آرٽيڪل

مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا

ليکڪ: مقصوديٰ سولنگي، ڪراچي
چون ٿا ته پنهنجي وڍي جو نه ويڄ نه طبيب. اهو به وقت هيو جڏهن سنڌي ماڻهون سنڌ جي وڏن شهرن ۾ داخل ٿيندا هئا، ته سنڌ ۾ رهندڙ ڌاريان سنڏي ٽوپي کي چتائي ڏسندا هئا. انهن ڏينهن کي ياد ڪندي اڄ جي صورتحال ڪيڏي مختلف ۽ مثبت آهي.اڄ اسين نه فقط آزادي سان پنهنجن شهرن ۾ قومي ثقافتي ايڪتا جي نالي ملهائي رهي آهي، پر سڄي  دنيا ۾ اهو ڏينهن ملهائڻ جون تياريون آهن. اهڙي ريت سنڌ هڪ سال ۾ ٻه ثقافتي عيد جا ڏينهن ملهائيندي.
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ اسٽبلشمنٽ جي ڪار گذاري جي ڪري سنڌ سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقو آهي، شروع کان ئي ماڻهو ڪجهه  نام نهاد  نعرن ۽ وطن دشمن سياست جي ڪڍ لڳايا ويا. هتان جي ادارن کي بد عنوانين جي حوالي ڪري عوامي ادارن کي عوام دشمن بڻايو ويو.محنت ڪش، مزدور،هاري ۽ پورهيتن کي ٻن وقتن جي ماني تن ڍڪڻ ۽ جتي لاءِ به سڪايو ويو. انهن کي صحت ۽ بنيادي سهولتن جو ته بنهه محتاج بڻايو ويو. تعليم کي ڄاڻي واڻي تباهه ڪيو ويو. جديد ترقي ۾ گلوبلائيزيشن يا عالم ڪاري ثقافت ۽ ٻولين لاءِوڏو خطرو ثابت ٿي اتي وچولي طبقي انهيءَ عالم ڪاري جي اثر هيٺ ٻولي ۾ ڌاريان لفظ هرون ڀرون استعمال ڪرڻ کي  عام ڪري ڇڏيو. موبائيل فون جي مخصوص لفظن۾ انٽرنيٽ جي استعمال سوين سنڌي لفظ ماڻهن جي استعمال مان ڪڍي ڇڏيا. نتيجي ۾ سنڌي ماڻهون فقط “هي، اهي، آهي ۽ آهن” جي سنڌي لفظن وچ ۾ رڳو انگريزي لفظن جو استعمال هڪ قسم جي لئي ۽ شان، مرتبي طور  جي نشاني سمجهي ڳالهائڻ لڳا.  سڀني مان وڌيڪ اهم ته سنڌ کي ڌارين قومن لاءِ محفوظ هنڌ ۽ سنڌين لاءِ هن ڌرتي ماءُ کي ٽرامو بڻايو ويو، جتي نه ان  لاءِ اجهو بچيو۽ نه  بنيادي سهولتون امن مان اڻ لڀ ڪيوويو،ڌارين ئي دهشت گردي کي هن ڌرتي جو نظام بڻايو. اهڙي ريت ڳوٺن۾ڌاڙيل،شهرن۾ڌاريا۽ شهري ڌاڙيل عرف دهشتگرد،ادارن۾ڪرپشن،عام ماڻهن۾هيروئن،افيم،پان،گهٽڪي ۾ عوام جي تعليم ۽ روزگار ۽ سڌاري واستي ڪجهه به نه ٿيو. راءِ ج ازادي جي نالي ۾ عوام جي مفادن خلاف جنگ جوٽِي وئي. عوام کي اهڙي ريت ڦاسايو ويو جو هر ماڻهو انهن ۾ رڌل آهي. انهن جي ڪري سنڌ مان ڳوٺن ۾ ٿيندڙ اوطاق ڪچهرين ۽ سگهڙن جي ڪچهرين کي جيڪي سنڌ جي ڪلچر کي جيئارڻ جو وڏو وسيلو هئا ختم ڪري ڇڏيو ويو.  پنهنجن سان ملڻ لاءِ به ماڻهن کي  وقت نه رهيو. اهو ان ڪري ڪيو ويو جو نه ته هو ملڪ ۾ قرضن جي نالي تي سامراجي غلامي ۽ ننڍين قومن جي استحصال کي سمجهي سگهن، نه ملڪ ۾ ٻريل بد امني، بي روزگاري، سماجي براين ۽ وڏين وڏين ملٽِي نيشنل ڪمپنين طرفان ڦر لٽ جي  ٿيندڙ ظلم کي سمجهي سگهن.

