خيرپور

7 مئي تائين صبح جو ستين وڳي کان منجھند جو ٻارهين وڳي تائين لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي: سپيڪو

WAPDAخيرپور: سپيڪو سکر طرفان ڄاڻايو ويو آهي ته نئين فيڊر يونيورسٽي واري قيا م جي ڪم جي ڪري سپيڪو پاران 7 مئي تائين صبح جو ستين وڳي کان منجھند جو ٻارهين وڳي تائين لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي. جنهن سبب خيرپور جا ڪجھ علائقه متاثر رهندا. جن ۾ خاڪي شاهه پل، شاهي بازار، ڦول باغ، سول اسپتال، درگاهه رام پوري ۽ ڳاڙهي پل شامل آهن. جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ لوڊ شيڊنگ 11 مئي تائين جاري رهندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button