خيرپور

وڏي وزيرپاران خيرپور جي بار لاءِ 15 لک جو اعلان ۽ وڪيلن جي لاءِ 500 ، 500 گز پلاٽ ڏيڻ جو اعلان

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور

وڏي وزيرپاران خيرپور جي بار لاءِ 15 لک جو اعلان ۽ وڪيلن جي لاءِ 500 ، 500 گز پلاٽ ڏيڻ جو اعلان
وڏي وزيرپاران خيرپور جي بار لاءِ 15 لک جو اعلان ۽ وڪيلن جي لاءِ 500 ، 500 گز پلاٽ ڏيڻ جو اعلان

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي وڪيلن هميشه جمهوريت جي بحالي ۽ بهتر عدالتي نظام جي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي آهي جڏهن ته ان سلسلي پيپلز پارٽي پڻ هميشه جمهوري توڙي عدالتي ادارن جي مضبوطي لاءِ جدجهد ڪندڙن جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته جڏهن ته وڪيل معاشري ۾ شعور آڻي سماجي برُاين جو خاتمو آڻي سگهن ٿا هن اهڙو اظهار خيرپور بار ڪائونسل پاران سندس مان ۾ منعقد ڪيل افطار پارٽي ۾ ڪيو. وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي هميشه عوام جي معاشي ۽ سماجي بهتري لاءِ ڪم ڪيو آهي جڏهن ته آئيني تقاضائن تحت تحت لکين بيروزگارن جي صلاحيت ۽ ضرورت مطابق روزگار سان لڳايو آهي. هن چيو ته صوبي اندر ڪوئلي جي ذخيري جي کولڻ جي ڳالهه ڪيترن سنڌ صوبي جي ترقي ڪرڻ جي مخالفن کي نٿي وڻي پر پوءِ به پيپلز پارٽي صوبي جي معاشي پروگرام کي وڌائڻ جون ڀرپور ڪوششون وٺي رهي آهي. هن چيو ته صوبي اندر 9 نيون يونيورسٽيون قائم ڪيون ويون آهن جن مان ڪجهه ميڊيڪل ۽ ڪجهه جنرل يونيورسٽيون آهن. هن چيو ته لياري جهڙي پوئتي پيل علائقن ۾ پڻ ميڊيڪل ڪاليج توڙي يونيورسٽي قائم ڪئي وئي آهي. وزير اعلى چيو ته ماضي ۾ ڪجهه سردارن ۽ وڏيرن جي سوچ نياڻين جي تعليم پرائڻ خلاف هوندي هئي پر شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀُٽو عوام کي سياسي توڙي تعليمي شعور ڏنو ۽ اڄ ڪلهه مختلف تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي مقابلي ۾ شاگردياڻين جو انگ وڌيڪ آهي. هن چيو ته صوبي جي ترقي توڙي بهتر امن امان جي صورتحال لاءِ اسان کي معاشري ۾ بهتر شعور آڻڻو پوندو جيڪو بهتر تعليم سان مشروط آهي. هن چيو ته ماضي ۾ 7 کان 9 هزار پرائمري اسڪول بند هئا هاڻي ڪيترن بند اسڪولن کي کوليو ويو آهي ۽ موجوده صوبائي حڪومت پاران پرائمري تعليم جي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون پيون وڃن. هن چيو ته استادن جو پگهارون وڌايون ويون آهن پر سندن شڪايت آهي پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر ، باٿ روم توڙي بليڪ بورڊ نه هجڻ جي شڪايت آهي اهڙين شڪايتن کي دور ڪرڻ ج لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن. وڏي وزير چيو ته پرائمري تعليم جي بهتري لاءِ عالمي بئنڪ پاران 400 ملين ڊالر ڏنا پيا وڃن جيڪي ماضي جي حڪمرانن جي نااهلي ڪري واپس ورتا ويا هئا. جڏهن پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ ان جي بهتر حڪمراني جي ڪري ساڳي رقم قسطن ذريعي ملي رهي آهي جيڪا تعليم جي معيار کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ خرچ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته يو ايس ايڊ جي تعاون سان صوبي اندر 120 جديد سهولتن وارا پرائمري اسڪول کوليا پيا وڃن تازو امريڪي سفير سان گڏ خيرپور شهر ويجهو ڪوڙو ڳوٺ ۾ اهڙي اسڪول جو سنگ بنياد پڻ رکيو ويو آهي جيڪا هڪ شاندار ۽ خوبصورت بلڊنگ ٺهي رهي آهي جنهن جي خوبصورتي ڏسي ڪري ٻار شوق سان اسڪول ۾ ايندا ۽ معياري تعليم حاصل ڪندا. وڏي وزير چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت وڌ ۾ وڌ نوڪريون ڏئي بيروزگار نوجوان کي روزگار سان لڳايو آهي جڏهن ته سنڌ رورل سپورٽ پروگرام تحت يونين ڪائونسل سطح تي غرب گهٽايو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي ۽ بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام تحت لکين غريب ۽ بي سهارا عورتن جي مالي مدد ڪئي پئي وڃي. هن چيو بينظير ڀُٽو شهيد يوٿ پروگرام تحت لکين نوجوانن کي 400 وظيفي سان مختلف هنري سکيا ڏئي روزگار لائق بڻايو پيو وڃي جڏهن ته اهڙي قسم جا پروگرام پنجاب