سنڌ جا ماڻهون شروع کان خوشحال، باشعور هوندي آسودا هيا. هتان جا جيڪي جيڪي رواج ريتيون ۽ رسمون رهيون آهن،اهي ثابت ڪن ٿا ته  هتي مهمانن جي خدمت جو رواج ان ڪري جو سبب اهو هيو جو رزق، کير، مکڻ اناج جام هيا. توڙي جو ماڻهو سالن جا سال هڪ رپئي جو منهن نه ڏسندا هئا، پر ڪڻڪ جا فصل لڻندي ڪين ٿڪبا هئا، هتان جي شعور جو ڪاٿو هتان جي ڳوٺن جون چلهه جي مچ تي ٿيندڙ ڪچهرين مان ڪري سگهجي پيو جن ۾ ڀٽائي،سامي، سچل، روحل، رکيل،بيدل، بيڪس، مصري شاهه زمان شاهه  اياز، نياز همايوني ، راشد مورائيءَ سرويچ‎۽ ٻين جا گيت جهونڪاربا هئا، سنڌ جي شعور کان انهن ماڻهن کي ڊپ پيدا ٿيو، جيڪي هتان جي ترقي، خوشحالي ۽ آسودگي تي چير ۽ ڦورو واري نظر رکندا آيا، گڏوگڏ هتان جي قدرتي وسيلن تي هڙپ ڪري وڃڻ جي طمع رکندا هئا.  وقت سان گڏوگڏ سنڌ ۾ به شعور نسريو ۽ ڪجهه مثبت شيون به سامهون آيون، جن ۾ سڀ کان اهم ڳالهه سنڌ جي مسئلن تي سنڌي  ميڊيا جو مثبت ڪردار ‎آهي. جيڪڏهن هڪ نظر سنڌ جي ماضي جي تحريڪن ۽ سنڌي ميڊيا جي ڪردار ڏسجي ته خبر پوي ٿي ته ماضي جي تحريڪن ۾ جڏهن ايم آر ڊي تحريڪ هلي ۽ آمر حڪومتن جي  خلاف تحريڪون شروع ٿيون ته فوجي آمريت خلاف  عظيم اديب شمشيرالحيدري ءَ جي ايڊيٽريءَ ۾ مهراڻ اخبار بي ڊپو ۽ بي خوف ٿي، ڏهڪاءَ واري ڪاري دورخلاف  آواز اٿاريو۽ ان دور ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو. ان کان پوءِ آهستي آهستي وقت جو ڌاڳو سرڪندو ويو. اخباري دنيا ۾ وڏا وڏا نالا اڀريا ان کان پوءِ نوان نڪور خبرو ۽ پرچاري ذريعا اڀريا جن  ۾ سنڌي ٽي وي چينل شروع ٿيا ته انقلاب اچي ويو.  موجوده صورتحال تي نظر وجهون ته خبر پوندي ته اڄ سنڌي پرچاري ۽ خابرو ذريعن  پاران سنڌ جي مسئلن تي ڳالهايو وڃي ٿو نه فقط اهو پر سنڌي ثقافت جا عالمي ڏينهن به خابرو ذريعن  پاران ملهايا پيا وڃن. اڄ سڄي سنڌ انهن جي سڏ تي ثقافتي ايڪتا جو ڏينهن ملهائن لاءِ اٿي پئي آهي. ٻين لفظن ۾ اڄ سنڌي خابرو جيتري سگهاري قوت شايد ئي ڪا ٻي هجي سنڌ ۾ سندن جي هڪ آواز تي سڄي سنڌ هڪ ٿي بيهي رهي ٿي. ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ثقافت جي ڏينهن کي ايئن ملهائڻ سان سنڌ جي ثقافت کي زبر دست هٿي ملندي پر سنڌ جا سور اڃان ڪي ٻيا آهن. ڇا سنڌي خابروادارن  مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي تي هُو سنڌ۾ سنڌي ماڻهن جي حقن تي راتاها هڻندڙ وڏيرا شاهي،نوڪر شاهي ، ڀتا خورن کي لغام وجهڻ، سنڌ مان بي دخل ٿيل سنڌين، سنڌي ٻولي سان عالم ڪاري جي نالي ۾ ٿيندڙ‎ّ‎ظلم، عالمي ادارن کان قرضن عيوض عوام تي مڙهيل دهشتگردي،بدامني، بيروزگاري، بک، بدحالي ۽ ڏتڙيائپ جو مست اٺ کي قابو ۾ ڪرڻ لاءَ ڪا اهڙيِ للڪار ڪن؟؟ سنڌي ثقافت جي ڏينهن ملهائڻ سان سنڌ جي قديم ثقافتي  ڪاروبارن جيئن ٽوپي،اجرڪ، سنڌي گج، رليون، ٻاڌي تي ٺهيل چنيون،سنڌي ويس، سڳيون، لاڙ جي کڏين تي ٿيندڙ ڪم اسان جي مختلف شهرن جون مخصوص روايتون، جيئن هالا جو سامان پرڏيهه موڪلجندڙ سامان جي ڪاروبار جهڙي شڪل اختيار ڪنديون.  ۽ وڏي ڳالهه پرڏيهه ۾ ويٺل ورقين جي اولاد ۽ اسان جي نئين نسل کي خبر پوندي ته هو ڪيڏي عظيم  ثقافتي ورثي جا مالڪ آهن. ان جي پس منظر ۾ هو اهو به سمجهي سگهندا ته  قومون اصلوڪيون قومون ڇو چورائينديون آهن.قوم ڇا جي ڪري ۽ ڪيئن زنده رهندي آهي. اسين ڇا جي ڪري اصلوڪي قوم آهيون؟ پر سوال وري به آهي ته ڇا ثقافتي ڏينهن ملهائڻ سان اسان جو قومي وجود ۽ سنڌ تي مالڪيءَ جو حق  محفوظ ٿي ويندو؟ اسان جي ثقافت ڇا آهي؟ ٽوپي،اجرڪ،پٽڪو ڪهاڙي؟ يا اڃان ڪي ٻيون شيون به آهن!؟   تاريخ شاهد آهي ته ثقافت اتي جنم ورتو جتي خوشحالي هئي۽ ماڻهن اتي وستيون،واهڻ،ڳوٺ ۽ شهر ٺاهي انساني زندگي کي سک وارو بنائڻ لاءِاستعمال جون شيون ۽ اوزار ٺاهيا.   اسان جي ثقافت به ان ڪري آهي جو اسين خوشحال هيا سين. اسان وٽ اسان جي ثقافت جا اهڃاڻ ڪجهه ٻيون شيون به آهن. جيڪي اسان جي قائم ڪيل عجائب گهرن ۾ ڪجهه محفوظ آهن تي ڪجهه غير محفوظ يا ڌارين وٽ .هڪڙو مثال ئي وٺو.جڏهن مون بدين ۾ عظيم شخصيت شيخ سومار  جو قائم ٿيل  لاڙ عجائب گهر ڏٺم ته سنڌ جي ثقافتي شين جي خراب حالت ڏسي دل روئڻ گهريولاڙ جي ان عجائب گهر ۾ جتي ڪافي قديم نوادرات پيل آهن اتي  دنيا جي عظيم شاعر شاه عبدالطيف ڀٽائي رح ۽ شا هه ڪريم بلڙي وارو رح  جُون پڳون مبارڪ پيل آهن. اتي جي حالت اها هئي ته شوڪيس ڀڳل ۽ پراڻا انتهائي خراب حالت ۾  پيل آهن  جن مٽي جا لٽ چڙيل ڏسي دل واقعي به روئي پئي. اسان پنهنجي ثقافت کي جئارڻ جي ڳالهه ڪيون پيا لکين رپيا ثقافتي ڏينهن کي ملهائڻ تي خرچ ڪيون پيا پر لاڙ عجائب گهر ۾  شاهه ڀٽائي جي پڳ جي اها حالت!