لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري کي کنڀڻ جي ڪوشش سيٺارجا پوليس جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار

خيرپور (رپورٽ اعجاز جکڙ) لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري کي کنڀڻ جي ڪوشش سيٺارجا پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو مک جوابدار پوليس ٿاڻي ۾ مهمانن وانگر فروٽ کائڻ ۽ بوتلون پيئندو رهيو بااثر وڏيري جا ناري کي فون ڪري فيصلي ڪرڻ جي لاءِ دڙڪا ناري جون اخباروارن سان ڳالهيون. خبرموجب چار ڏينهن لڳاتار بااثر وڏيري محمد ايوب خاصخيلي ۽ سندس ساٿين بوزدار وڏا جي ناري امينا زال غلام عباس شيخ سان لڄالٽ ڪندا رهيا جڏهن ته پوليس مک جوابدار محمد ايوب خاصخيلي کي گرفتار ڪري مهمانن وانگر کٽن تي ويهاري ڇڏيو ۽ جوابدار وٽ سوين ماڻهو ملاقات تي ايندا رهيا جوابدار فروٽ ۽ بوتلون پيئندو رهيو ۽ پوليس جا به جاوا نظر ايندا رهيا جڏهن ته امينا شيخ پنهنجي مڙس ۽ ڏير سان ٺيڙهي کان سيٺارجا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ جي لاءِ وئي ته سيٺارجا بس اسٽينڊ کان هٿياربندن کيس کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناري ۽ سندس ڏير ۽ مڙس دانهون ڪيون بعد ۾ هٿياربند گاڏي ۾ فرار ٿي ويا بعد ۾ امينا شيخ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي لاءِ سيٺارجا ٿاڻي تي پهتي ته سيٺارجا پوليس کيس ڌڪا ڏئي ٿاڻي مان ڪڍي ڇڏيو ۽ وڏيرو محمد ايوب خاصخيلي ناري مٿان کلندو رهيو بعد ۾ لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري امينا شيخ اخباروارن کي ٻڌايو ته هڪ ته منهنجي لڄالٽ ٿي آهي ٻيو پوليس مونکي انصاف ڏيڻ بجاءِ ڌڪا ڏئي ٿاڻي مان ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ مک جوابدار کلندو رهيو هن چيوته منهنجي حالت خراب آهي ڪابه ڊاڪٽرياڻي پوليس جي ڀو کان علاج به نه ٿي ڪري هن وڌيڪ چيوته بااثر وڏيرو فيض محمد شر ٽيليفون تي دڙڪا ڏئي ڪيس تان هٿ کڻڻ ۽ فيصلو ڪرڻ لاءِ ڌمڪائي رهيو آهي هن چيوته مرڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندس پر جوابدارن سان فيصلو هرگز نه ڪندس. هن چيوته جيڪڏهن مونکي انصاف نه مليو ته مان پاڻ کي ڊي پي او آفيس ٻاهران باهه ڏئي ساڙي ڇڏينديس جنهن جي ذميواري پوليس ۽ جوابدارن مٿان هوندي.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close