خبرون

  • جون- 2011 -
    28 جون

    موجوده جمهوري دور ۾ معذورن جي سماجي ۽ معاشي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪيون پيون وڃن: ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه

    پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه چيو آهي ته موجوده جمهوري دور ۾ معذورن جي سماجي ۽ معاشي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪيون پيون وڃن جڏهن ته صوبي توڙي ضلعي حڪومتن ۽ خاص طور تي خيرپور ضلعي اندر مختلف شعبن ۾ ڀرتي ۾ معذورن جي ٻه سيڪڙو ڪوٽا کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن اهڙو اظهار ڊي سي او آفيس ۾ معذور تنظيمن جي مختلف اڳواڻن رياض منگي، جاويد رئيس ۽ ٻين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته خيرپور ضلعو صوبي جو واحد ضلعو آهي جتي معذورن کي شهيد بينظيرڀٽو روزگار اسڪيم تحت کين لکين روپيا قرض ڏئي معذورن کي روزگار سان لڳايو ويو آهي. جڏهن ته کين هزارن جي تعداد ۾ ويل چيئرز ڏئي سندن زندگي ۾ بهتري آندي آهي. ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه چيو ته خيرپور اندر کين معذور تنظيمن کي سندن لاءِ آفيس، تعليم پرائيندڙ معذورن کي اسڪالرشپس ۽ سندن ٻه سيڪڙو ڪوٽا ۽ قابليت مطابق مختلف شعبن ۾ نوڪريون ڏنيون وينديون.

    وڌيڪ پڙھو
  • 9 جون

    بدين ضلعي ۾ مڪاني طوفاني حالتن کي نظر ۾ رکندي ضلعي حڪومت فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو

    بدين ضلعي ۾ امڪاني طوفاني حالتن کي نظر ۾ رکندي ضلعي حڪومت بدين پاران ضلعي آفيسر روينيو بدين فياض حسين عباسي کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي ، سندس آفيس ۾ ايمرجنسي سينٽر قائم ڪيو ويو آهي جنهن جو فون نمبر 0297862384 ۽ سندس سيل نمبر03003602941 آهي جڏهن ته بدين ضلعي جي پنجن ئي تعلقن جي ڊي ڊي او روينيو جي آفيسن ۾ ايمرجنسي سينٽر پڻ قائم ڪيا ويا آهن جنهن جا انچارج ڊي ڊي اوز مقرر ڪيا ويا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • 6 جون

    موجوده سنڌ حڪومت عوام جي سماجي ۽ ڀلائي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪري رهي آهي: سيد قائم علي شاهه

    سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته موجوده سنڌ حڪومت عوام جي سماجي ۽ ڀلائي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪري رهي آهي جڏهن ته بچاءُ بندن جي مرمتي ڪم 30 جون تائين مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته بندن جي مرمتي ڪم جي معيار بهتر ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي حُڪم جاري ڪيا ويا آهن. وڏي وزير اهڙو اظهار آچر ڏينهن سکر ايئرپورٽ ۽ سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ مختلف ماڻهن جي وفدن سان ملاقات ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي عوام جي معاشي بهتري لاءِ جاکوڙي رهي آهي ان سلسلي صوبي اندر ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويوآهي جڏهن ته تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ بهتري آڻي عوام جي خدمت ڪئي پئي وڃي

    وڌيڪ پڙھو
  • 5 جون

    پشاور جي علائقي متني بازار ۾ واقع بس اڏي جي ويجھو ڌماڪي ۾ 6 افراد فوت ٿي ويا

    پشاور: پوليس ذريعن جو چوڻ مطابق پشاور جي جي علائقي متني بازار ۾ ڌماڪو ھڪ پڪ اپ ويگن ۾ ٿيو جيڪا ڪال خيل وڃي رھي ھئي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 ماڻھو موقعي تي فوت ٿي ويا جڏھن ته ڏھ زخمي ٿي پيا ڌماڪي کان پوءِ ريسڪيو جون ٽيمون واقعي واري ھنڌ پھچي ويون ۽ زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي ھنگامي صورتحال جي ڪري ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي جڏھن ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن علائقي جو گھيرو ڪري تحقيق شروع ڪري ڏني آھي