اسان جڏهن ٻاهر آيا سين ۽ ننڍن ٻارن کي پيرين اگهاڙين گهٽِين ۾ پنندي ڏٺو، ته اهو درد اڃان به گهرو ٿي ويو.  مون سوچيو اسان جي قوم نعرن جي پٺيان هلڻ واري روش نه ڇڏيندي جيستائين اسان جا پنهنجا به اهي ساڳا هٿيار استعمال ڪرڻ نه ڇڏيندا جيڪي ڌارين هن قوم کي مفلوج ۽ لاچار رکڻ لاءِ استعمال ڪيا. ڇا سنڌ جي ثقافتي ڏڻ ملهائڻ سان سنڌ ۾ خودڪشين جي شرح ۾ گهٽتائي ٿيندي؟سنڌ ۾ بيروزگاري، تعليم سان ڪيل جٺ، عوام سان ناانصافين جي صحت تي اثر پوندو؟انهيءَ ڪري ٻولي، ڌرتي، وسيلا سنڌين جو اقتدار اعليٰ بچائڻ به ضروري آهي ۽ انهيءَ فرض ۽ ڪم لاءَ انهن ڏينهن کي انهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيل جذبي کي انهن منزلن کي حاصل ڪرڻ  لاءِ استعمال نه ڪيو ويو تو پوءِ واقعي به چئبو ته  . هنوز دلي دور است

مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئاليکڪ: مقصوديٰ سولنگي، ڪراچيچون ٿا ته پنهنجي وڍي جو نه ويڄ نه طبيب. اهو به وقت هيو جڏهن سنڌي ماڻهون سنڌ جي وڏن شهرن ۾ داخل ٿيندا هئا، ته سنڌ ۾ رهندڙ ڌاريان سنڏي ٽوپي کي چتائي ڏسندا هئا. انهن ڏينهن کي ياد ڪندي اڄ جي صورتحال ڪيڏي مختلف ۽ مثبت آهي.اڄ اسين نه فقط آزادي سان پنهنجن شهرن ۾ قومي ثقافتي ايڪتا جي نالي ملهائي رهي آهي، پر سڄي  دنيا ۾ اهو ڏينهن ملهائڻ جون تياريون آهن. اهڙي ريت سنڌ هڪ سال ۾ ٻه ثقافتي عيد جا ڏينهن ملهائيندي.پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ اسٽبلشمنٽ جي ڪار گذاري جي ڪري سنڌ سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقو آهي. شروع کان ئي ماڻهو ڪجهه  نام نهاد  نعرن ۽ وطن دشمن سياست جي ڪڍ لڳايا ويا. هتان جي ادارن کي بد عنوانين جي حوالي ڪري عوامي ادارن کي عوام دشمن بڻايو ويو.محنت ڪش، مزدور،هاري ۽ پورهيتن کي ٻن وقتن جي ماني تن ڍڪڻ ۽ جتي لاءِ به سڪايو ويو. انهن کي صحت ۽ بنيادي سهولتن جو ته بنهه محتاج بڻايو ويو. تعليم کي ڄاڻي واڻي تباهه ڪيو ويو. جديد ترقي ۾ گلوبلائيزيشن يا عالم ڪاري ثقافت ۽ ٻولين لاءِوڏو خطرو ثابت ٿي اتي وچولي طبقي انهيءَ عالم ڪاري جي اثر هيٺ ٻولي ۾ ڌاريان لفظ هرون ڀرون استعمال ڪرڻ کي  عام ڪري ڇڏيو. موبائيل فون جي مخصوص لفظن۾ انٽرنيٽ جي استعمال سوين سنڌي لفظ ماڻهن جي استعمال مان ڪڍي ڇڏيا. نتيجي ۾ سنڌي ماڻهون فقط “هي، اهي، آهي ۽ آهن” جي سنڌي لفظن وچ ۾ رڳو انگريزي لفظن جو استعمال هڪ قسم جي لئي ۽ شان، مرتبي طور  جي نشاني سمجهي ڳالهائڻ لڳا.  