ڪراچي

ڪراچي ۾ ايڪتا جي ڏهاڙي تي ڪراچي پريس ڪلب جي اڱڻ تي ثقافتي ميڙاڪو منعقد

ڪراچي: سنڌ جي ثقافت ( ايڪتا) جو ڏهاڙو ملهائڻ جي سلسلي ۾ ڪراچي پريس ڪلب، سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ، ڪراچي يونين آف جرنسلسٽس ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنسلسٽس جي گڏيل سهڪار سان ڪراچي پريس ڪلب جي اڱڻ تي ثقافتي ميڙاڪو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌي توڙي اردو ميڊيا جي سوين اهم شخصيتن پنهنجي فيملين سان گڏ شرڪت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي سنڌ جي شاندار ثقافت ”اجرڪ۽ ٽوپي“ جا تحفا پيش ڪندي عيد جيان خوبصورت ثقافت ڏينهن ملهايو. انهيءَ موقعي تي سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ منعقد تقريب ۾ فنڪارن سنڌ ڌرتي جا گيت ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، انهيءَ موقعي تي سنڌ حڪومت جي سينيئر صوبائي وزير تعليم نثار احمد کهڙو خطاب ڪندي چيوته سنڌ جي ثقافت هزارين سالن کان شاهوڪار ثقافت آهي، جنهن ثقافت جي وارثي سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ثقافت سان پيار ڪندڙ ماڻهو آهن. سنڌ حڪومت سنڌ جي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ جي سلسلي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سنڌ جي ثقافت جو ڏينهن سموري دنيا ۾ رهندڙ سنڌين سميت سنڌ سان پيار ڪندڙ عيد ۽ ٻين خوشين وارن ڏهاڙي جيان ملهائي پنهنجي ڌرتي ۽ ٻولي سان ڀرپور پيار جو اظهار ڪن ٿا. ملڪ جي سموريون ٻوليون ڳالهائندڙ ۽ پنهنجي پنهنجي ثقافت جي وارثي ڪرڻ جو ڀرپور حق حاصل آهي. سينيٽر سعيد غني چيو ته سنڌ جي ثقافت اجرڪ ٽوپي جي مٿان جڏهن حملو ڪيو ويو تڏهن کان وٺي اجرڪ ۽ ٽوپي ثقافت جو هي ڏينهن سنڌ واسين لاءِ عيد جو هڪڙو ڏينهن آهي. سينيٽر سليم ضياءَ چيو ته سنڌ جي اندر سمورا ماڻهو جيڪا به ٻولي ڳالهايون ٿا سنڌ جي ثقافت سان پيار ڪندڙ آهيون. اڳوڻي صوبائي وزير حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ سان محبت جو اظهار ڪرڻ هر سنڌ واسي مٿان فرض آهي، جنهن به سنڌ سان غداري ڪئي آهي انهن جو اڄ دنيا ۾ نالو ۽ نشان به مٽجي چڪو آهي. اڳوڻي ايم اين اي گل محمد جکراڻي چيوته سنڌ جا سياستدان توڙي ۽ هر مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ هر هڪ ماڻهو پنهنجي ڌرتي امڙ جي ٻولي سان پيار ڪندڙ آهي. سنڌ ڌرتي اسان جي ماءُ آهي. اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري نديم ڀٽو چيوته ڪراچي ۾ سنڌ جي ثقافت جو ڏينهن جي موقعي تي ماڻهن جو سمنڊ اٿي پوڻ سان ظاهر آهي ته سنڌ جاڳي پئي.ايم پي اي سورٺ ٿيٻوچيوته سنڌ جو ڏينهن بنا ڪنهن فرق جي اسان سڀئي گڏجي ملهائيندا آهيون، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنسلسٽس جي سيڪريٽري جنرل خورشيد عباسي چيو ته صحافين ۽ فنڪارن طرفان سنڌ سان هميشه عشق جو اظهار ڪيو ويو آهي. اڄوڪو هي گڏيل پروگرام ان جي شاهدي آهي. سنڌ فنڪار ويلفير ٽرسٽ جي مرڪزي چيئرمين حميد ڀٽو چيو ته سنڌ سان نمڪ حرامي ڪندڙ ماڻهو غدار آهن۽ غدارن کي سنڌ ڌرتي تي رهڻ جو ڪوبه حق ناهي. سنڌ جي فنڪارن هميشه ڌرتي جا گيت ڳائي ڌرتي دنيا ڏانهن امن، آشتي ۽ شاندار ثقافت جو پيغام ڏيڻ جو ڪوشش ڪئي آهي. انهيءَ موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر شفقت عباسي، سني تحريڪ جي سربراهه ثروت قادري، ڪراچي پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري اي ايڇ خانزاده، ڪراچي يونين آف جرنسلسٽس جي صدر امتياز فاران، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جي صدر پروفيسر اعجاز فاروقي، جنرل سيڪريٽري محمد احمد شاهه، پاڪستان برانڊ ايوارڊ جي چيف ايگزيڪيٽو راشد عالم، پاڪستان نيشنل آرٽس فورم جي چيئرمين فيصل نديم، ڊاڪٽر نذير ڪلهوڙو، محمد رمضان اعواڻ، عبدالعليم لاشاري، گنهور خان لغاري، عبدالقادر منگي، ادل سومرو، فداحسين ڍڪڻ، خورشيد تنوير، عظيم ميان، نواب قريشي، انور اقبال، عادل عباسي، خير محمد جوڻو، نسرين چانڊيو، امتياز مير، شهزاد شاهه جيلاني، ارباب چانڊيو، لياقت ڪشميري، لياقت مغل، ارشاد کوکر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو انهيءَ موقعي تي نالي واري راڳي بادل راهي، عبدالله آڪاش، ڪنول تاج، ممتاز رڏ، يوسف نوابشاهي، ڪيپٽن خالد، ايم افراهيم، جي آر ساگر گيت ڳايا ۽ نالي وارن اداڪارن علي گل ملاح، سهراب سومرو، نسرين ناز، ريحانه کوکر، محموده لاکو، مظفر بلوچ ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button