مختصر خبرون

شڪارپور: ڊي او سوشل ويلفيئر کي ھٽايو وڃي، شھرين جو مطالبو

رشيد مھر، انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، شڪارپور
مونٽيسري اسڪول جي ڪرپشن جو ٻيو ڀانڊو بھ ڦاٽي پيو ، ڊي او سوشل ويلفيئر بغير ڪاميٽي اپروول جي ڀرتيون ڪري ڇڏيون ، ڳري رشوت عيوض 10 ٽيچرس ءِ 2 ڪلاڪ ڀرتي ، خريداري جي مد ۾ بھ 20 لک ھڙپ ڪري ويو ، سڄاڻ ڌرين طرفان جاچ جو مطالبو، رپورٽ موجب موٽيسري اسڪول شڪارپور ۾ ٿيل رڪارڊ ڪرپشن کانپوءِ ھڪ اخبار ۾ رپورٽ شايع ٿيڻ کانپوءِ اسڪول ۾ ٿيل ڀرتين بابت ٻيو ڦانڊو بھ ڦاٽي پيو ، معلوم ٿيو آھي تھ ڊسٽرڪٽ آفيسر سوشل ويلفيئر وحيد شجراع جيڪو اسڪول جي ڀرتين سميت ٻين معماملن بابت ٺھيل ڪاميٽي جو سيڪريٽري پڻ آھي جنھن بغير ڪنھن اپروول جي لکين روپيا رشوت عيوض غيرقانوني طور تي 10 ٽيچرس ڀرتي ڪري ڇڏيا آھن جڏھن تھ ڪاميٽي جو چيئرمين ڊپٽي ڪمشنر ھوندو آھي جنھن ان کان بھ لکت ۾ اجازت ناھي ورتي ، ياد رھي تھ ٽيچرس سان گڏ 2 ڪلارڪ پڻ وحيد شجراع ڀرتي ڪري ڇڏيا آھن جن کان پڻ ھن ڳري رشوت ورتي ، ڊي او سوشل ويلفئير اسڪول جي ڪنھن بھ ملازم کي نوڪري مان ڪڍڻ ءِ رکڻ جا اختيار زبردستي استعمال ڪري رھيو آھي جڏھن تھ کيس ڪو بھ اھڙو اختيار ناھي ڪو بھ ننڍڙو قدم جيڪڏھن ھن کي کڻڻو پوندو تھ اھو بھ سوشل ويلفئير ڪاميٽي جي اڳيان رکڻو آھي ، اسڪول جي معاملن ۾ ھروڀرو جي مداخلت جي اسڪول جي پڙھائي جو سسٽم ڊانواڊول آھي ، ھوڏانھن ضلعي حڪومت طرفان توڙي ٻين سھڪاري ڌرين طرفان ملندڙ فنڊ بھ خريداري جي مد ۾ ھڙپ ڪيا ويا آھن ان لاءِ تھ اسڪول جي ڪھڙي بھ چيز جي خريداري جو اختيار ھن زبردستي حاصل ڪري ورتو آھي جڏھن تھ شڪارپور جي سڄاڻ ڌرين برڪت لاشاري ، اسداللھ سومرو ، سميع بلالي ، ءِ ٻين مطالبو ڪيو آھي تھ شڪارپور جي تارخي اسڪول جي حالت خراب ڪندڙ ڊي او وحيد شجراع کي فورن ھٽايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button