سڀني مان وڌيڪ اهم ته سنڌ کي ڌارين قومن لاءِ محفوظ هنڌ ۽ سنڌين لاءِ هن ڌرتي ماءُ کي ٽرامو بڻايو ويو، جتي نه ان  لاءِ اجهو بچيو۽ نه  بنيادي سهولتون امن مان اڻ لڀ ڪيوويو،ڌارين ئي دهشت گردي کي هن ڌرتي جو نظام بڻايو. اهڙي ريت ڳوٺن۾ڌاڙيل،شهرن۾ڌاريا۽ شهري ڌاڙيل عرف دهشتگرد،ادارن۾ڪرپشن،عام ماڻهن۾هيروئن،افيم،پان،گهٽڪي ۾ عوام جي تعليم ۽ روزگار ۽ سڌاري واستي ڪجهه به نه ٿيو. راءِ ج ازادي جي نالي ۾ عوام جي مفادن خلاف جنگ جوٽِي وئي. عوام کي اهڙي ريت ڦاسايو ويو جو هر ماڻهو انهن ۾ رڌل آهي. انهن جي ڪري سنڌ مان ڳوٺن ۾ ٿيندڙ اوطاق ڪچهرين ۽ سگهڙن جي ڪچهرين کي جيڪي سنڌ جي ڪلچر کي جيئارڻ جو وڏو وسيلو هئا ختم ڪري ڇڏيو ويو.  پنهنجن سان ملڻ لاءِ به ماڻهن کي  وقت نه رهيو. اهو ان ڪري ڪيو ويو جو نه ته هو ملڪ ۾ قرضن جي نالي تي سامراجي غلامي ۽ ننڍين قومن جي استحصال کي سمجهي سگهن، نه ملڪ ۾ ٻريل بد امني، بي روزگاري، سماجي براين ۽ وڏين وڏين ملٽِي نيشنل ڪمپنين طرفان ڦر لٽ جي  ٿيندڙ ظلم کي سمجهي سگهن. سنڌ جا ماڻهون شروع کان خوشحال، باشعور هوندي آسودا هيا. هتان جا جيڪي جيڪي رواج ريتيون ۽ رسمون رهيون آهن،اهي ثابت ڪن ٿا ته  هتي مهمانن جي خدمت جو رواج ان ڪري جو سبب اهو هيو جو رزق، کير، مکڻ اناج جام هيا. توڙي جو ماڻهو سالن جا سال هڪ رپئي جو منهن نه ڏسندا هئا، پر ڪڻڪ جا فصل لڻندي ڪين ٿڪبا هئا، هتان جي شعور جو ڪاٿو هتان جي ڳوٺن جون چلهه جي مچ تي ٿيندڙ ڪچهرين مان ڪري سگهجي پيو جن ۾ ڀٽائي،سامي، سچل، روحل، رکيل،بيدل، بيڪس، مصري شاهه زمان شاهه  اياز، نياز همايوني ، راشد مورائيءَ سرويچ‎۽ ٻين جا گيت جهونڪاربا هئا، سنڌ جي شعور کان انهن ماڻهن کي ڊپ پيدا ٿيو، جيڪي هتان جي ترقي، خوشحالي ۽ آسودگي تي چير ۽ ڦورو واري نظر رکندا آيا، گڏوگڏ هتان جي قدرتي وسيلن تي هڙپ ڪري وڃڻ جي طمع رکندا هئا.  