حڪومت هاڻي شروع پئي ڪري پر پيپلز پارٽي جي حڪومت گذريل حڪومتي دور توڙي هاڻي صوبي اندر ڪيترن نوجوانن کي مختلف ٽريڊس ۾ اهڙي قسم جون هنري سکيا توڙي پئٽروليم ۽ گيس جي ايڪسپولريشن جي لاءِ نوجوانن کي سکيا ڏني وئي آهي جيڪي هاڻي روزگار سان لڳل آهن. هن چيوته ملڪ جو 65 سيڪڙو آبادي جي گذر سفر زراعت تي آهي ۽ موجوده صوبائي حڪومت پاران زراعت جي شعبي جي بهتري لاءِ پڻ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون ويون آهن ان سسلي ۾ چائنه کان چانور جي هائيبرڊ ورتو ويو آهي جيڪو لاڙڪاڻي واري پاسي آبادگارن پوکيو آهي جيڪي في ايڪڙ 80 کان 100 مڻ سارين جي اپت ڪري رهيا آهن ماضي ۾ آبادگار اهڙي قسم جي اپت جا صرف خواب ڏسندا هئا. هن چيو پيپلز پارٽي جي حڪومت هميشه زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن جي مدد ڪئي آهي ڪين حڪومتي سبسڊي تي ٽريڪٽر، ٿريشر توڙي زراعت جي ٻين جديد اوزارن جي فراهمي پڻ ڪئي وئي آهي ۽ آبادگارن جي لاءِ هن سال پڻ 7 لک روپين جي ٽريڪٽر تي 3 لک روپيه حڪومتي پاران سبسڊي ڏني پئي وڃي جڏهن ته غريب عورتن کي پيپلز پارٽي پاران 25، 25 ايڪڙ زمين پڻ ڏني پئي وڃي جڏهن ته اڄ ڪلهه زرعي زمين في ايڪڙ ڪيتري مهانگي آهي پر پوءِ به غريب عوام خاص طور تي عورتن کي معاشي ترقي ڏيارڻ جي اهڙي ڪيترائي بيشمار موقعا فراهم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سنڌ صوبي زراعت جي لحاظ کان سر سبز آهي هتان جا فصل توڙي ميوا لزيز ۽ ڏيهه توڙي پرڏيهه مشهور آهن. تازو يورپين يونين جي گڏيل طور تي مقرر ٿيل هڪ سفير سان ملاقات ٿي جنهن ٻُڌايو ته سنڌ صوبي جا انب کيس تمام گهڻا پسند آهن. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خيرپور بار ڪائونسل جي لاءِ 10 لک روپين جي مالي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو جڏهن ته پريڪٽس ڪندڙ هوشيار ويڪلن کي هر هڪ 500، 500 گز جي پلاٽ ڏيڻ جي لاءِ پڻ اعلان ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير 40 لک روپين جي لاڳت سان خيرپور ڊسٽرڪٽ بار جي بلڊنگ ڀرسان شهيد بينظير ڀُٽو ايڪسٽينشن هال جي بلڊنگ جو سنگ بنياد رکيو ويو آهي. ان موقعي تي خيرپور بار ڪائونسل جي صدر شفقت مهيسر آجياڻي تقرير ڪئي ۽ بار سان لاڳاپيل مختلف مسئلن کان آگاهي ڏني جڏهن ته ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل ڪراچي شفيع محمد چانڊيو سپريم بار ڪائونسل اسلام آباد جي صدر پاران کيس سپريم ڪائونسل بار ۾ خطاب ڪرڻ جو دعوت نامو پيش ڪيو. خيرپور ڊسٽرڪ بار ڪائونسل پاران سنڌ جي وڏي وزير جي مان ۾ منعقد ڪيل افطار پارٽي واري تقريب ۾ ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل سکر لياقت علي شر، پراسيڪيٽور جنرل شير محمد شيخ، پيپلز لائير فورم جي صدر ايڊوڪيٽ منظور حُسين لاڙڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جڏهن ته ان کان اڳ سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ پيپلز پارٽي خيرپور سٽي جي صدر ڊاڪٽر يار محمد ڦلپوٽو ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور پاران سنڌ جي وڏي وزير کي آءِ ڊي پيز جي مالي امداد لاءِ 10 لک روپين جو چيڪ پيش ڪيو. بعد م وڏي وزير سول اسپتال ۾ پنهنجي ويجهي عزيز سيد زين العابدين سان عيادت ڪئي. جڏهن ته پنج هٽي خيرپور ۾ پنهنجي استاد مرحوم حاجي محمد حداد جي وفات تي سندس ويجهي عزيز نثار احمد حداد سان تعزيت ڪئي. ان کانپوءِ وڏي وزير ڀرُڳڙي محلي۾ پيپلز پارٽي ڪارڪن عنايت علي لاڙڪ سان ملاقات ڪئي ۽ عنايت علي لاڙڪ جي تازو چوري جي واقعي جي سلسلي ۾ ايس ايس پي خيرپور عثمان غني صديقي کي چوري فوري طور تي واپس ڪرائڻ ۽ ملوث چورن کي خلاف سخت قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي وزير اعى سنڌ سان ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ، ڊي آءِ جي سکر جاويد عالم اوڍو، پوليٽيڪل سيڪريٽري لعل بخش منگي، نظر محمد ڳاهو، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺاڻي، غلام حيدر ڦلپوٽو پيپلز پارٽي جا اڳواڻ توڙي ڪارڪن ساڻس گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button