    وڌيڪ پڙھو
  • 5 جون

    ٻيلن جي تحفظ، پاڪستان کي سرسبز بڻائڻ ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ ماحولياتي آلودگي جي منفي اثرن جي روڪٿام جي لاءِ جامع ڪوششن جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري

    صدر آصف علي زرداري ٻيلن جي تحفظ، پاڪستان کي سرسبز بڻائڻ ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ ماحولياتي آلودگي جي منفي اثرن جي روڪٿام جي لاءِ جامع ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته موجوده حڪومت ماحوليات جي تحفظ لاءِ ڪيترن ئي پروگرامن تي عمل پيرا آهي. هن اها ڳالهه ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي، جيڪو اڄ آچر ڏينهن پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي ماحوليات جي پروگرام کي سال 2011ع "ٻيلن جي فطرت توهان جي خدمت" جو موضوع اختيار ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته هي موضوع زندگي جو معيار، ٻيلن جي ضرورت ۽ ٻيلن جي نظام جي عالمي فطري لاڳاپن جي نشاندهي ڪري ٿو.

    وڌيڪ پڙھو
  • 4 جون

    سکر ۾ ماحوليات جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان ھڪ واڪ جو اھتمام ڪيو ويو

    : ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ماحول جي تحفظ جي اداري اي پي اي ريجنل آفيس سکر طرفان ڊائريڪٽر اي پي اي سنڌ وقار حسين ڦلپوٽو جي اڳواڻي ۾ اپوا اسڪول سکر کان مڪي مسجد سکر تائين هڪ واڪ منعقد ڪئي ويئي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ماحوليات سنڌ وقار حسين ڦلپوٽو خطاب ڪندي ماحول جي گدلاڻ کان بچڻ لاءِ ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ تي زور ڀريو هن ماحول جي گدلاڻ سبب خطرات کان پڻ آگاهي ڏني. هن واڪ ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. واڪ جي اختتام تي اپوا اسڪول سکر جي ٻارن ۽ ٻين واڪ ۾ شريڪ ماڻهن قاسم پارڪ جي صفائي مهم ۾ حصو ورتو. بعد ۾ اي پي اي ريجنل آفيس سکر ۽ اپوا اسڪول سکر جي تعاون سان هڪ سيمينار پڻ اپوا اسڪول ۾ منعقد ڪيو ويو.

    وڌيڪ پڙھو
  • 4 جون

    پرويز مشرف آمريڪا جي حمايت ڪري عالم اسلام جي پٺيءَ ۾ ڇرو هنيو : مولانا فضل الرحمان

    )جي يو آءِ جي مرڪزي امير ۽ قومي ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آمريڪا نائن اليون جو ڊرامو رچائي ڪري دهشتگرديءَ جي آڙ ۾ مسلمانن خلاف صليبي جنگ شروع ڪري فوجي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف آمريڪا جي حمايت ڪري عالم اسلام جي پٺيءَ ۾ ڇرو هنيو آهي. ۽ موجوده جمهوري حڪومت به صليبي ڇرو ڪڍڻ بجاءِ ان کي وڌيڪ اندر ڪري رهي آهي. تاريخ انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. مولانا فضل الرحمان اهڙن خيالن جو اظهار جي يو آءِ ضلع سکر جي رهنمائن مولانا عبدالقيوم، مولانا محمد صالح انڍهڙ، مولانا عبدالحق مهر ۽ مولانا عبيداللہ ڀٽو سان ٽيلي فون تي ڳالهيون ڪندي ڪيو