وقت سان گڏوگڏ سنڌ ۾ به شعور نسريو ۽ ڪجهه مثبت شيون به سامهون آيون، جن ۾ سڀ کان اهم ڳالهه سنڌ جي مسئلن تي سنڌي  ميڊيا جو مثبت ڪردار ‎آهي. جيڪڏهن هڪ نظر سنڌ جي ماضي جي تحريڪن ۽ سنڌي ميڊيا جي ڪردار ڏسجي ته خبر پوي ٿي ته ماضي جي تحريڪن ۾ جڏهن ايم آر ڊي تحريڪ هلي ۽ آمر حڪومتن جي  خلاف تحريڪون شروع ٿيون ته فوجي آمريت خلاف  عظيم اديب شمشيرالحيدري ءَ جي ايڊيٽريءَ ۾ مهراڻ اخبار بي ڊپو ۽ بي خوف ٿي، ڏهڪاءَ واري ڪاري دورخلاف  آواز اٿاريو۽ ان دور ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو. ان کان پوءِ آهستي آهستي وقت جو ڌاڳو سرڪندو ويو. اخباري دنيا ۾ وڏا وڏا نالا اڀريا ان کان پوءِ نوان نڪور خبرو ۽ پرچاري ذريعا اڀريا جن  ۾ سنڌي ٽي وي چينل شروع ٿيا ته انقلاب اچي ويو.  موجوده صورتحال تي نظر وجهون ته خبر پوندي ته اڄ سنڌي پرچاري ۽ خابرو ذريعن  پاران سنڌ جي مسئلن تي ڳالهايو وڃي ٿو نه فقط اهو پر سنڌي ثقافت جا عالمي ڏينهن به خابرو ذريعن  پاران ملهايا پيا وڃن. اڄ سڄي سنڌ انهن جي سڏ تي ثقافتي ايڪتا جو ڏينهن ملهائن لاءِ اٿي پئي آهي. ٻين لفظن ۾ اڄ سنڌي خابرو جيتري سگهاري قوت شايد ئي ڪا ٻي هجي سنڌ ۾ سندن جي هڪ آواز تي سڄي سنڌ هڪ ٿي بيهي رهي ٿي. ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ثقافت جي ڏينهن کي ايئن ملهائڻ سان سنڌ جي ثقافت کي زبر دست هٿي ملندي پر سنڌ جا سور اڃان ڪي ٻيا آهن. ڇا سنڌي خابروادارن  مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي تي هُو سنڌ۾ سنڌي ماڻهن جي حقن تي راتاها هڻندڙ وڏيرا شاهي،نوڪر شاهي ، ڀتا خورن کي لغام وجهڻ، سنڌ مان بي دخل ٿيل سنڌين، سنڌي ٻولي سان عالم ڪاري جي نالي ۾ ٿيندڙ‎ّ‎ظلم، عالمي ادارن کان قرضن عيوض عوام تي مڙهيل دهشتگردي،بدامني، بيروزگاري، بک، بدحالي ۽ ڏتڙيائپ جو مست اٺ کي قابو ۾ ڪرڻ لاءَ ڪا اهڙيِ للڪار ڪن؟؟ سنڌي ثقافت جي ڏينهن ملهائڻ سان سنڌ جي قديم ثقافتي  ڪاروبارن جيئن ٽوپي،اجرڪ، سنڌي گج، رليون، ٻاڌي تي ٺهيل چنيون،سنڌي ويس، سڳيون، لاڙ جي کڏين تي ٿيندڙ ڪم اسان جي مختلف شهرن جون مخصوص روايتون، جيئن هالا جو سامان پرڏيهه موڪلجندڙ سامان جي ڪاروبار جهڙي شڪل اختيار ڪنديون.  ۽ وڏي ڳالهه پرڏيهه ۾ ويٺل ورقين جي اولاد ۽ اسان جي نئين نسل کي خبر پوندي ته هو ڪيڏي عظيم  ثقافتي ورثي جا مالڪ آهن. ان جي پس منظر ۾ هو اهو به سمجهي سگهندا ته  قومون اصلوڪيون قومون ڇو چورائينديون آهن.