فن ۽ فنڪار

مشهور معروف اداڪار جميل فخري لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور: فلم اسٽيج ۽ ٽي وي جي معروف اداڪار جميل فخري ڊگهي عرصي بيمار رهڻ بعد لاهور جي ميو اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، هن جي عمر 66 سال هئي، جميل فخري پنهنجي ڪيريئر جو آغاز نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ۾ هڪ ملازم جي حيثيت سان ڪيو، پر خدا داد فنڪارانه صلاحيتن کي وڌيڪ دير تائين پوشيده نه رکي سگهيو ۽ 1963 ۾ ٿيٽر سان وابسطه ٿيو ، 1964ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن ۾ ڪم ڪيائين ۽ شهرت جي بلندين تي پهتو، ٽي وي سيريل انڌير اجالا ۾ لازوال اداڪاري جي بدولت هو هر ڪنهن ماڻهو دل ۾ گهر ڪري ويو هو. ان جي فنڪارانه صلاحيتن حوالي سان فلمي دنيا توڙي ٽي وي ڊرامن ۾ کيس ڀلي ڀت ڄاتو وڃي ٿو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button