    وڌيڪ پڙھو
  • 3 جون

    منھنجي پٽ کي بچايو ،غريب عورت جي دانھن

    سکر(رپورٽ:عمر سومرو) سکر جي علائقي مائيڪرو ڪالوني جي رهواسڻ غريب 0 7 سالن جي عورت مسمات زينب اوٺو دانهيندي ٻڌايو ته جيل اندر منهنجي پٽ جي زندگي کي خطرو آهي. ۽ جيل اندر تشدد ڪرڻ بعد کولي ۾ بند ڪيو ويو آهي. جتي زندگي کي سخت خطرو اٿس ۽ بيمار ٿي پيو آهي. سينٽرل جيل ۾ 8 هزار روپيا رشوت گهري وئي هئي رشوت نه ڏيڻ تي روزانو تشدد بعد کولي اندر بند ڪيو پيو وڃي. ان کان اڳ به جيل پوليس منهنجي پٽ کي قتل ڪري چڪي آهي ۽ منهنجي قتل ٿيل پٽ جي صدمي ۾ منهنجو ٻيو پٽ فوت ٿي ويو جڏهن ته جيل پوليس کي قتل معاف نه ڪرڻ تي پوليس منهنجي ٽئين پٽ کي ڌاڙيلن جو ساٿاري ڏياري سزا ڏياري جيل موڪليو ويو آهي. هن چيو ته 2 1 سال اڳ ڳاڙهي موري ويجهو فيض واه وٽ منهنجي پٽ بخشڻ اوٺو کي ٽيڪسي سميت اغوا ڪري وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پوليس جو انسپڪٽر ۽ هڪ ڌاڙيل مارجي ويا ۽ منهنجو پٽ ٽيڪسي ڊرائيور هو. اهو ٽيڪسي وٽ بيٺو هو ته پوليس مارجي ويل ڌاڙيل وارو اسلحو منهنجي پٽ جي پويان…

    وڌيڪ پڙھو
  • 2 جون

    موجوده عوامي حڪومت اليڪشن دوران جيڪي به واعدا ڪيا هئا اهي پورا ڪري رهي آهي: نصرالله بلوچ

    ايم اين اي نعمان اسلم شيخ ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر نصر الله بلوچ فينلي پارڪ بس ٽرمينل ملٽري روڊ سکر جو سنگ بنياد رکيو جيڪو 60 ملين روپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويندو ان موقعي تي سنگ بنياد رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ايم اين اي نعمان اسلم شيخ چيو ته حڪومت ماڻهن کي تفريح فراهم ڪرڻ لاءِ شهر اندر مختلف ترقياتي ڪم ڪرائي رهي آهي جنهن ۾ گرين بيلٽ، چوڪن کي بهتر ڪرڻ جهڙيون اسڪيمون شروع ڪيون ويون آهن ته جيئن ماڻهن کي گهٽ واري ماحول مان ڪڍي صحتمند تفريح فراهم ڪرڻ آهي هن چيو ته ماضي جي حڪومتن شهر جي ڊرينيج نظام تي ڪوبه توجهه نه ڏنو جنهن سبب ڪابه ترقياتي اسڪيم ڪامياب ٿي نه سگهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 2 جون

    گرمين جون موڪلون اڄ کان شروع، هزارين شاگردن کي درسي ڪتاب نه ملي نه مليا

    سنڌ ۾ تعليمي سال شروع ٿيندي 2 مهينا گذري ويا پر صوبي ۾ هزارين شاگردن کي درسي ڪتاب نه ملي نه مليا، جنهن ڪري اهي اڄ کان شروع ٿيل گرمين جي موڪل جا 2 مهينا واندا ويهي گذاريندا، يادرهي ته تعليم کاتي طرفان سنڌ صوبي ۾ هر سال شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مفت درسي ڪتاب فراهم ڪيا وڃن ٿا، اهي ڪتاب سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طرفان ڏنا وڃن ٿا، پر گذريل ٻن سالن کان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ وڏي پئماني تي ڪرپشن ۽ نيب طرفان ڇاپو هڻي ڪروڙن جي گهوٻين ۾ ملوث ڪامورن کي گرفتار ڪرڻ ۽ روايتي سستي سبب درسي ڪتابن جي ڇپائي متاثر ٿي ۽ سنڌ جي اسڪولن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وقت تي ڪتاب نه ڏنا ويا، ان سلسلي ۾ عوام ميڊيا سان ڳالهائيندي شاگردن ۽ شاگردياڻين شمائلا، ثمرين، زبير، اڪرام ۽ ٻين ٻڌايو ته 2 مهينا گذري چڪا آهن

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button