قوم ڇا جي ڪري ۽ ڪيئن زنده رهندي آهي. اسين ڇا جي ڪري اصلوڪي قوم آهيون؟ پر سوال وري به آهي ته ڇا ثقافتي ڏينهن ملهائڻ سان اسان جو قومي وجود ۽ سنڌ تي مالڪيءَ جو حق  محفوظ ٿي ويندو؟ اسان جي ثقافت ڇا آهي؟ ٽوپي،اجرڪ،پٽڪو ڪهاڙي؟ يا اڃان ڪي ٻيون شيون به آهن!؟   تاريخ شاهد آهي ته ثقافت اتي جنم ورتو جتي خوشحالي هئي۽ ماڻهن اتي وستيون،واهڻ،ڳوٺ ۽ شهر ٺاهي انساني زندگي کي سک وارو بنائڻ لاءِاستعمال جون شيون ۽ اوزار ٺاهيا.   اسان جي ثقافت به ان ڪري آهي جو اسين خوشحال هيا سين. اسان وٽ اسان جي ثقافت جا اهڃاڻ ڪجهه ٻيون شيون به آهن. جيڪي اسان جي قائم ڪيل عجائب گهرن ۾ ڪجهه محفوظ آهن تي ڪجهه غير محفوظ يا ڌارين وٽ .هڪڙو مثال ئي وٺو.جڏهن مون بدين ۾ عظيم شخصيت شيخ سومار  جو قائم ٿيل  لاڙ عجائب گهر ڏٺم ته سنڌ جي ثقافتي شين جي خراب حالت ڏسي دل روئڻ گهريولاڙ جي ان عجائب گهر ۾ جتي ڪافي قديم نوادرات پيل آهن اتي  دنيا جي عظيم شاعر شاه عبدالطيف ڀٽائي رح ۽ شا هه ڪريم بلڙي وارو رح  جُون پڳون مبارڪ پيل آهن. اتي جي حالت اها هئي ته شوڪيس ڀڳل ۽ پراڻا انتهائي خراب حالت ۾  پيل آهن  جن مٽي جا لٽ چڙيل ڏسي دل واقعي به روئي پئي. اسان پنهنجي ثقافت کي جئارڻ جي ڳالهه ڪيون پيا لکين رپيا ثقافتي ڏينهن کي ملهائڻ تي خرچ ڪيون پيا پر لاڙ عجائب گهر ۾  شاهه ڀٽائي جي پڳ جي اها حالت!اسان جڏهن ٻاهر آيا سين ۽ ننڍن ٻارن کي پيرين اگهاڙين گهٽِين ۾ پنندي ڏٺو، ته اهو درد اڃان به گهرو ٿي ويو.  مون سوچيو اسان جي قوم نعرن جي پٺيان هلڻ واري روش نه ڇڏيندي جيستائين اسان جا پنهنجا به اهي ساڳا هٿيار استعمال ڪرڻ نه ڇڏيندا جيڪي ڌارين هن قوم کي مفلوج ۽ لاچار رکڻ لاءِ استعمال ڪيا. ڇا سنڌ جي ثقافتي ڏڻ ملهائڻ سان سنڌ ۾ خودڪشين جي شرح ۾ گهٽتائي ٿيندي؟سنڌ ۾ بيروزگاري، تعليم سان ڪيل جٺ، عوام سان ناانصافين جي صحت تي اثر پوندو؟انهيءَ ڪري ٻولي، ڌرتي، وسيلا سنڌين جو اقتدار اعليٰ بچائڻ به ضروري آهي ۽ انهيءَ فرض ۽ ڪم لاءَ انهن ڏينهن کي انهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيل جذبي کي انهن منزلن کي حاصل ڪرڻ  لاءِ استعمال نه ڪيو ويو تو پوءِ واقعي به چئبو ته  . هنوز دلي دور است

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button