پڙهايو. ان بعد هن اتان 1986ع ۾ قانون ۾ Ph.D ڪئي ۽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. ساڳي وقت هو ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۽ فيڊرل شريعت ڪورٽ جو ليگل ائڊوائيزر مقرر ڪيو ويو.
ڊاڪٽر طاهر القادري لاءِ چون ٿا ته هن ايڪانامي ۽ پوليٽيڪل سائنس کان ديني فلاسافي، قانون، روحانيت، ميڊيڪل سائنس، صوفيزم، علم فلڪيات جهڙن سبجيڪٽن تي اٽڪل 6000 کن ليڪچر ڏنا آهن جن مان ڪيترائي اردو، انگريزي ۽ عربي زبان ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي اسلامي ڪتابن جي دڪانن تي ملن ٿا. هن جا انهن زبانن ۾ اٽڪل 400 ڪتاب آهن. 1989ع ۾ هن پاڪستان عوامي تحريڪ نالي سياسي پارٽي ٺاهي ۽ لاهور جي علائقي مان ايم اين اي به چونڊيو پر هاڻ ٻڌجي پيو ته هن جي سياست سان دلچسپي نه رهي آهي. هو ديني تعليم پکيڙڻ ۽ خدمتِ خلق جهڙن ڪمن ۾ مشغول رهي ٿو. منهاج القرآن انٽرنيشنل سندس NGO آهي جيڪا گذريل 25 سالن کان 80 ملڪن ۾ خير جا ڪم ڪري رهي آهي. ان کان علاوه ڊاڪٽر طاهر القادريءَ لاهور ۾ 1986ع کان منهاج انٽرنيشنل يونيورسٽيءَ کولي آهي جيڪا منهاج يونيورسٽي لاهور (MUL) به سڏجي ٿي.
مارچ 2010ع ۾ ڊاڪٽر طاهر القادري دنيا جي ميڊيا جو مرڪز رهيو جڏهن هن دهشتگردي (Terrorism) تي غير مشروط فتوا ڏني. آمريڪا مان نڪرندڙ ”فارين پاليسي“ مئگزن هن جو ان بابت حوالو /بيان ڏنو ته:
“I am tracing to bring (the terrorists) back towards humanism. This is a Jihad against brutality, to bring them back towards normality. This is an intellectual Jihad.”
پنهنجي ڪوالالمپور واري ميزبان حاجي غلام علي سولنگيءَ کي چيم ته ”يار لڳي ٿو ته توهان ڊاڪٽر طاهر القادريءَ جا پڪا مريد آهيو.“
”ڊاڪٽر قادري جي واعظن ۽ ڪتابن جو به منهنجي ذهن تي اثر آهي پر منهنجو مرشد شيخ عفيف الدين الجيلاني آهي.“ علي سولنگيءَ چيو.
”ماشاءَ الله“منهنجي وات مان نڪتو.
”توهان هن کي ٻڌو آهي؟“ عليءَ مون کان پڇيو، ”هو بادشاهه پير دستگير جي اولاد مان آهي.“
عفيف الدين جيلاني دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انگريزي ۽ عربي ۾ اسلام تي ليڪچر ڏيندو رهي ٿو. مون سندس هڪ ليڪچر، گذريل سال هڪ CD تي ٻڌو، جيڪو هن هتي ڪوالالمپور ۾ ڏنو هو. ٻڌڻ وارن ۾ انيڪ ماڻهو موجود هئا جن ۾ان وقت جو وزيراعظم احمد عبدالله بداوي به موجود هو ۽ عام ماڻهن سان گڏ پٽ تي ويٺل هو.
”ان ليڪچر جي سي ڊي مون وٽ آهي،“ عليءَ چيو، ”۽ ان ليڪچر ۾ آئون به موجود هوس. حضرت عفيف الدين سال ۾ ٻه ٽي دفعا ملائيشيا ايندو آهي. اهو ليڪچر هن عيد ميلاد النبي جي موقعي تي ڏنو هو جنهن ۾ هن ٻڌايو هو ته حضور صلعم جن وٽ هڪ نابين دعا لاءِ آيو هو.“
”جي ها. بلڪل اهو“ مون علي کي چيو، ”پر علي! شيخ عفيف الدين عرب ٿي ڪري ڇا ته هن جي انگريزي ۽ پر سحر ڳالهائڻ جو انداز آهي.“
”توهان ليکڪ ماڻهو آهيو، ساڻن ملندائو؟“ عليءَ پڇيو.
”ڪيئن ۽ ڪٿي ملجي بغداد ۾؟ هتي ڪوالالمپور ۾ ته خبر ناهي ڪڏهن ٿو اچي ۽ جتي هيڏي ميڙ ۾ عبدالله بداوي جهڙا اهم ماڻهو ئي پري کان پٿل ماريو ويٺا آهن اتي هوندو هن کي ٽائيم پاڻ سان ملڻ جو؟“ مون عليءَ کي اهڙي نموني بلڪه ٽون ۾ چيو ڄڻ هن کي چئي رهيو هجان ته ”علي! سڌون اهي ڪجن جي پوريون به ٿي سگهن.“
(هلندڙ)

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button