شاعري

اداسي

آزاد نظم

ماڻڪ
colors-of-summer-spring (640x234)
آمد بھار ۽ چمن ۾ اداسي

قبر جھڙو سڪوت

ڪوئل جي ڪُو ڪُو خاموش

نه شادابي نه شگفتي

بھار يعني نويد سحر

ڪاري رات کان پوءِ

مرجھايل چھرن تي مرڪ

موٽائڻ لئه

پر ھي ڇا چوڏس خاموشي

آشيانا اجڙيل ۽ ويران

ڪنول جي لالي غائب

لڳي ٿو چيٽ ڪوئل

جو جنازو آندو آھي

ھاءِ! ويچاري معصوم

روشن راھن تي

تاريڪي جي ور چڙھي

ويئي۔
[social-bio id=4]

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button